رانديون

اسپين جي ويمنز فٽبالرن پاران فيڊريشن جي صدر جو بائيڪاٽ

اسپين جي عورت فٽبالرز ملڪ جي فٽبال فيڊريشن جي صدر لوئس روبيلز جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ تائين سندس بائيڪاٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اسپين جي ٽيم پاران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيفا ويمنز فٽبال ورلڊ کٽڻ بعد ملڻ لاءِ ايندڙ رانديگرياڻي جيني هرموسو کي چمي ڏيڻ وارو واقعو هن وقت وڏي تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو آهي،

فٽبالر جيني هرموسو

ڇاڪاڻ تھ عورت فٽبالرز لوئس روبيلز کي هٽائڻ لاءِ ميدان تي اچي ويون آهن ۽ ملڪ جي 80 کان وڌيڪ عورت فٽبالرن روبيلز جي استعيفا ڏيڻ تائين سندس بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن تڪرار ۾ شدت اچڻ بعد اسپين جي حڪومت فٽبال فيڊريشن جي صدر لوئس روبيلز کي هٽائڻ لاءِ قانوني ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ان جي خلاف ڪاروائي جو بھ امڪان آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي لوئس روبيلز جو چوڻ هو تھ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو جيني هرموسو جي رضامندي سان ٿيو، مون کائنس اجازت ورتي هئي.

ٻئي پاسي متاثر رانديگرياڻي جيني هرموسو روبيلز جي دعوا کي غلط قرار ڏيندي چيو تھ ڪابھ اجازت نھ ورتي وئي، مون وقت پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ تھ طاقتور مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button