ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چنڊ جو سفر ۽ سائنسي ترقي

سائنس جي ترقي هر نئين ڏينهن انسان کي حيران ڪري رهي آهي، دنيا جا سڌريل ملڪ سائنس جي ميدان ۾ ۾ نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي معاشي بحران مان اًڃا ٻاهر نه نڪتو آهي. سماجي پسماندگي اسان پنهنجي تعليمي ادارن ۾ ئي ڏسون سگهون ٿا. جهڙو نصاب ۽ تعليمي سرگرمي هوندي ان ملڪ جي سائنس به اوتري ترقي يافته هوندي. سماج ۾ نظرياتي ۽ سائنسي اوسر نه هجڻ جي ڪري سماج ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعا به انسان کي هڪ سٺو ماڻهو ٺاهڻ بدران هڪ نفسياتي مريض بڻائي رهيا آهن. جنهن جو اهم گواهه پاڪستان ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسند، قتل غارت ۽ ٻارڙين سان ريپ ڪيس جا واقعا آهن.
هڪ هفتي تائين سماج ۾ ڦهليل هڪ قهري واردات پنهنجي جا تي موجود هوندي آهي ته پٺيان واري انسان کي چريو ڪندڙ ڪو اهڙُو واقعو ٿي ويندو آهي، جنهن سان انساني تاريخ به شرمسار به پئي ٿيندي آهي. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ دنيا جا ٻيا ملڪ مسلسل سائنسي ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهن. ٻين ملڪن جي ٽيڪنالاجي اسان استعمال ڪرڻ لا خريد ڪرڻ جي سگهه به نٿا رکون.
دنيا ۾ 20هين صديءَ کان پو مسلسل سائنسدان هڪ نئين ڳولا ۾ رهيا آهن. اها ڳولا ۽ سائنس جي جستجو گهٽ نه ٿي آهي. جنهن انسان کي ترقيءَ جي اعلى بلندين تي به پهچايو آهي. 20هين صديءَ جي گذرڻ کان پُوءِ 21هين صديءَ جي شروعات وقت ئي سائنس جي ميدان ۾ وڏا وڏا تجربا ٿيا. جنهن جي بدولت هڪ ڪمري ۽ گهر جيتري جگهه والاريندڙ ڪمپيوٽر هن وقت اسان جي پينٽ ۽ قميض جي کيسي ۾ موبائل جي صورت ۾ پيو آهي. چون ٿا ته شروعاتي ڪمپيوٽرن وانگر، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيمرا تمام گھڻي جا والاريندي هئي پر اڄ اسان جي سمارٽ فون ۾ هڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪئميرا موجود آهن. اڳ ۾ ڪلو بائيٽس به وڏا هوندا هئا. اڄ اسان جي موبائل فون ۾ گيگا بائيٽس جي ميموري موجود آهي، جيڪا ڪلو بائيٽ کان لکين ڀيرا وڌيڪ آهي. تصويرون ڪڍڻ واري ڊوڙ ۾ اڳ ۾ خلائي جهازن ۾ لڳل ڪئميرائون به ڪي ننڍيون نه هونديون هيون.
تازو بي بي سيءَ جي هڪ صحافي رپورٽ ڪيو آهي ته پهرين ڊجيٽل ڪئميرا 1975ع ۾ ڪوڊڪ ڪمپني پاران تيار ڪئي وئي هئي، پر ڊجيٽل فوٽوگرافيءَ تي تحقيق 1960ع ۾ ناسا جي جيٽ پروپلشن ليبارٽريءَ جي پي ايل ۾ شروع ٿي. هڪ تصوير ڪڍڻ وقت، فريم کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جيڪو وري مختلف فوٽو سينسرز کي ماريندو آهي، جيڪي هڪ ڊجيٽل تصوير ٺاهين ٿا. جنهن کي اڳيان هلي پڪسل جو نالو ڏنو ويو. هيءَ سڄي ٽيڪنالاجي خلا ۾ موڪليل مشن جي بدولت ئي ممڪن بڻي. اڳ ۾ آمريڪا، روس ۽ چين ئي خلا ۾ پنهنجي سيٽلائيٽ ۽ مشن موڪلڻ جي ڊوڙ ۾ شامل هوندا هئا. روس ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ طويل سرد جنگ دوران ٻنهي ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي مهارت پئي ڏيکاري. ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنالاجي وڌ کان وڌ مٿي سفر پئي ڪيو. هن وقت انڊيا به خلائي جهاز چنڊ تي موڪلي چوٿين ملڪ طور شامل ٿي ويو آهي.
انڊيا جو خلائي جهاز چندريان ٿري:
چندريان ٿريءَ جي چنڊ تي لهڻ سان ئي ڀارت روس، آمريڪا ۽ چين کان پوءِ چنڊ تي لينڊ ڪرڻ وارو چوٿون ملڪ بڻجي ويو آهي، عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٻن ناڪامين کان پوءِ ڀارت جو ٽيون خلائي مشن چنڊ تي لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڀارت جو چندريان ٿري 14 جولاءِ تي چنڊ ڏانهن روانو ٿيو هو، 40 ڏينهن کان پو چنڊ تي لينڊ ڪرڻ جا منظر ڏسڻ ۽ ڪمپنيءَ جي حوصلا افزائيءَ لاءِ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، سڀني تاڙيون وڄايون ۽ آ ايس آر او ٽيم کي مبارڪون ڏنيون پئي. ان کان سوا اهي تاريخي منظر اسپرو جي ويب سائيٽ تي سڄي ملڪ ۾ لائيو نشر ڪري ڏيکاريا پئي ويا. اسڪولن، چوڪن ۽ بازارن ۾ لڳل اسڪرينن تي هزارين ماڻهن اهي منظر ڏٺا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن وقت ڏکڻ آفريقا ۾ جاري برڪس سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي پر هن به آن لائين تقريب ۾ شرڪت ڪري خلائي مشن جي چنڊ تي لينڊ ڪرڻ جا منظر ڏٺا، ان کان اڳ ڀارت جا چنڊ تي پهچڻ وارا ٻه مشن ناڪام ٿي ويا هئا. هن خلائي جهاز جي اڳتي جي سفر جي ڪهاڻي به سامهون اچڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button