اسلام آبادپاڪستان

22 گريڊ جي آفيسر صدر جي سيڪريٽري بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد :صدر عارف علوي طرفان نامزد ڪيل 22 هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد سيڪريٽري بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. صدر جي سيڪريٽري جي مقرري جو معاملو نئون رُخ اختيار ڪري ورتو، صدر طرفان نامزد ڪيل حميرا احمد صدر جي سيڪريٽري بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. قومي ورثي واري وزارت جي سيڪريٽري حميرا احمد سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته موجوده حالتن ۾ اهڙو ڪو عهدو نٿي رکي سگهان، ڪنهن تڪراري عمل جو حصو نٿي بڻجڻ چاهيان. حميرا احمد جي معذرت کانپوءِ نگران حڪومت ٻئي آپشن تي غور شروع ڪري ڇڏيو ۽ 22 هين گريڊ جي ٽن آفيسرن جا نالا اليڪشن ڪميشن ۽ صدر کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ آفيسرن جو پئنل صدر کي موڪليو ويندو، جن مان عارف علوي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري سگهندو ۽ پوءِ اليڪشن ڪميشن مقرري جي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب نگران حڪومت وٽ اليڪشن ڪميشن جي منظوري بنا مقرري ۽ بدلي جو ڪو اختيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button