ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تاريخ ۽ ٻه نقطه نظر-II

Editorial-Article- Yameen Jatoi

هر عظيم سماجي انقلاب يا تبديليءَ جي عمل ۾ فرد اڳواڻن، سياستدانن، مدبرن ۽ مفڪرن جي شڪل ۾ پنهنجو ڀاڱو ضرور وجهن ٿا، پر مدي خارج سماجي نظام جي ڪايا پلٽ ۾ اهم ڪردار هئڻ باوجود اهي فرد نه آهن، جيڪي تاريخ يا انقلابن جي اوسر کي متعين ڪن ٿا، پر اها سموري سماجي اٿل پٿل ان عوام الناس جي عظيم الشان سرگرميءَ سان طئي ٿئي ٿي، جن جا مقصد ۽ عمل تاريخ جو ڦيٿو ڦيرائيندڙ آهن. جيڪڏهن نئين تاريخ ٺهڻ يا سماجي انقلاب جي سلسلي ۾ حالتون پچي راس ٿيل نه آهن ۽ عوام تيار ناهي ته، فرد يا اڳواڻ کڻي ڪيڏا به ڏاها ڇو نه هجن، ان نئين تاريخ ٺهڻ جي عمل يا انقلاب لاءِ ٿيندڙ سندن هر پهل اڻٽر طور ناڪامياب ٿيندي. مطلب ته تاريخ جو اڏيندڙ مجموعي طور پورهيت عوام آهي، نڪي ليڊر، سياستدان، حڪمران ۽ جرنيل. انهن جو اهم ڪردار صرف ان دائيءَ جيان آهي، جيڪا ٻار کي ڄڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي آهي، پر ٻار ڄڻيندي نه آهي. ٻار جي ڄڻيندڙ ماءُ هوندي آهي. تاريخ جي مختلف دورن ۾ پچي راس ٿيل معروضي حالتن عوام جي زبردست اجتماعي عمل جي صورت ۾ ماءُ جيان ڪردار ادا ڪندي، هڪ نئين تاريخ يا انقلابن کي جنميو ۽ ليڊرن، انقلابي مفڪرن وغيره دائيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي اهي ٻار يا انقلاب ڄڻايا.
هميشه اهو پڻ دليل ڏنو ويندو آهي ته، تاريخ جي مارڪسي تصور تحت انسان جي سماجي عمل ۾ شعوري دخل يا شموليت لاءِ ڪابه گنجائش موجود نه آهي ۽ مارڪس وادين لاءِ هر شئي، جيڪا سياسي ٽڪرائن ۽ طبقاتي جدوجهد جي ميدان ۾ پيش اچي ٿي، اها صرف ان جو جامد انعڪاس يا نتيجو آهي. جيڪو معاشي بنياد يا ڍانچي ۾ پيش اچي رهيو هوندو آهي ۽ تاريخ تاريخي قانونن تحت اڳواٽ طئه ٿيل سفر تي روان دوان هوندي آهي. مختصر اهو ته، مارڪسزم تي اڪثر اهو الزام لڳندو آهي ته، اهو ميڪانيڪي، تقدير پرست، تخفيف پسند نظريو آهي، جيڪو هر شئي کي معاشي تبديلين جي سطح تائين گهٽائي ٿو ڇڏي. پر ان الزام جا بنياد حقيقت تي بنهه ٻڌل نه آهن. مارڪسوادي نه رڳو تاريخ جي عمل ۾ انسان جي شعوري دخل ۽ شموليت کي مڃين ٿا، پر هو ان کي عملي طور ثابت به ڪن ٿا. ان جو مثال لينن ۽ روس جي ڪميونسٽ پارٽي هئي، جن شعوري طور حالتن ۾ مداخلت ڪندي، تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو. مارڪسزم وٽ تاريخ رڳو معاشي سرگرميءَ جو نالو ناهي، معيشت تاريخي عمل جو بنياد آهي. پر مٿين ڍانچي، جنهن ۾ مذهب، سياست، فلسفو، سائنس، آرٽ ۽ اخلاقيات وغيره اچي وڃن ٿا، جو به هڪ فيصلاڪن ڪردار آهي. بنيادي ڍانچو ۽ مٿيون ڍانچو جڏهن هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندي؛ هڪٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ خاص سماجي حالتن ۾ هڪٻئي جي نفي به ڪن ٿا ته، تاريخ جي ٺهڻ ۽ هلڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو.
پنهنجي موضوع ڏانهن موٽجي ته، اڄ تائين جيڪا به تاريخ لکي وئي، ان ۾ انسان جي ان اجتماعي مادي سرگرمي يا پورهئي جو ذڪر ئي ڪونه هو. بس تاريخ کي خيالن جي نقطه نگاهه کان سمجهيو ۽ سمجهايو ويو ۽ عوام کي ان مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو، اهڙي نموني تاريخ حاڪمن، سورمن، ليڊرن ۽ بادشاهن جي ٿي پئي ۽ عوام کي ڀيڙ سمجهي رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌڻن جيان هڪليائون ۽ هڪلي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته، سنڌو ماٿر جي سڀيتا کان ويندي، مصر جي اهرامن تائين، بابل جي باغن کان ويندي، ايفل ٽاور تائين دنيا جي عظيم تهذيبن ۽ ثقافتن جو اڏيندڙ ڪير آهي، ڇو ان سوال کي اڄ تائين نظرانداز ڪيو ويو؟
پر مارڪس جڏهن پهريون ڀيرو عوامي نقطه نگاهه کان تاريخ کي لکڻ ۽ سمجهڻ جا بنياد وڌا ته، لاءِ اهڙا سوال اٿارڻ جا دروازا کلي پيا ۽ تاريخ آسمانن جي ڌنڌ مان هيٺ لهي محنت ڪش عوام جي تاريخ ٿي پئي.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button