ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمرڪوٽ ۾ افغانين جا داخل ٿيل ووٽ

Editorial

سنڌ ڪيتري وقت کان ڌاري آبادڪاريءَ خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي. ڌاري آبادڪاري هڪ ئي وقت سنڌ جي وسيلن ۽ معيشت تي بار آهي. ڪيترن سالن کان لکين افغاني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن، پر سنڌ جي آواز کي ڪڏهن به ڪنهن حڪومت ٻڌو ئي ڪونهي. جنهنڪري نه رڳو افغانين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر انهن کي هتي مڪمل تحفظ پڻ آهي. انهن لاءِ هتان جو شهري ٿي رهڻ ۾ ڪو مسئلو ڪونهي. گذريل ڪجهه وقت کان افغانين جا ووٽ به داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ان سان جيڪي هتان جا مقامي ۽ اصلوڪا ماڻهو آهن، انهن کي ڪيترو نقصان ٿيندو، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به يوسيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن افغانيءَ جو ووٽ داخل ٿئي ٿو ته سڀاڻي هو پنهنجي ووٽ جو استعمال به ڪندو. پر سوال اهو آهي ته ڪنهن افغانيءَ جو ووٽ سنڌ جي ڪنهن تعلقي ۾ ڪيئن داخل ٿيو آهي. اهي ڪهڙيون اختياريون آهن، جيڪي افغانين جا ووٽ داخل ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي هر حوالي سان تحفظ پرڻ فراهم ڪري رهيون آهن. سنڌ کي هر حوالي سان ننڌڻڪو سمجهندڙ اختياريون سنڌ ۾ هر ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد آهن. عمرڪوٽ ويجهو 15 افغانين جا ووٽ داخل ڪيا ويا آهن.
عمرڪوٽ ويجهو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي بقا پلي جي اباڻي ڳوٺ وليداد پلي ۾ غير قانوني طور 15 افغانين جا ووٽ داخل ٿيڻ تي ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا اختيارين کي خط لکيو هو، جنهن کي مهينو گذرڻ باوجود اليڪشن ڪميشن توڙي ٻين لاڳاپيل اختيارين ڪا جاچ ناهي ڪرائي. جڏهن ته ووٽر لسٽ ۾ ڪوئيٽا ۽ پشاور جي 15 عورتن، مردن جن ۾ عمر گل، فيض محمد، عبدالوحيد ۽ سيد نور سميت ٻين جا نالا شامل نظر اچي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن مهيار بنگلاڻي، حاجي ساند ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندن افغانين جا ووٽ داخل ڪرايا آهن، جاچ ڪري نالا خارج ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج سان گڏ تحريڪ هلائينداسين. ٻئي پاسي اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ لطف علي مستوئي ٻڌايو ته افغانين جا ووٽ هتي ڪيئن داخل ٿيا، ان جي جاچ جاري آهي. شناختي ڪارڊ تي ووٽ ڪيئن داخل ٿيو، اسان نادرا کان رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جلد ئي معاملي جي انڪوائري ٿيندي. هن معاملي جي جاچ ڀلي ٿيڻ گهرجي پر ان کان به اڳ اهم سوال اهو آهي ته ڪوبه ٻاهرئين ملڪ جو ماڻهو پاڪستان ۾ پنهنجو ووٽ ڪيئن ٿو داخل ڪرائي سگهي. ڇا افغانستان ۾ ڪو سنڌي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائي سگهي ٿو ۽ ٻئي مرحلي ۾ هو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهي ٿو. اهو ممڪن ڪونهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي سنڌي ماڻهوءَ جي ووٽ تي ڌاڙو آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جتي به افغاني موجود آهن، انهن جي ووٽ داخل ڪرائڻ وارو عمل هڪدم روڪيو وڃي. ان کان سواءِ ڪنهن افغانيءَ کي سنڌ ۾ مستقل طور ڪا رهائش نه ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو نه لڳي سگهي ۽ نه ئي افغانين کي هتان جي شهريت ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button