ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زندگي آھي يا مشڪري آهي؟

Editorial-Article-Shahid Rajper

14 آگسٽ 2023ع تي سنڌ ڌرتي تي راڻيپور شھر جي پير سيد اسدالله شاهھ جي گهر مان هڪ معصوم 9 سالا معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جو تشدد ٿيل لاش ان جي والدين کي مليو ۽ حويلي وارن انهن کي اهو چيو ته ننڍڙي بيماري ۾ علاج ڪرائڻ باوجود گذاري وئي وئي آھي جڏهن ته وارثن کي ڪجهھ خرچ پکو ڏئي تدفين لا چيو ويو. هو غريب هئا الله جي رضا سمجهي خاموش ٿي هليا ويا جڏهن ايف آئي آر جي متن مطابق فاطمه جي امڙ پير اسد کان حويلي تي پڇيو ته ننڍڙي جي جسم تي ڌڪن جا نشان ڇو آھن ۽ تسلي بخش جواب نه ملڻ باوجود هو خاموش ھليا ويا ۽ تدفين بعد سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ فاطمه تڙپي رهي آھي ۽ جڏهن تڙپي پئي ته ضرور دانهون به ڪندي هوندي پر ڀر ۾ ستل پير کي ڪا به خبر نه پئي پوي ۽ جڏهن ٻاهران سندس زال حنا عرف سونيا شاھه ۽ هڪ ٻي نينگري اندر آيا ته اهي ان کي مئل حالت ۾ ڏسن ٿا ۽ افسوس ان ڳالھه جو آھي سابه ڪپڙن کان آجي جيڪا تڙپڻ دوران پنهنجا انگ ڍڪڻ جي پڻ ڪوشش ڪري پئي جڏهن ته حنا شاھه جي اچڻ شرط پير اسد سجاڳ ٿيو ۽ بغير قميض جي اٿي ان ننڍڙي کي کنڀڻ مان ائين وٺي مٿي ٿو کڻي جيئن ڇتو ڪتو معصوم ٻالڪ کي ۽ وري ائين ئي ڦٽو ٿو ڪري ۽ ان جي انسانيت جي ان مان ئي خبر پوي پئي ته هڪ انسان جي ٻچي کي ڪيئن ٿو مٿي ڪري.
حقيقت ۽ ثبوت سڀ عام ماڻھن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ موجود آھن ڏسجي ته ان سفاڪ درندي کي ڪيئن ٿي سزا اچي ڇاڪاڻ ته فاطمه جي قتل کان پو گهڻو ڪجھه سامهون آيو آهي ۽ ڪجھه نياڻين جي وڊيو بيانن تي ڌيان ڌرجي ٿو ته اهو سڀ هان ڏاريندڙ واقعا آھن اهي اهڙن بيانن کان پو پير اسد ۽ سندس زال حنا شاھه جي حيوانيت ۽ درندگي کي به وائکو ڪيو آهي ته انهن پيرن جي حويلين ۾ ڪئين معصوم فاطمائون جي ظلم جو شڪار آھن، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهھ جي آھي اهي پيرا به ضرور کڻجن ته انهن حويلين تان ڪيتريون فاطمائون غائب آھن ۽ ڪيتريون اذيت ڀوڳي رهيون آھن انهن کي به شامل تفتيش ڪيو وڃي ۽ اسد شاهھ جي امڙ به پريس ڪانفرنس دوران ڪيترائي انڪشاف ڪيا آھن هر ماءُ کي پنهنجو اولاد بي ڏوهو لڳندو آھي جيڪو پڻ ثابت ڪرڻ لاءِ سندس پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن کي پريس ڪانفرنس ۾ ڏسي سگهيو پئي ته ڪيترو بوکلاهٽ جو شڪار هئي.
ان ڪري پير اسد سندس زال سونيا شاھه سندس امڙ سميت سندس سڀن سهولتڪارن کي پڻ جانچ تي دائري ۾ آندو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جانشين جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق، ايس يو پي سربراهه سيد زين شاھه، عورت تحريڪ سميت ڪافي جماعتون فاطمه جي قتل خلاف هڪ پيج تي آھن ۽ جوابدار ڌر کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لا پر عزم آھن ۽ ڏسجي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪهڙو ٿا ڪردار ادا ڪن ۽ ظاهري طور انهن سڀن ادارن جي پڻ امتحان ۽ آزمائش جو دور آھي ڏسجي ته ادارا پاڻ ڪيئن ٿا ملهائين جڏهن ته ضرورت ان ڳالهھ جي پڻ آھي پير وقتي طور بااثر آھن ۽ هو جانچ ادارن تي اثر رسوخ هلائڻ جي ضرور ڪوشش ڪندا ۽ ڪندا هوندا ۽ سياسي سطح تي ڪيس کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن لا پير اسد خلاف هلندڙ جانچ جو دائرو وسيع ڪيو وڃي گڏوگڏ جيڪي سنڌ حڪومت ۽ ادارن سميت پاڪستان جي اهم ادارن ۾ ويٺلن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪٿي هو پنهنجن عهدن جو ناجائز فائدو وٺي جانچ تي اثر انداز نه ٿين ۽ پيرن جي حويلين ۾ لڳل ڪئمرائن مان وڌيڪ ثبوت حاصل ڪن ۽ جيڪڏهن انهن کي ڊليٽ ڪيو ويو آھي ته رڪور ڪرائي معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سان انصاف ڪرائين جيئن ٻي ڪا فاطمه ظلم جو شڪار نه ٿئي حڪومت کي پڻ گهرجي ته سنڌ ۾ جاڳرتا پروگرام سرڪاري سرپرستي هيٺ ڪيا وڃن ته ڪوڙي ڪاني ڪرامت وارن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ننڍن ننڍن معصوم نينگرن ۽ نينگرين کي انهن وحشي رهزنن حوالي نه ڪن ۽ اهڙا قانون آندا وڃن جيئن ڪير به ڪنهن سان زيادتي نه ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button