ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گذريل حڪومت جون پاليسيون جاري رکڻ جي خاطري

Editorial-Article-Akber Chandio

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکڻ جي خاطري وقتائتي آهي، اها خاطري ڪاروباري برادري لاءِ هڪ رليف آهي، جيڪا اهم معاشي پاليسين ۾ بنيادي تبديلي جي امڪان بابت ڊيڄاريندڙ هئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جا منصوبا مسلسل جاري رهندا، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ جا قدم نگران حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري چونڊن ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪرڻ آهي، حڪومتي نظام ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ٿي اچي سگهي، نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت آئين تحت مختصر مدت لاءِ آئي آهي، آئين جي ڀڃڪڙي تي کين مداخلت جو مڪمل اختيار حاصل آهي. چونڊون ڪرائڻ ۽ ان جي نگراني آئيني گهرج آهي، نگران حڪومت کي حڪومت جي روزمرهه جي معاملن جي نگراني ڪرڻ جو اختيار آهي. وزيراعظم چيو ته هو گذريل حڪومت جي پاليسين کي جاري رکندا.
ڪابينا جي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني ويندي، ٻئي طرف عبوري وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني ويندي، ملڪ جي حفاظت پاڪستان ۾ اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرض جو حصو آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سزا کي يقيني بڻايو ويندو، پڌرنامي موجب ڪابينا ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنهن ۾ عالمي سطح جي مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي عالمن کي دعوت ڏني وئي آهي، اعلان موجب اها ڪانفرنس پاڪستان ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي 24.2023 لاءِ ديت جي رقم 67 لک 57 هزار 902 رپيا مقرر ڪئي. انوار الحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي ته صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي عمل کي تيز ڪيو وڃي، نگران حڪومت پنهنجي محدود مدي ۾ معيشت جي سڌاري لاءِ سموريون توانائيون استعمال ڪندي، ان کان اڳ نگران وزير اعظم انور حق ڪاڪڙ کي قومي اسيمبلي جي جاري ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جنهن تي هن چيو ته بهترين انفرااسٽرڪچر ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ اهم هوندو آهي، روڊن جو انفراسٽرڪچر ترجيحي بنيادن تي تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي ملڪ جي اهڙن حصن ۾ جتي پرڏيهي سيڙپڪاري جي اميد هجي، بلوچستان ۾ روڊن جي انفرااسٽرڪچر جي ضرورت آهي، انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪراچي کان چمن هاءِ وي جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو وڃي، ڪم جي رفتار لاءِ آئوٽ آف دي باڪس اپروچ استعمال ڪئي وڃي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ملڪ ۾ روڊن جي تعمير ۽ نگراني ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جو ڪم عوام جي زندگين کي آسان بڻائڻ آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي بريفنگ ٿي، اجلاس ۾ اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪوئيٽا-سکر هاءِ وي تي پنجرا پل ۽ ڪوئيٽا زوب شاهراهه جي پل تي هلندڙ ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو جاري منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪن ۽ تجويز ڪيل منصوبن بابت بريفنگ تيار ڪري پيش ڪئي وڃي. نيشنل بزنس گروپ پاڪستان جي چيئرمين اڳوڻي صوبائي وزير ميان زاهد حسين چيو آهي ته گذريل حڪومت جي پاليسين جي تسلسل جو اهو به مطلب آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام پٽڙي تان نه لهندو، آءِ ايم ايف جي نومبر جي جائزي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گهربل سمورن سڌارن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ پروگرام پٽڙي تان لهي ويندو ۽ ملڪ جا مسئلا وڌندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button