ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رياست ڇا ٿي سوچي؟

فاطمه سانحي جو ڪيس اڃان شروعاتي مرحلي مان گذري پيو. راڻيپور جي پيرن جو ان ڪيس جي متعلق رويو اسان جي اڳيان ته ايندو ئي ٿو وڃي پر انهن جي حمايتن، مريدن، سان گڏوگڏ ميڊيا ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جا ويڊيو بيان سوشل ميڊيا ۾ گردش پيا ڪن جنهن ۾ مريد ته مظلوم فاطمه کي لتاڙيندي پنهنجا همدردانه ۽ وفاداري جا بيان ۽ ڪجھه ميڙ ڪري چون پيا ته هي فاطمه سانحو ڪا به سچائي نٿو رکي بس هن ڇوڪري جو موت بيماري ۽ قدرتي سبب جي ڪري ٿيو آهي پر هي پهريون ڀيرو ڌاڙيلن طرفان ڌمڪي وارو بيان اسان ٻڌون پيا جو ڌاڙيل الزام ۾ آيل پير کي بيگناھه چوندي گھوٽڪي جي ايس پي کي ڌمڪي ڏيندي چون ٿا ته ” جيڪڏهن فاطمه ڪيس ۾ پيرن کي تڪليف آئي يا جوابدار نه ڇڏيو ويو ۽ کيس سزا آئي ته پوءِ هو راڪيٽ لانچرن سان مين روڊن تي حملا ڪندا راڪيٽ لانچر ئي پوليس کي جواب ڏيندا. فاطمه جو موت بيماري سبب ٿيو آهي پير تي ڪوڙو الزام هنيو ٿو وڃي.”
هنن ان بيان سان گڏوگڏ سڌي طرح فاطمه جي غريب ۽ مسڪين خاندان کي به ڌمڪي ڏني آهي انهن ڌمڪين کان پوءِ هي باآساني سمجھي سگھجي ٿو ته پيرن جا سڌا تعلق ڪنهن سان آهن ۽ ڪيترا آهن اخلاقي ۽ اصولي طرح ته ائين ٿيڻ گھربو هو ته راڻيپور جا مين گادي نشين پاڻ کي اڻ ڌريو ڪري ۽ پوليس سان سهڪار ڪرڻ جو اعلان ڪن ها ۽ سنڌ جي عوام کي اهو چون ها ته اسان معصوم نياڻيءَ جي موت تي اوتروئي رنجيده آهيون جيترو ان جو خاندان ۽ ٻيا آهن جي اسان جي خاندان جي فرد گناهھ ڪيو آهي ته هن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو ۽ نه وري ڏوھه بخشرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ليڪن اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ جي ابتڙ اهي ئي تڪبري رويا سامهون اچن پيا ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ هنن جي گناھه کي گناھه چوڻ خود وڏي ۾ وڏو گناھه آهي.
تاريخ ۾ درگاهن جو ڪردار ته اسان جي اڳيان واضح ۽ چٽو آهي پر هاڻي يعني اڄ جي جديد دور ۾ اهي درگاهون ۽ گاديون صرف ۽ صرف استحصال، جبر، ڏاڍ ۽ توهم پرستي جا خطرناڪ هٿيار بڻجي چڪيون آهن، پاڻ اها اميد انهن گادي نشينن مان نٿا رکون ته هو عوام جي خدمت ڪن يا عوام دوستي جو ڪردار ادا ڪن. ليڪن پاڻ هن رياست کان اهو حق گھرون ٿا ته جڏهن ڪي فرد يا گروھه عوام جو روحاني استحصال ڪري روحانيت کي يعني روحاني تعليمات کي ڪاروبار ۾ بدلائن ته رياست کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
جڏهن درگاهون ۽ حويليون جبر ۽ ظلم جا داستان رقم ڪرڻ شروع ڪن ته انهيءَ تي سڀ کان پهريان ڪروڌ ۽ ڪاوڙ رياست جي ادارن کي اچڻ گھرجي يعني رياست کي اڳتي وڌي ڪري ان پيري مريدي جي ڪاروبار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ۽ ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ڇو ته رياست پنهنجي قانون جي رڳو نگهبان ناهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ پابند به آهي.
رياست جا ادارا ئي رياست جي بقا جي علامت هوندا آهن پوليس جو ادارو رڳو چوڪيداري ٽولو ناهي پر عوام کي تحفظ سان گڏوگڏ انصاف ڏيارڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ادارو هجڻ کپي ۽ جڏهن ڏوهاري کلي عام پوليس کي خوفزده ڪن، ان کي ڌمڪيون ڏين، فردن جون ويڊيون ڀري اداري کي بليڪ ميل ڪن ته پوءِ رياست جي لاءِ اهو انتهائي لمحه فڪر هجڻ گھرجي ۽ رياست کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
فاطمه کي انصاف ملي ٿو يا نه ۽ اهڙن ٻين سوين هزارين مظلوم ماڻهن کي رياست انصاف پلي ۾ وجھي ٿي يا انصاف ڏياريو آهي اهو اسان جي آڏو ته ڪردار چٽو ۽ صاف آهي پر هي سوال رياست کان خود آهي ته هو هن لوفر انارڪي تي ڇا پئي سوچي ۽ ان جو ڪردار ڪهڙو هوندو پاڻ سمجھون ته ٺيڪ ٿا پر نتيجو ڪهڙو اڳيان ايندو ليڪن پوءِ به هڪ اميد ۽ خواهش اهائي آهي ته رياست کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن هنن معاملن کي يعني ڌمڪين ڦرمار، تشدد ۽ قتل جي سانحن کي نظر انداز ڪيو ويو ته انهيءَ جا نتيجا خود رياست جي لاءِ انتهائي خوفناڪ هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button