پاڪستانخيبرپختونخوا

بٽگرام ۾ شاگردن سميت 8 ڄڻا 16 ڪلاڪ چيئر لفٽ ۾ ڦاسي پيا, سڀني کي ريسڪيو آپريشن ۾ بچايو ويو

پشاور: خيبرپختونخوا جي علائقي بٽگرام ۾ پاشتو جي چيئر لفٽ ٻه ڪيبلز ٽٽي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا لفٽ ۾ ڦاسي پيا، جن مان 16 ڪلاڪ جي ڊگهي آپريشن دوران سڀني کي محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو. هيليڪاپٽر ذريعي ٻن ٻارن کي ريسڪيو ڪرڻ بعد زمين تان آپريشن شروع ڪيو ويو، هيليڪاپٽر ريسڪيو آپريشن رات ۽ موسم خراب ٿيڻ سبب روڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن متبادل طريقن سان جاري رکيو ويو، ساڳي تار تي هڪ ٻي ننڍڙي ڏولي کي متاثر ڏولي جي ويجهو موڪلي متاثرن کي کاڌي پيتي جو سامان پهچايو ويو، پاڪ فوج آپريشن لاءِ اترين علائقن مان مقامي ڪيبل ڪراسنگ ماهرن کي آندو، جڏهن ته آپريشن لاءِ ڪيبل ڪراسنگ جي ماهرن جون خدمتون ورتيون ويون.

پاشتو وٽ چيئر لفٽ جو ڪيبل ٽٽڻ سبب 6 اسڪولي ٻارڙن سميت 8 ڄڻا 900 فوٽ اونچائي تي ڦاسي پيا، ٻارڙا صبح 7 وڳي چيئر لفٽ ذريعي پنهنجي اسڪول وڃي رهيا هئا ته لفٽ جا ٽن مان 2 ڪيبلز ٽٽي پيون ۽ چيئر لفٽ 900 فٽ جي اوچائي تي ڦاسي پئي، جن کي 16 ڪلاڪن جي ڊگهي آپريشن کانپو ابرار، اسامه، عطا الله، عرفان، نياز محمد، رضوان، گل فراز ۽ شير نواز کي ريسڪيو ڪيو ويو. ان کان اڳ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شخص گل فراز ٻڌايو ته صبح 6 وڳي چيئر لفٽ ۾ 6 ٻار ۽ 2 ڄڻا سوار هئا، صبح 7 وڳي چيئر لفٽ هڪ ميل اڳيان وڌي ته هڪ ڪيبل ٽٽي ۽ پوءِ ٻي به ڪيبل ٽٽي پئي، چيئر لفٽ ۾ 8 ڄڻا موجود هئا، ان ۾ سوار ٻارن جي عمر 10 کان 13 سالن جي وچ ۾ هئي.

چيئر لفٽ ۾ هڪ ڇوڪرو ڪيترائي ڪلاڪ بيهوش ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جي ماهرن جي ٽيم به حصو ورتو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي انتهائي خطرناڪ آپريشن هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي پوري قوت سان حصو ورتو. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ حفاظتي معيار تي پورو نه لهندڙ خراب چيئر لفٽ کي فوري طور بند ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون آهن. نگران وزيراعظم جبل وارن علائقن ۾ اهڙين سمورن چيئر لفٽن تي حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button