پاڪستانسنڌ

حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ وين سان جهرڪ ويجهو خوفناڪ حادثو، 7 مسافر فوت، 15 زخمي

حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ وين جو جهرڪ ويجهو ٽرڪ سان خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت ۽ ڪوٽڙي واسي ڊرائيور سميت 7 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ راحيلا ڀٽو سميت 15 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جهرڪ جي اسپتال ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري زخمي ڪيتري ئي دير تائين تڙپندا رهيا. تفصيل موجب حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ مسافر وين جهرڪ ويجهو بسم الله چوڪ وٽ سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ستن مسافرن لا اهو سفر زندگي جو آخري سفر ثابت ٿيو. حادثي جو شڪار وين ۾ سوار شھدادڪوٽ واسي 25 ورهين جو نادر علي بروهي، ڪوٽڙي واسي وين ڊرائيور 33 ورهين جو غلام حسين ميمڻ، 56 ورهين جو سونڊا واسي مختيار علي، لوڌران (پنجاب) واسي 17 ورهين جو محمد علي، نيشنل بئنڪ مڪلي ۾ آپريشنل مئنيجر طور ڪم ڪندڙ 55 ورهين جو حيدرآباد واسي ذوالفقار علي راڄپر، غلام الله واسي مختيار علي ۽ حاجران ڌيءُ سلمان راھوجو دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته زخمين ۾ ڊيرا غازي خان واسي نورجهان زال مختيار، قومي عوامي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيلا ڌيءُ ڪامريڊ رب ڏنو ڀٽو، سجاول واسي غلام مصطفيٰ پٽ محمد حسين جوڻيجو، حيدرآباد جي عزيزا ڌي محمد ابراهيم، لوڌران واسي صابر علي پٽ غلام مصطفيٰ، نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ عبداستار پٽ محمد موسيٰ کوسو، دادو واسي شعبان پٽ ولد غلام علي دادو، صادق جو رهواسي قربان علي پٽ اقبال، خيرپور جو سڪندر پٽ محمد مٺل ملاح، ڪريم بخش پٽ صدرالدين خواجا ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي جھرڪ اسپتال، سول اسپتال مڪلي، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪري سول اسپتال مڪلي ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي، جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو، جڏھن ته فوتين جا لاش پڻ اسپتال منتقل ڪرڻ بعد ضروري ڪاروائي کانپو لاش گھرن ڏانھن روانا ڪيا ويا آھن، بروقت ايمبولينس سروس ۽ ريسڪيو ٽيمون نه پهچڻ ڪري زخمي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا، جن کي مقامي ماڻھن ريسڪيو ڪري مختلف اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو، روڊ حادثي سبب مسافر وين مڪمل طور تباھه ٿي وئي ۽ ٽرڪ جو ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جھرڪ پوليس ٻنھي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. هوڏانهن حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل سنڌياڻي تحريڪ/ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ راحيلا ڀٽو جنھن کي ٽراما سينٽر ڪراچي ريفر ڪيو ويو هو، اتي سندس حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي. وين ۽ ٽرڪ ۾ حادثي سبب فوت ٿيل 7 مسافرن ۾ هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، مختيار علي نالي مسافر جي سڃاڻپ ڪارڊ تي پتو ته سونڊا ڀرسان ڳوٺ غلام ٺينگا جو لکيل آھي پر اتي جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ان نالي وارو ۽ اهو فوتي اسان جي ڳوٺ جو رهواسي ناهي. تنهن ڪري سندس لاش جهرڪ اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ پيل آھي. اسپتال انتظاميا طرفان فوتي جي سڃاڻپ ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف جهرڪ جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ايم اسماعيل دل، غلام شفيع سمون، عبدالله ٻٻر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد- ٺٽو روڊ تي هن اهم ۽ مصروف بسم الله چوڪ تي اسپيڊ بريڪر نه هئڻ ڪري تيز رفتاري سبب اڪثر حادثا ٿيندا رهن ٿا، جنهنڪري ڪئين قيمتي جانيون ضايع ٿينديون رهيون آھن. هن چيو ته رورل هيلٿ سينٽر جهرڪ ۾ علاج جون سهولتون ۽ ايمبولينس موجود ناهي، جنهن سبب ڪيترائي زخمي تڙپي تڙپي جانيون ڏين ٿا، اڄوڪي حادثي ۾ پڻ شروعاتي طور 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿيا هئا پر سهولتون ۽ ايمبولينس نه هئڻ ڪري وڌيڪ 2 ٻيا مسافر زندگي جي بازي هارائي ويٺا ۽ باقي زخمي تڙپندا رهيا جن کي گهڻي وقت بعد ٺٽي مان آيل ايمبولينسن ذريعي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button