پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ افغاني پٺاڻن کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف جسقم جو پيادل مارچ

خيیرپور: خيرپور ۾ افغاني پٺاڻن کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، آصف رضا مگسي، اياز ڪورائي، راجا الطاف شر، منور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاھه حسين با پاس کان ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ڪري ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ افغانين کي زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل سنڌ جي وجود خلاف آهي، خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر به افغانين کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪري ڏني آهي. ھن وڌيڪ چيو ته افغاني پٺاڻن کي غيرقانوني الاٽ ٿيل زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري کاتا اصل مالڪن کي واپس ڏنا وڃن. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي فاطمه ڦرڙو جي قتل، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ اصغر کنڊ جي قتل سان انصاف جي گهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين سان ناانصافين، قتل ۽ اغوائن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ھوڏانھن ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان ڊي سي رابطو ڪيو، جنهن کان پو ڊي سي جو وفد پهتو. وفد کين يقين ڏياريو ته افغانين پٺاڻن کي زمين الاٽ ڪرڻ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ جسقم اڳواڻن ۽ کاتيدار ماڻهن سان گڏجي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري مسئلو حل ڪيو ويندو، سرڪاري زمين تي افغانين جي والار کي به روڪيو ويندو، اهو سمورو عمل هڪ هفتي اندر پورو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button