ڪالهه هڪ اهم ڏينهن هو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اها پڪ هئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازي عدالتي فيصلي کان پوءِ جيل مان آزاد ٿي انهن جي وچ ۾ هوندو. جيتوڻيڪ عدالت توشا خانا ڪيس ۾ سندس سزا معطل ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر تنهن هوندي به کيس آزادي نصيب نه ٿي سگهي. ان جو اهم ترين سبب سائفر وارو ڪيس آهي. جنهن ۾ هو اڳ ئي 30 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي آهي. ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري صورتحال بنهه گهڻي خراب ٿي رهي آهي. معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن بدترين ٿي رهيون آهن ۽ شهري لکن جي انگ ۾ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن نه ملڪ ۾ سياسي حالتون بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ ئي معاشي حالتون ڪنهن ڪنڌيءَ تي لڳڻيون آهن ته پوءِ هن ملڪ ۾ اڳيان هلي ڇا ٿيندو ۽ جيڪڏهن حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿي ويون ته انهن کي ڪنٽرول ڪيئن ڪري سگهبو.
عمران خان نيازي واري تجربي کان پوءِ جهڙي ريت ملڪ تباهي ڪناري پهتو آهي، ان کي اتان سنڀالڻ نه رڳو ڏکيو ٿي پيو آهي پر ان کي سياسي طور پرامن رکڻ به ناممڪن لڳي رهيو آهي، جيتوڻيڪ عمران خان نيازي هن وقت جيل ۾ آهي پر هن جي سياسي سگهه اڃا تائين برقرار آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جن عمران خان وارو تجربو ڪيو اهي به هن ملڪ جي تباهيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهن. ڇاڪاڻ ته انهن نه رڳو پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ مان جان ڇڏائڻ ٿي چاهي پر پي ٽي آءِ کي ٽين قوت طور ميدان ۾ لاٿو هو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اسٽيبلشمينٽ کي به موچڙو لڳو. پر ان تنهن هوندي به ڪجهه ڪونه سکيو آهي. ساڳيا تجربا ڪرڻ کان ڪونه پئي ڪٻائي پنهنجو پاڻ کي غيرسياسي چوندڙ اسٽيبلشمينٽ اڄ به اوتري ئي سياسي آهي، جيترو ملڪ آزاد ٿيڻ وقت هئي. ملڪي سياسي ۾ مداخلت ڪندي جيڪي ڪلور اسٽيبلشمينٽ ملڪ سان ڪيا آهن. ان ڪري سدائين عوام ڀوڳيو آهي. سياسي آزاديءَ کان وٺي اظهار جي آزادي کسيندڙ قوتون سدائين ملڪ کي هڪ اهڙي ڪن ۾ ڦاسايو آهي، جتان نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
ملڪ هلائڻ سياستدانن جو ڪم رهيو آهي. اهي نه رڳو بهتر نموني ملڪ هلائي ڄاڻن ٿا پر اهي ڪنهن به وڏي بحران کي منهن ڏيڻ جي قابل هوندا آهن. هتي نه رڳو سياستدانن جا هٿ ٻڌل آهن پر انهن جي زبان به بند ڪئي ويندي آهي. جنهنڪري اهي سدائين سچ ڳالهائڻ کان لنوائيندا رهندا آهن. عمران خان نيازيءَ کي سياست جي ميدان ۾ آڻي، کيس تيار ڪري اقتدار حوالي ڪرڻ کان پوءِ کيس اهڙا خواب ڏيکاريا ويا هو، جو هو پنهنجو پاڻ کي دنيا جو ليڊر سمجهڻ لڳو. نتيجي ۾ نه رڳو هن ويندي ويندي ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو پر جيڪو نقصان هيستائين هن ملڪ کي پهچايو آهي، ان جو پورائو ڪرڻ بنهه گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ شهرين بجليءَ جي بلن کي هٿن ۾ کنيو احتجاج ڪري رهيا آهن. اهي بل آءِ ايم ايف سان ڪيل ان معاهدي جي نتيجي ۾ ماڻهن جي گهرن تائين پهتا آهن، جيڪي عمران خان نيازي ڪيا هئا. هن پيٽرول، ايل اين جي ۽ بجلي جي حوالي سان جيڪي معاهدا ڪيا، اهي مهانگائي آڻڻ لاءِ ڪافي هئا. ان ڪري پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي مد ۾ جيڪي پئسا عوام ڀري رهيو آهي، ان سان عوام جي کيسي تي جيڪو بار پئجي رهيو آهي. اهو برداشت کان ٻاهر آهي.
