جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ هيٺيون چار نشانيون هجن ته ان کي پيرانائيڊ چئي سگهجي ٿو:
1-سماجي طور ميل جول کان ڪٻائي، 2-ماڻهن جا جملا، ٺٺوليون وغيره برداشت ڪندو رهي، 3-ڪنهن عام رواجي ڳالهه مان به اهڙي معنيٰ ڪڍي وٺي جنهن مان هن کي لڳي ته هن سان ساڙ يا دشمني ٿي رهي آهي،
4-هن کي جلدي ۾ ڪاوڙ اچي وڃي ۽ اها ظاهر به ڪري.
هنن ۾ جزن ۾ ٻه ٽي جز جعفر جي ڪردار ۾ ڏيکاريا ويا آهن ۽ نيٺ هو ڪاوڙ ۾: “هي….هي…. ڪو بگهڙ پونئه…. هي….هي….هي ته ڪو بگهڙ پونئه.” جهڙيون رڙيون ڪندو ٻڪرين کي ڪهاڙي سان مارڻ لڳي ٿو.
هي ڪهاڻي ٻن حوالن سان جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ هڪ اهم ڪهاڻي آهي، هڪ ريٽيلنگ ۽ ٻيو ان جو نفسياتي پاسو.
هن ڪتاب جي چوٿين ڪهاڻي ابليس پڻ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ اهم ڪهاڻي آهي، جنهن کي پڙهي ليکڪ جي بولڊنيس جو اندازو ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ اهڙو همراهه آهي جيڪو پنهنجي جنسي تسڪين مري ويلن مان حاصل ڪري ٿو، جنهن به قبرستان ۾ ڪو مردو دفنايو وڃي ٿو ته هن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ۽ هو اتي پهچي ان سان بدفعلي ڪري ٿو ۽ اهڙي عمل لا ڏوڪڙ به ڏئي ٿو. هي پڻ هڪ نفسياتي بيماري آهي جنهن کي نيڪروفيليا سڏجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن نفسياتي بيمار ماڻهو کي رڳو مردا جسم سان جنسي عمل ڪندي تسڪين ملندي آهي، ان سان گڏ ويمپائر مطلب انسانن يا جانورن جو رت پيئڻ وارو ۽ ڪينبل مطلب انساني گوشت کائيندڙ به اچيو وڃن. نيڪروفيليا جا ڪيترائي قسم ٿي سگهن ٿا، انهن مان هڪ قسم تازي مئل ماڻهن سان جنسي عمل ڪندڙن جو هوندو آهي، ٻيون قسم ممي ٿي ويلن سان قبرن ۾ لهي گڏ سمهي پوندا آهن ۽ ٽيون قسم وري هڏن ۽ ڍانچن سان جنسي عمل ڪندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار پهرين قسم جو نيڪروفيليا ڏيکاريل آهي، جيڪو تازو مري ويل ماڻهن سان جنسي عمل ڪندو رهي ٿو، نيڪروفيليا لاڳاپي دوران جنس جي قيد کان ٻاهر نڪري ويندا آهن، اهي مرد، عورت، يا تازو مري ويل ٻار سان به جنسي عمل ڪري سگهن ٿا. هن ڪهاڻيءَ لا رڳو ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ لڱ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻي آهي.
ڇُها: سنڌي ڪهاڻي جيڪڏهن هن وقت تائين لکيل مختصر ڪهاڻين جي ڀيٽ ڪري انهن مان چونڊ ڪهاڻيون کڻجن ته انهي چونڊ ڇها ڪهاڻيءَ کي شامل نه ڪرڻ هوند سنڌي ڪهاڻيءَ سان ئي ناانصافي هوندي. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڇها جي مقابلي ۾ جمال ابڙي يا اهڙي ڪنهن وڏي نالي واري ڪهاڻيڪار جي ڪا ڪهاڻي اچي وڃي ته انهن جي ڪهاڻين کي ته رد ڪري سگهجي ٿو پر حفيظ ڪنڀر جي هن مختصر ڪهاڻيءَ کي رد نٿو ڪري سگهجي. هيءَ مختصر ڪهاڻي فلسفياڻي انداز سان گڏ ٽيڪنيڪ جي حوالي سان به هڪ اهم ڪهاڻي آهي ۽ ان ۾ جادوئي حقيقت نگاري جي اولڙا نظر اچن ٿا. ڪهاڻيءَ جي سينٽنگ ڪئمپس جي پسمنظر ۾ آهي، جتي هڪ ڇوڪري وڻ هيٺان ويٺل هڪ همراهه کي ڏسي تجسس ۾ پئجي وڃي ٿي. سندس سهيليون کيس ان همراهه بابت عجيب ڳالهيون ٻڌائين ٿيون، پر هن جو تجسس ويتر وڌي وڃي ٿو. نيٺ هو همت ڪري ان وٽ اچي ٿي. ان سان ڳالهائيندي هن کي خبر پئي ٿي ته همراهه عجيب ورتائن جو شڪار آهي، هن جو خيال آهي ته جيڪو به ماڻهو هن کي ڇُهي ٿو ته اهو مري وڃي ٿو، جيئن ڪهاڻي آهي ته جنهن هو ڄمي ٿو ته هن جي ما هن ڇهڻ جي ڪري مري ٿي وڃي، پو کيس وڏي ڀيڻ پالي ٿي پر اها به ڪيتري تائين جيئري رهي ها جو اها به هن کي ڇهندي ٿي رهي. ايئن ڪمئپس ۾ هو جنهن پليٽ ۾ کائي ٿو ۽ ڇوڪري کي سڏي ٿو ته اها کڻي وڃي، ڇوڪرو پليٽ کڻي وڃي ٿو ۽ ٿيڙ کائي ڪري پئي ٿو ۽ پليٽ ڀڄي پئي ٿي. هن ڪهاڻيءَ جو هي جملو ته “مون کي جيڪو ڇهيندو آهي، اهو ورهائجي ويندو آهي.” هڪ گهڻ معنى جملو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ايتريون ته اڻٿيڻون ڳالهيون ٿيندي ڏيکاريون ويون آهن، جن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڪهاڻيءَ جادوئي حقيقت نگاري واري انداز ۾ لکيل آهي.
حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين جو هيءَ ڪتاب سنڌي ۾ جديد ڪهاڻيءَ جو هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن هنن مٿي ڏسيل ڪهاڻين کانسوا اٺون موڙ، چار ڪلاڪ، لسا ڇوڪرا، گهٽ ذات وغيره جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون به پڙهڻ لا ملن ٿيون. (پورو ٿيو)