ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قومي خزاني کي اربن جو نقصان

Editorial

سنڌ جي عوام کي جتان ڪٿان کاٽ هڻڻ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ جي معاشي صورتحال اڳ ئي بدترين لڳي پئي آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ جيڪي معاشي بار عوام مٿان وڌا ويا آهن، انهن نه رڳو عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي پر ان لاءِ جيئڻ جا گس به سوڙها ڪري ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ عوام لاءِ خودڪشيون ڪرڻ سولو ٿي پيو آهي. معاشي بدحاليءَ جي هوندي جيڪي حرڪتون مختلف کاتن پاران سرڪاري عملدار ڪري رaهيا آهن، انهن سان عوام لاءِ حالتون ويتر خراب ٿي رهيون آهن. مهانگائيءَ جي بار هيٺ دٻيل عوام بجليءَ جو بل نٿو پياري سگهي، اهو دڪان تان اٽو وٺي پنهنجن ٻارن کي ماني نٿو کارائي سگهي ۽ نه ئي اهو هاڻوڪي صورتحال ۾ زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ادارن کي نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري رهي ۽ ڪرپشن وسيلي مال ميڙيندڙ پنهنجا کيسا ڀريندا رهن ته ان کي ڪهڙو نالو ڏجي. گذريل سال آيل ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي ڪئي، جنهن سان ڪروڙين ماڻهو متاثڙ ٿيا. تازو هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي نالي تي جعلي بلن ذريعي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ڏنو ويو آهي.
سنڌ ۾ ٻوڏ جي نالي تي جعلي بلن ذريعي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. آر بي او ڊي جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن طرفان نيب کي ڏني وئي آهي، ان منصوبي جي تعمير ۾ 3 ارب 52 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي نيب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪيدار سميت 41 جوابدارن خلاف احتساب عدالت حيدرآباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو. نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن جعلي بل ٺاهي قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو، ريفرنس ۾ سرڪاري آفيسر، سندن خاندان ۽ فرنٽ مين جا نالا به شامل آهن. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ٺيڪيدار فهيم سومرو کي بنا ڪنهن ڪم جي غير قانوني ادائيگيون ڪيون ويون. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر منور بوزدار جعلي بل پاس ڪري رقم گڏ ڪئي، جڏهن ته سپرنٽينڊنٽ انجنيئر وقار احمد اختيار جو غلط استعمال ڪيو. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته 10 ٺيڪيدارن کي بنا ڪنهن ڪم جي رقم ادا ڪري ڪميشن حاصل ڪئي وئي ۽ جوابدار فهيم سومرو پلي بارگين ڪري 46 لک رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. آر بي او ڊي سنڌ لاءِ سدائين نقصانڪار رهيو آهي. ان سان سدائين برساتن ۽ ٻوڏن ۾ نقصان ٿيندو رهيو آهي پر تنهن هوندي به ان منصوبي کي جاري رکيو ويو. ان جو اهم ترين سبب ڪرپشن ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي.

اسين سمجهون ٿا ته قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ جن ماڻهن به آر بي او ڊي تعمير ۾ ڪرپشن ڪئي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. جيڪي جعلي بل ٺاهي عوامي پئسي کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، انهن کي هر حوالي سان قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي ته جيئن ان نقصان جو پورائو ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رهندو ۽ ڪرپشن ڪري ماڻهو پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button