ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگي بجلي وڌيڪ مهانگي

ملڪ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جي حڪومت هجي پر اها عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. گذريل هڪ سال ۾ جيڪا مهانگائيءَ جي مار عوام کي ملي آهي، اها عوام هاڻ وڌيڪ سهي نٿو سگهي پر تنهن هوندي به چونڊيل نمائندا هر شعبي ۾ مهانگائي ڪندا پيا وڃن. ڪڏهن پيٽرول مهانگو، ڪڏهن گئس جا اگهه وڌايا ٿا وڃن ته ڪڏهن ته وري بجلي مهانگي ڪئي ويندي آهي. ملڪ ۾ وڌيڪ قرض جو بار به لهڻ جو نالو ڪونه پيو وٺي. اها عجيب ڳالهه آهي ته قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض ورتو پيو وڃي. نتيجي ۾ عوام لاءِ رڳو مهانگائي مٿان مهانگائي آهي. جنهنڪري عوام لاءِ سک جو ساهه کڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. گذريل هڪ مهيني ۾ پيٽرول جا اگهه تقريبن 40 رپيا في ليٽر تائين وڌايا ويا آهن. هاڻ وري بجليءَ جون قيمتون وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بجليءَ جو في يونٽ لڳ ڀڳ 50 روپين تائين وڃي پهتو آهي. آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن کان پوءِ عوام مٿان جيڪي مهانگائيءَ جا بار وڌا ويا آهن، ان کان پوءِ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ عوام لاءِ جيئڻ سان سڀئي گس بند ٿي ويا آهن.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. . نيپرا ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي لاءِ بجلي 5 روپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني. منظوري سال 2022-23 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي. بجلي مهانگي ٿيڻ جو اطلاق لائف لائين ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو. نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ بابت شنوائي جو فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو. حتمي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪندي. شنوائي دوران نيپرا جي ميمبر رفيق شيخ چيو ته دعا ڪريو الله بهتر ڪري، صارفين جيان اسان به بل ادا ڪندا آهيون. هاڻ جڏهن بجلي في يونٽ 5 رپيا 40 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي ته هڪ مڊل ڪلاس يا غريب ماڻهو جي پگهار جو وڏو حصو ته بل ڏيڻ ۾ هليو ويندو. جيڪڏهن هو هزارين رپيا بل جي مد ۾ ڏئي ڇڏيندو ته پوءِ پنهنجي روزمره جي زندگيءَ جا ٻيا خرچ هو ڪهڙي ريت پورا ڪندو. تنهنڪري حڪومت کي اهو سوچڻ گهرجي ته اها عوام تي ڳرا ٽيڪس مڙهي ۽ مهانگائي ڪري ان کي مارڻ ٿي چاهي. عوام هن وقت ته ٻن ويلن جي ماني نٿو کائي سگهي. ڇاڪاڻ ته ان کي اٽو ئي 170 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي. بجلي مهانگي ٿيڻ سان رڳو عوام بجليءَ جي بل جي مد ۾ پئسا ڪونه ڀريندو آهي پر ان سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿي وينديون آهن.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ حڪومت به عوام جي سيني تي مڱ ڏري رهي آهي. جنهن وٽ عوام کي عذاب ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. ايندڙ وقت به نگران حڪمران عوام مٿان مهانگائيءَ جون ڇپون ڪرائيندا رهندا ۽ اهي ڇپون ڪرندي ئي عوام جون رڙيون نڪري وينديون آهن. اسين سمجهون ٿا ته عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو بندوبست ڪيو وڃي. ان جي زندگي آسان ڪرڻ لاءِ مهانگيءَ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. حڪمران پنهنجا شاهي خرچ گهٽائي عوام لاءِ جيئڻ جو رستو ٺاهين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button