ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي پرڏيهه اڏامڻ لاءِ نئون يوٽرن!

هي ڳالهه واضح طور تي ٻڌي پئي وڃي ته اڄ يا سڀاڻي، عمران خان پرڏيهه اڏام ڪندو، ان حوالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه مان عدالتن توڙي اسٽيبلشمنٽ تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿيندي نظر اچن پيون. هي ساڳيو عمران خان آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ڪيس معطل ڪري پرڏيهه وڃڻ وارين ڳالهين جي هي چئي مخالفت ڪندو هو ته “ڪو پنهنجو گهر ڇڏي ويندو آهي ڇا؟، پر شايد ان معاملي تي يوٽرن ورتو ويو آهي، يا وري اهڙيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. عمران خان جون ڀينرون هاڻ به ميڊيا اڳيان هي موقف ورجائي رهيون هيون ته سندن ڀاءَ پرڏيهه نه ويندو،جنهن مان لڳو پئي ته عمران خان جي ڀينرن کان وڌيڪ بشريٰ بي بي اپ ڊيٽ هئي، جنهن پنهنجي مڙس کي جان جو شديد خطرو ظاهر ڪرڻ لاءِ وڪيل حامد خان جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ خط جي صورت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي ته عمران خان کي بچايو وڃي. بشريٰ بي بي جي خط مان ظاهر ٿيو ته سندس مڙس جو وزن تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، ان کان اڳ ۾ هي به چيو ويو ته شايد اڳوڻي وزير اعظم کي زهر ڏنو پيو وڃي. هي خدشا شايد انڪري به ظاهر ڪيا پيا وڃن ته جيل ۾ عمران خان کي گهر جي کاڌي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، پر کيس کاڌو ڏيڻ کان اڳ ٽي ڊاڪٽر چيڪنگ ڪن ٿا.
عمران خان ڏيهه ۾ ئي رهندو يا سندس سهولتڪاري ڪندي، پرڏيهه موڪلڻ جو بندوبست ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻين جي به اهائي خواهش رهي آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ نه صرف عمران خان مائنس هجي پر ان جي پارٽي کي به پاسيرو ڪيو ويندو. پارٽي پوزيشن مان سمجهي سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ فنڪشنل نه رهي آهي. هيل تائين جيڪي ظاهر ۽ ڳجهه ۾ قدم کنيا ويا آهن، انهن ذريعي عمران خان کي پيغام پهچي ويو آهي ته موجوده سياسي نظام ۾ هن جي گنجائش ناهي. عام چونڊن جي ملتوي ٿيڻ يا اليڪشن جو معاملو اڳتي وٺي وڃڻ پٺيان به ساڳي سوچ نظر اچي ٿي. اصولي طور تي ڪنهن به سياسي پارٽي، ان جي اڳواڻ يا ڪارڪنن کي سياسي سرگرميون ڪرڻ کان روڪڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو آئين ۽ قانون اهو ئي چئي ٿو، پر طاقتورن لاءِ ملڪ جو آئين هميشه ڪاغذ جا ٽڪرا رهيو آهي، جن کي ڦاڙي ڦٽو ڪندا رهيا آهن. انهن جي اهڙي حرڪت جي سزا به ساڳي ئي آئين ۾ درج آهي، پر اهڙي ڪهڙي حڪومت آهي، جيڪا جرئت ڪري آئين سان کلواڙ ڪندڙن کي سزا ٻڌائي؟
هن ملڪ ۾ عام طور تي آمريڪي “مداخلت” جو سياسي تبديلين پٺيان وڏو هٿ رهيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد ۾ موجود آمريڪي سفير گهڻو سرگرم نظر اچي ٿو. هن پهريان چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ ان کانپوءِ نگران وزير اعظم سان مليو، باقي هن ظاهر يا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪنهن سان ملاقاتون ڪيون، هي راز آهي، جيڪو فاش نه ٿيو آهي. جاري ڪيل پڌرائين ۾ رڳو ايترو چيو پيو وڃي ته آمريڪي سفير ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان سان گڏ هو اهو به چئي رهيو آهي ته مستقبل ۾ جيڪا به حڪومت هوندي، ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
ڪي حلقا چون ٿا ته آمريڪي سفير جي ملاقاتن جو مقصد به هي آهي ته اعليٰ عهديدارن سان ملي ڪري هي اندازو لڳائي سگهجي ته عمران خان جي سياسي نظام ۾ ڪيتري گنجائش آهي. آمريڪي پروجيڪٽ تحت جيڪڏهن عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي وئي يا ان جي پارٽي کي اڪثريت ملي ته آمريڪا ان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، توڙي جو اهو آمريڪي مبينا سازش جو سائفر ڊرامو هو، جنهن ذريعي عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. حقيقت ۾ آمريڪا کي عمران خان جي حڪومت مان ڪوبه خطرو نه هو، شڪايتون ضرور هيون، اهي ساڳيون شڪايتون، واڳ ڌڻين کان به هيون، جن گڏجي ملڪ جي سيڪيورٽي سان گڏ عالمي سطح تي ڪيترن ئي خطرن لاءِ رستو صاف ڪيو هو. وڏو خطرو اهي ويڙهاڪ آهن، جن کي افغانستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن مان واپس آڻي، پاڪستان ۾ ٻيهرآباد ڪيو ويو هو. هينئر اهي ويڙهاڪ اسٽيبلشمنٽ ۽ سياسي مخالفن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، انهن مان آمريڪي مفادن کي به خطرو آهي.