بجليءَ جي بلن جو معاملو بنهه گهڻو سنجيده آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ جڏهن ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي ته اهو بجليءَ جا بل ڪيئن ادا ڪندو. بجليءَ جو عام ماڻهو ڀري ٿو پر جيڪي مراعتون سرڪاري ملازمن کي مليل آهن، ان بار کي ڪڏهن حڪومت ختم ڪونه ڪيو آهي.
سرڪاري ملازم هر سال 34 ڪروڙ يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن. پاور ڊويزن گريڊ 17 کان 21 تائين جي سرڪاري آفيسرن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري وڏي معاملي کي لڪايو آهي. 15 هزار ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ سان ڪو وڏو فرق نه پوندو پر ٽيرف ۾ وڏي فرق لاءِ ضروري آهي ته سمورن ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪئي وڃي. دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو ته گريڊ 17 کان 21 تائين جا 15 هزار 971 ملازم هر مهيني 7 ملين يونٽ مفت بجلي استعمال ڪن ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين جا ملازم هر مهيني 33 ڪروڙ يونٽ مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، جن جو انگ 1 لک 73 هزار 200 آهي. اهي سرڪاري ملازم ساليانو 10 ارب جي مفت بجلي استعمال ڪن ٿا.دستاويز موجب گريڊ 17 کان 21 تائين جا ملازم 1 ارب 25 ڪروڙ رپين جي مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم 76 ڏهائي 43 ملين رپيا ماهوار مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن. بجلي واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته گريڊ 17 کان 21 تائين جي ملازمن جي مفت بجلي ختم ڪرڻ سان هر مهيني 19 ڪروڙ رپيا بچت ٿيندي. مفت بجلي جي يونٽن کي ختم ڪرڻ ۽ پگهار ۾ هڪ خاص رقم شامل ڪرڻ سان، اهو فرق وڌيڪ گهٽجي ويندو. اهي ته اهي انگ اکر آهن، جيڪي ظاهر ٿيا پر جيڪا بجلي چوري ڪئي وڃي ٿي، ان جي انگ اکر الڳ آهن. پر تنهن هوندي به بجليءَ جي چوري کي روڪڻ لاءِ ڪڏهن ڪي اپاءَ ڪونه ورتا ويا آهن، جن وسيلي عوام تي پوندڙ بجليءَ جي بار کي گهٽائي سگهجي.
هيءَ بحران جيڪو هاڻ سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، ان جو سڀ کان اهم محرڪ پراجيڪٽ عمران خان آهي. جنهن وسيلي عوام کي اهي خواب ڏيکاريا ويا ته عمران خان کان اڳ ۾ جن حڪمراني ڪئي پئي اهي چور هئا ۽ هاڻ صادق ۽ امين جي حڪومت آئي آهي. جيڪڏهن هن وقت عمران خان نيازيءَ کي سزا پئي ڏني وڃي ته ان سان گڏ انهن ماڻهن کي به سزا ملڻ گهرجي جيڪي سندس سهولتڪار رهيا آهن. جن ملڪ جي سياست ۾ مداخلت ڪندي، سڄي ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪسر ڪونه ڇڏي آهي.
سياست ان وقت ئي آزاد ٿي سگهي ٿي، جڏهن سياستدان پنهنجي ٻل تي ويڙهه ڪندا ۽ انهن کي ڪنهن غيرسياسي قوت جو سهارو نه وٺڻو پوندو. جيڪڏهن سياست کي آزاد ڇڏيو وڃي ها ۽ سياستدانن کي پنهنجي مرضيءَ سان سياست ڪرڻ ڏني وڃي ها ته هن ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون اهڙيون نه هجن ها جيڪي اڄ نظر اچي رهيون آهن. نگران حڪومت جا هٿ ۾ ائين وڍيل آهن، جيئن اڳوڻين حڪومتن جا وڍيل هئا، تنهنڪري تبديلي وزيراعظم مٽائڻ نه پر چونڊيل نمائندن کي بااختيار ڪرڻ سان اچي سگهي ٿي. ان کان سواءِ نون سياسي تجربن جي هاڻ گنجائش ڪونه بچي آهي.