ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگي کنڊ جي امپورٽ

Editorial

ملڪ ۾ عوام لاءِ ڪنهن به رليف جو ڪو امڪان ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي کنڊ جون قيمتون به وڌائي ڇڏيون آهن. عوام لاءِ بحران مٿان بحران اچي رهيو آهي. حڪومت پاران ڪيل فيصلا سدائين عوام کي ڀوڳڻا پوندا آهن. مهانگائيءَ جو ماريل عوام گذريل ڪيتري وقت کان رڙيون ڪري رهيو آهي ته ان جو گذارو هاڻ ڪونه ٿو ٿئي. اهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. هڪ پاسي حڪومت جون شاهه خرچيون آهن، ٻئي پاسي اشرافيا پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهنڪري جيڪو به معاشي بار آهي اهو عوام کي ڀوڳڻو پيو پوي. تازو شهرين بجليءَ جي بلن خلاف احتجاج ڪيو پر وزير اعظم ان کي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ جيڪي حڪومتي فيصلا آهن، اهي به عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. تازو کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هي ملڪ وڏي انگ ۾ ڪمند پيدا ڪندو رهيو آهي.
ملڪ ۾ سستي کنڊ کي حد کان وڌيڪ قرار ڏيندي حڪومت جي اجازت تحت وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري ڊالرن ۾ منافعو ڪمائڻ کانپوءِ شگر مافيا هاڻي کنڊ جا ذخيرا گهٽ ٿيڻ تي ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي سان مهانگي کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪري ورتي آهي. وفاقي حڪومت 220 رپيا في ڪلو جي حساب سان 10 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. مهانگي کنڊ امپورٽ ڪرڻ کان پوءِ صارف به مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جڏهن ته شگر مل مالڪن جي منافعي جو بار سرڪاري خزاني ۽ عام ماڻهن جي کيسي تي پوندو. ان حوالي سان شگر ملز مالڪن کان ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي وئي. پنجاب جي خوراڪ کاتي جي ترجمان کنڊ بحران جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ کنڊ جا ڪافي ذخيرا موجود آهن. ٻئي طرف ذريعن موجب ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) برازيل ۾ پاڪستاني ڪمرشل اتاشي کي هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب امپورٽ ٿيل کنڊ پاڪستان ۾ 220 رپيا في ڪلو جي حساب سان آرڊر ڪئي پئي وڃي، خوراڪ کاتي وٽ هن وقت 10 لک ٽن سرپلس کنڊ آهي، جيڪا خوراڪ کاتي کي استعمال ڪرڻي پوندي. خوراڪ کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جا اضافي ذخيرا ختم ٿيڻ سان امپورٽ ٿيل کنڊ مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. شهري 100 رپيا في ڪلو سرڪاري کنڊ 220 رپيا في ڪلو جي حساب سان خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
عوام لاءِ هر اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي، جنهن سان ان کي معاشي طور بدحال ڪيو وڃي. هن وقت تائين عوام بنهه گهڻي مهانگائي برداشت ڪندو رهيو آهي. پر هاڻ عوام وٽ وڌيڪ مهانگائي برداشت ڪرڻ جي سگهه ڪونهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي هر شعبي ۾ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن عوام ڪجهه چرڻ جهڙُو ٿي سگهي. ماڻهن جي مالي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. تنهنڪري ان کي هر حوالي سان عوام دوست فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام جون ذهني پريشانيون ختم ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button