آمريڪي ظاهري طور پنهنجي کل بچائڻ لاءِ هي راڳ الاپين ٿا ته پاڪستان ۾ جلد چونڊون ٿين، ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته انهن عام چونڊون ڪرائي جمهوري عمل کي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. باقي آمريڪين جا مستقل مفاد، سياسي ڌرين کان وڌيڪ واڳ ڌڻين سان جڙيل آهن ۽ انهن انڪل سام کي ڪڏهن پٺي نه ڏني آهي. آمريڪين جي سوچ جي ويجهو ملڪ جي اعليٰ عدالت به نظر اچي ٿي. انڪري اها جيئن ماضي ۾ نواز شريف خلاف مانيٽرنگ بينچ ٺاهي پٺيان پئي هئي، هاڻ ساڳي انداز سان عمران خان کي وري ريسڪيو ڪرڻ گهري ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي سزا جي خلاف اپيلن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو مقصد هي بيان ڪيو پيو وڃي ته اعليٰ عدالت دٻاءَ ذريعي عمران خان جي حق ۾ فيصلو ڪرائڻ گهري ٿي.
هينئر، جيڪي آمريڪين توڙي عدليا جو ذهن پڙهي سگهن ٿا، اهي ان نتيجي تي پهتل آهن ته هيل تائين عمران خان جون سزائون معطل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ته ڪيون ويون، پر اڳوڻو وزير اعظم هڪ ڪيس مان آجو ٿيندو ته ان کي ٻئي ۾ سوگهو ڪيو ويندو. جنهن ڪيس ۾ کيس سزا ملي آهي، ان کان وڌيڪ سنگين ڪيس انتظار ڪري رهيا آهن. سائفر وارو معاملو رڳو عمران خان کي نه ٻوڙيندو پر ان جي پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به خطري هيٺ آهن. انڪري ڪيسن جي هلڻ ۾ ڪوبه رنڊڪ وجهي نٿو سگهي. لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت به عمران خان جي گرفتاري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان سان گڏ هن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هليو ويو ته ڪابه رنڊڪ ناهي، اهڙي صورتحال ۾ معاملو وڌيڪ الجهي ويندو. حسان نيازي پهريان ئي فوجي اختيارين حوالي ٿي چڪو آهي ۽ ان جي پارٽي جو ايستائين جو عورتون به خطري هيٺ آهن. انڪري عمران خان کي ڪيسن مان آجو ڪرائڻ آسان ناهي، ايترو ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا ۽ عدليا گڏجي کيس پرڏيهه موڪلي سگهن ٿا. عمران خان جي بيماري اهم ڪردار ادا ڪندي. نوازشريف ۽ عمران خان جي پرڏيهه روانگي ۾ فرق هي هوندو ته ن ليگ جي سربراهه لاءِ اسٽيبلشمنٽ ۾ سافٽ ڪارنر هو، پر عمران خان لاءِ نظر نٿو اچي. جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ نه به چاهي، ڇا پي ٽي آءِ جو چيئرمين پرڏيهه هليو ويندو؟ ان سوال جو جواب تڏهن ئي ملندو، جڏهن عمران خان جي پرڏيهه روانگي لاءِ رستو صاف ٿيندو، ممڪن آهي ته واڳ ڌڻي، پنهنجي چيف تي زور ڀرين ته هن کي وڃڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته عمران خان جي چونڊن مان ٻاهر هجڻ وارو مخالفن جو خواب به ساڀيان ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button