ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معاشي بدحالي سبب شهرين جي پرڏيهه روانگي

ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي معاشي حالتون آهن، اهي ڏينهون ڏينهن بدتر ٿينديون پيون وڃن، نتيجي ۾ عام ماڻهوءَ جي مالي حالت خراب ٿي آهي ۽ امڪان اهي آهن ته مستقبل ۾ انهن جي معاشي حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿيندي. سياسي طور غيرمستحڪم ۽ معاشي طور بدحال هجڻ ڪري هاڻ ملڪ جا شهري ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ته جيئن اهي بهتر روزگار ڳولي سگهن. جڏهن ته حڪومت پاران انهن کي معاشي طور سگهارو ڪرڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪونهي ۽ نه ئي انهن جي مالي مدد ڪئي ٿي وڃي. روزگار جا ذريعا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن، مٿان وري معاشي حالتون ڪنٽرول ۾ نه اچڻ ۽ ٻاهرئين سرمائيڪاري نه هجڻ ڪري ملڪ واسين جو هتي جيئڻ عذاب کان گهٽ ڪونهي. تنهنڪري صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. تازو جيڪي رپورٽ اميگريشن بيورو پاران پڌري ڪئي وئي آهي، سا ڇرڪائيندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته ان رپورٽ موجب رڳو 6 مهينن ۾ 4 لک 50 هزار پاڪستاني ملڪ ڇڏي وڃي چڪا آهن ۽ ان جا اهم ترين سبب بيروزگاري ۽ بهتر مستقبل نه هجڻ آهي.
گذريل 6 مهينن دوران 4 لک 50 هزار پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا آهن. حڪومت جي تازن انگن اکرن موجب 2023ع جي پهرئين 6 مهينن دوران 4 لک 50 هزار پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه ويا. هڪ خليجي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ اميگريشن بيورو جي تازي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، گهٽ پگهارن ۽ ٻين سببن جي ڪري 4 لک 50 هزار پاڪستاني پرڏيهه ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر، انجنيئر، بئنڪ مئنيجر، آءِ ٽي اسپيشلسٽ، سيلز مين ۽ عام مزدور شامل آهن. انهن ماڻهن ۾ جيڪي روزگار ۽ بهتر مستقبل لاءِ پرڏيهه ويا، سڀ کان وڌيڪ ماڻهو سعودي عرب لڏي ويا. گڏيل عرب امارات ٻئي، قطر ٽئين، عمان چوٿين ۽ ملائيشيا پنجين نمبر تي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني سعودي عرب، 1​ لک 21 هزار گڏيل عرب امارات ۽ 35 هزار قطر لڏي ويا. ملڪ ۾ ڪنهن به حڪومت ڪڏهن به ڊگهي مدي واري پاليسي ڪونه جوڙي آهي. ان جو هڪ سبب ته سويلين حڪومتن کي اختيار نه ڏيڻ آهي ۽ ٻيو وسيلن جو اجايو استعمال آهي. جڏهن وسيلا عوام بدران رڳو اشرافيا تي خرچ ٿين ۽ اها اشرافيا ماڻهن جو رت چوسيندي هجي ته پوءِ عوام لاءِ مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رستو بچي ٿو. تنهنڪري عوام پنهنجو سر بچائڻ لاءِ پاڪستان مان نڪري ٻين ملڪ ڏانهن وڃي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي ماڻهو هن وقت پاڪستان ڇڏي وڃي رهيا آهن، اهي اصل ۾ هن ملڪ جو سرمايو آهن پر حڪومت ۽ چونڊيل نمائندا انهن کي ملڪ ۾ نه بهتر روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن ۽ ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺي رهيا آهن. تنهنڪري صورتحال ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿي رهي آهي. پاڪستان جي معاشي صورتحال هاڻ اهڙي ڪونه رهي آهي جو هتي پرڏيهه ماڻهو ڪمائڻ اچن ۽ اهو معاشي فائدو به هن ملڪ کي ٿئي. تنهنڪري حڪمرانن کي سوچڻو پوندو ته اهي ملڪ کي ڪهڙي ريت عوام لاءِ بهتر ڪري سگهن ٿا ته جيئن شهري هتي ڪمائيءَ جا ذريعا ڳولي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button