انسان کي جيڪڏهن ٻئي جو درد يا ڏک نظر نه اچي ته پوءِ ڇا اهو انسان چورائڻ جي لائق آهي پر جڏهن اهي ڏک درد ۽ تڪليف ڏيڻ وارا پنهنجا ئي ويجها هجن جن کي دنيا ماءُ پيءُ جي نالي سان سڃاڻندي هجي ۽ سماج ماءُ پيءُ کي ڇپر ڇانوَ سمجهندو هجي پر حقيقت ۾ اهي والدين هر قسم جو تشدد پنهنجي ئي ٻار تي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هجن ته انهن کي ڇا چئجي؟ ڇا اهي انسان چورائڻ جي لائق آهن؟
ڪو به ماڻهو وڏو ٿي ڇا ڪندو ۽ ڪيئن ڪندو اهو ان ڳالهه تي ڀاڙي ٿو ته ان سان ننڍپڻ ۾ ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي. اسان وٽ هر روز ٻارن سان بدسلوڪيءَ جا ڇرڪائيندڙ واقعا سامهون اچي رهيا آهن. جيڪي ان پريشان ڪندڙ حقيقت کي بي نقاب ڪري رهيا آهن ته اڻ ڳڻيا ٻار پنهنجن گهرن ۽ برادرين ۾ ڪهڙي قسم جي بدسلوڪيءَ کي برداشت ڪري رهيا آهن.
والدين ۽ سماج پاران ٻارن سان زيادتي معصوم متاثرن جي زندگيءَ تي ڊگها ۽ ڏکوئيندڙ اثر ڇڏي ٿي. جيڪي سڄي زندگي انهن جي زندگين تي اثرانداز ٿين ٿا. سماج ۾ جيڪو به وهي واپرائي پيو ۽ فرد جيڪو ڪجهه به ڪري رهيو آهي، اهو اصل ۾ خاندان جي روين جو عڪس آهي. جيڪا به بي واجپي، بدسلوڪي، تشدد سماج ۾ آهي، ان جون پاڙون خاندان ۾ کُتل آهن. جن ۾ ننڍڙن معصومن سان هر قسم جو تشدد جسماني، ذهني ۽ جنسي مائٽ ڄڻ ته پنهنجو فرض ٿا سمجهن ۽ اولاد کي پنهنجي ملڪيت، خاندان پنهنجي ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ هي جيڪي ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، اهي رڳو ڪجهه ڪيس آهن، ڇاڪاڻ ته سماجي بدناميءَ جي خوف کان ڪيترائي ڪيس لڪل رهجي وڃن ٿا.
افسوس جي ڳالهه آهي ته گهر جيڪو بنيادي طور پيار ۽ تحفظ جي پناهه گاهه سمجهيو ويندو آهي. اهو معصوم ٻارن لاءِ جنگ جو ميدان بڻيل آهي. والدين تحفظ ۽ هدايت بدران تشدد ۽ خوف جو ذريعو بڻيل آهن. جسماني بدسلوڪي ٿي سگهي ٿو ڪجهه ظاهري نشان ڇڏي به وڃي پر جذباتي داغ هميشه لاءِ ذهنن تي نقش ٿيو وڃن. اهي صدما ئي نوجوانن جي ترقيءَ ۾ پڻ رڪاوٽ بڻيل آهن. تشدد ۽ بدسلوڪيءَ جو چڪر نسلن تائين جاري رهي ٿو. سماج جو ٻارن جي بدسلوڪي ڏانهن اکيون بند ڪرڻ وارو سوال پڻ جواب طلب آهي. تازو ئي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي پٽ کي مدرسي نه وڃڻ تان تشدد ڪري رهيو هو. جيڪو اصل ۾ هڪ گهر جي عڪاسي ڪري رهيو هو ته جتي روزانو ٻارن کي زبردستي ننڊ مان اٿاري ماري ڪٽي اسڪول يا مدرسي موڪليو ويندو آهي. بجاءِ اسڪول ۽ تعليم کي پاڻ کي وڻندڙ بنائڻ جي اڄ به ڪيترائي ٻار ٽنگو ٽالي ٿي اسڪول پهچن ٿا. اهو زبردستي جو پڙهائڻ ڪنهن جي فائدي ۾ آهي، اها خبر ناهي.
پر هن مقابلي جي دور ۾ والدين لاءِ ٻار ڄڻ طبقو (ڪلاس) بدلائڻ جو ذريعو آهن ۽ معصوم ٻارن تي پنهنجي ناڪامين محرومين جو بار ٿا وجهن، جيڪو سندن قد ۽ سوچ کان تمام وڏو آهي. اهي ويچارا ته اهو سمجهي به نٿا سگهن ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. ڇو ٿي رهيو آهي.
جڏهن والدين يا استاد انهن سان رڙيون ڪري ٿا ڳالهائين ته ٻار هيسجي ٿا وڃن، ڊڄي ٿا وڃن. ٻارن سان زيادتي هڪ اهڙي لعنت آهي جيڪا سڄي سماجي ڍانچي کي خراب ڪري ٿي. ان لاءِ گهڻ رخي انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، بدسلوڪيءَ جي نشانين بابت آگاهي، ٻارن ۽ بالغن ٻنهي کي ان کي سڃاڻڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ جي ڄاڻ مهيا ڪرڻ، ذهني صحت جي مدد سان گڏ متاثرن لاءِ ترت مداخلت اهم آهي.
اسان جي سماج ۾ ته ٻارن کان کيڏڻ به کسجي ويو آهي، انهن وٽ ڪا وندر ڪونهي بچي. راندين لاءِ ميدان ڪونه آهن، جتي اهي پنهنجون جسماني سرگرميون ڪري پنهنجو پاڻ کي سگهارو ثابت ڪري سگهن.
ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته بدسلوڪيءَ جي بنيادي سببن کي پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي. جهڙوڪ: غربت، بيروزگاري، فيملي پلاننگ تي عمل ڪرڻ مهانگائي ۽ ناانصافي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پراڻن خيالن ۽ روين کي ڇڏيون، جن موجب ٻار مڇ جو وار يا ٻار والدين جي ملڪيت يا ٻار اسان جا نانشين ٿين. فقط گڏيل ڪوششن سان ئي اها اميد ڪري سگهون ٿا ته داستان کي نئين سر لکجي ته جيئن ڪئين ٻار خوف ۽ صدمي کان آزاد ننڍپڻ جا مستحق ٿين.