ڪهاڻي چاچي سمانيءَ ۾ اسان کي انڌ وشواسن جي صورت ۾ جزوي طور جادوئي حقيقت نگاريءَ به نظر اچي ٿي، ان جو مطلب اهو بلڪل به نه آهي ته ڪو هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪلي طور جادوئي حقيقت نگاري واري ٽيڪنيڪ تي لکيل نه آهي. سادن لفظن ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ مان مراد اهڙي غير معمولي ورتا کي چئجي ٿو جيڪا حقيقي دنيا ۾ ٿيندي ڏيکاري وئي هجي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي سامهون اوچتو ڪا غيبات وغيره اچي وڃي، يا اوندهه ۾ هلندي اوچتو روشني ٿي وڃي ۽ ڪردار عجيب شيون حقيقي دنيا ۾ ئي ڏسڻ لڳي. ان جي ڀيٽ ۾ سررئيلزم ۾ اڻ ٿيڻي ڳالهه خوابن ۽ ڏيکالن جي وسيلي ڪيل هوندي آهي. جڏهن هن ڪهاڻيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته ان ۾ جزوي طور جادوئي حقيقت نگاري نظر اچي، هڪ هنڌ ان جو سڌو سنئون واسطو انڌ وشواس سان آهي. چاچي سمانيءَ جي ڪردار لا مشهور آهي ته هو ڪار زباني آهي: “پاڙي ۾ چاچي سمانيءَ کي ڪار زباني ان ڪري چوندا هئا جو هو ڇتي ناظرو سمجهي ويندي هئي. علو وارن جي ٽيهاڻ به هن نظر هڻي ماري هئي. ايمڻان وارن جي ٻڪري به هن جي نظر جي ور چرهي هئي. حاجياڻي جي گابي لا رڳو چيائين، “مچي مچي گڏهه ٿي آهي،” ته ڪاتي به ڪونه رسي.”
هاڻي عقلي طور ته اهو مڃڻ ممڪن نه آهي ته ڪنهن جي ڪني نظر جي ڪري يا زبان مان چيل لفظن جي ڪري ڪو ماڻهو يا جانور مري وڃي، جڏهن ته هنن مٿئين جملن ۾ ٽي اهڙا واقعا ڏنل آهن جن ۾ چاچي سمانيءَ جي ڪني نظر جي ڪري جانور مري ٿا وڃن، يا انهن جي موت کي چاچي سمانيءَ جي ڪني نظر سان منسوب ڪيو ٿو وڃي. جڏهن پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جا اهي جملا پڙهي ٿو ته هو جادوئي حقيقت نگاريءَ جو اثر ڏسي ٿو. جيئن ته ڳوٺاڻا کيس نظر وارو سمجهن ٿا، ان ڪري جڏهن ڪنهن ٻار کي پيٽ ۾ سور پوي يا ڪو پهرو اڦرجي، جهٽ ۾ کانئس لوڻ پڙهائي سڳو وٽايو ويندو هو. ان سان گڏ ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي خوبصورتيءَ سان ڊارڪ هيومر جو پڻ استعمال ڪيل آهي. هن ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪلاسڪ چئجي تڏهن به وڌا نه هوندو.
ڪتاب جي ٽين ڪهاڻي “جعفر جي نئين ڪهاڻي” آهي، جيڪا هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. هيءَ هڪ نفسياتي ڪهاڻيءَ سان گڏ عالمي ادب جي مشهور لوڪ ڪهاڻي “دي بوا هو ڪرائيڊ وولف” جي ريٽيلنگ پڻ آهي. جديديت پڄاڻا ادبي تنقيد موجب ريٽلنگ ڇا آهي؟ ڪنهن به اڳ ٻڌايل ڪهاڻيءَ کي نئين انداز ۾ بيان ڪرڻ واري فن کي ريٽيلنگ سڏجي ٿو ۽ اها گهڻي ڀاڱي ڪنهن مشهور لوڪ ڪهاڻي يا ديوملائي قصو هوندو آهي، جيئن اسان کي “جعفر جي نئين ڪهاڻي” پڙهندي محسوس ٿئي ٿو. گهڻو ڪري انهن قصن ۾ نئين سيٽنگ ڏني ويندي آهي ۽ ڪو نئون ڪردار به ان ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏ ڪهاڻيءَ جي مختلف صنفن کي گڏائي ڪا نئين ڳالهه ڪئي ويندي آهي. مثال ڪنهن لوڪ داستان کي ڊسٽوپيائي مستقبل سان ملائجي. اسان جڏهن هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي پڙهون ٿا ته خبر پئي ان ۾ ريٽيلنگ جي فن کي شاندار نموني استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڪهاڻيءَ جو نفسياتي پاسو به پڙهڻ لا ملي ٿو. جعفر هڪ اهڙو نوجوان آهي جيڪو ڌنار آهي، هو روز جهنگ ڏانهن ٻڪريون ڪاهي وڃي ٿو، پر ماڻهو هن تي شڪ ڪندا رهن ٿا ۽ کيس هر هر اهو چوندا رهن ٿا ته هو بي ايماني ڪري ٿو، جنهن جي خبر هن جملن مان پئي ٿي:
ڪڏهن ڳوٺ وارن جي گلا به ائين ئي ٻڌڻي هوندي هئس، جيئن پڻس ٻڌندو هو.
“جعفر اڄ ٻڪري جهنگ مان ڏهائي آيو آهين.” ۽ انهي گلا کان پو جعفر جا قسم، ڪاوڙون ۽ ٻئي ڏينهن ٻڪري نه ڪاهي وڃڻ جون ڌمڪيون هونديون هيون.
“اوهان کي ڪنهن تي اعتبار ڪونهي ته سڀاڻي ٻڪري کڻي ڪلي تي ٻڌي پئي هجي ڪهانس!”
ڳوٺاڻن جي اهڙي شڪي رويي جي ڪري جعفر بيزار رهڻ لڳي ٿو ۽ هو نفسياتي طور پيرانائيڊ ٿي وڃي ٿو. نفسياتي ماهرن موجب هن قسم جي نفسياتي حالت ۾ ڪو ماڻهو سڀني کي اجايو پيو شڪ جي نگاهه سان ڏسندو رهندو آهي، هن کي لڳندو آهي ته سڄي دنيا هن جي دشمن آهي، ڪو هن کي ڪا چڱائيءَ جي ڳالهه چوندو آهي ته ان تي شڪ ڪرڻ لڳندو آهي ته هن سان اها ڳالهه کيس گهٽ ڪرڻ يا دشمني ۾ ڪئي وئي آهي. جعفر جي ان ڪيفيت کي اسان هنن مٿئين جملن ۾ ڏسي سگهون ٿا. )هلندڙ)