انهيءَ ڏينهن مريان جي اکين ۾ ڪجل پاتل هوءَ نيري وڳي ۾ هوءَ ٻهڪي پئي. هن جو ور چئن سالن کان پوءِ انڊيا جي جيل مان آذاد ٿي گهر پهتو هو. هن جو گهر ڪاجهري ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي آهي، “اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙهيا، منهن ڏئي مون آئيا سمهان سيارا، اڀرن سيڪارا پسئو ور ٻين جا.” ٺٽو، بدين، سجاول ۽ ڪراچيءَ جي ماهيگيرن جو اهو ڪهڙو ڳوٺ آهي، جنهن جو ڪو ڀاتي ڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي جيل ۾ نه ويو هجي. موٽر وارو هوڙو، رڇ ۽ ٻيو سامان جيڪو پنجاهه لک جو هوندو، سو حدون اورانگهڻ جي ڏوهه ۾ ٻڌجي ويندو آهي. انهيءَ معاملي کي پي ايف ايف جي چيئرمين محمد علي شاهه عالمي سطح تي ورلڊ فشر پيپل جي پليٽ فارم تان کنيو هو. پاڪستان ۽ انڊيا، انڊيا ۽ بنگلاديش، برما ۽ بنگلاديش، جاپان، ڪوريا، ويٽنام، هانگ ڪانگ ۽ چين جي وچ ۾، ڪراچيءَ ۾ عالمي ماهيگير ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي مسئلا پيش ڪيا هئا. ڪانفرنس جو سڄو زور انڊيا پاڪستان جي قيدي ماهيگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ هو. ڪراچي واري اها ڪانفرنس فرينچ، جرمن، اسپينش، ڪورين، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ هلي. جنهن ۾ موسمي تبديلي، آلودگي، طوفان ۽ بارڊر جي وچ ۾ ماهيگيرن لاءِ حدون اورانگهڻ واري کي جنگي قيدي جهڙو ورتاءُ رکڻ بدران ماهيگير طور انساني حقن ۽ سفارتي حق ڏيڻ هو.
ڪانفرنس پاڪ- ڀارت وچ ۾ ماهيگيرن جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪائونسلر رسائي واريون سفارتي سهولتون مهيا ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي هئي. جنهن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن 2007ع ۾ اٺن رٽائرڊ ججن جي اڳواڻي ۾گڏيل عدالتي ڪميٽي پڻ جوڙي، پر انڊيا پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي معاملا هر وقت ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا آهن. جنهنڪري 2013ع ۾ گڏيل عدالتي ڪميٽي ختم ٿي وئي. وري 2018ع ۾ ان کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون. پر اڳتي نه وڌي سگهيون.
ساحلي پٽيءَ جو هر ارڙهن سالن واري جو شناختي ڪارڊ ضرور ٺهيل هوندو آهي. ملڪي بارڊر جي آخري چوڪيءَ تي شناختي ڪارڊ ذريعي انٽري ڪرائڻ کانپوءِ ئي ماهيگير سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڃي سگهي ٿو. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ پراڻ ۽ هاڪڙي جي ڇوڙ وارو هنڌ جنهن کي جديد جاگرافيءَ ۾ سر ڪريڪ چون ٿا. ماهيگيرن لاءِ شڪار جي جنت وارو هنڌ آهي. ٻنهي ملڪن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ مڇيءَ جي شڪار ۾ ڀنڀلجي اتي پهچن ٿا. ٻنهي ملڪن جي نيويءَ جي دستن نه ڏٺو ته خير آهي، شڪاري ڦٻي ويو. پر نه ڦٻيو ته، پوندو ڪاٺ ۾.
اهڙي ئي ساڳي ڳالهه 58 سالن جي ڄمار واري احمد ٿهيمور جي آهي. پنج سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته احمد ۽ ان جي زال مريان روزاني پٽ ۽ ڌيءَ کي پرڻائڻ واري ڳالهه ساڻس ڪندي رهي هئي. احمد هر وقت ها ها ڪرائينداسون، ڪجهه پئسا هٿ اچن. چئي شڪار تي هليو ويندو هو. پر انهيءَ ڏينهن زال اکيون ڳاڙهيون ڪري انتهائي سنجيدگيءَ سان چيس. هر صورت ۾ مهيني اندر پٽ ۽ ڌيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي. آئون ٻي ڳالهه هاڻ ڪونه ٻڌنديس. زال جون اهڙيون اکيون ڏسي، احمد پڪو پهه ڪيو ته جيستائين ٻنهي جي شادين جيترو پئسو نه ڪمائيندس، اوسيتائين گهر ڪونه ايندس. هو پنهنجي ٽولي سان حرامي ڍوري جي ڀرسان ڪئمپ هڻي ويهي رهيو. هو ويهن ڏينهن تائين اتي ويٺو رهيو. شڪار به انهيءَ وچ ۾ جام لڳس. هو حرص ۾ يڪو ويٺو رهيو ۽ ڪيل شڪار ٻين هوڙن وارن جي هٿان واپارين ڏانهن موڪليندو رهيو. هو روزاني ڌيءَ کي ڪنوار ۽ پٽ کي موڙ ٻڌل گهوٽ واري تصوير ۾ ڏسندو رهيو. هو ايڪويهن ڏينهن به حرامي ڍوري ۾ رڇ هڻي ويٺو هو ته پري کان انڊين نيويءَ کي ايندو ڏٺائين. چئي منهنجي به ڪا اهڙي ڦٽل هئي، جو هوڙي جي موٽر اسٽارٽ ڪيم پر اسٽارٽ ئي نه ٿئي. خوف ۾ اهڙو اچي خطا ٿيس ۽ هوا به اهڙي رخ ۾ لڳي، جو ويتر انڊيا جي حدن طرف وڃي نڪتس. بس پوءِ بيوس ٿي پيس ۽ حمزي سان گڏ ٻڌجي ويس. احمد چئن سالن جي ڪهاڻي فلم جي اسٽوري وانگر هر هڪ کي ٻڌائڻ لڳي ٿو. گذريل چئن سالن دوران مريان جو اڪيلو ڪمائڻ وارو مڙس انڊيا ۾ قيد ٿي وڃڻ کانپوءِ هوءَ صفا ڀڄي ۽ ڀري وئي هئي ۽ ٻيو کيس اهو احساس کائڻ لڳو ته مون ڇو ڌيءَ ۽ پٽ جي شاديءَ لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ ايڏو زور ڀريو. هاڻ هوءَ چوي ٿي ته ڀلي بک مري وڃون پر احمد کي شڪار لاءِ وڃڻ ڪونه ڏيندس.
ڳريو جهليو روءِ، مٿي مهري هٿڙا، کوءِ سئودو سندوءِ، جو تو ڍوليا سکئو.