پاڪستانخيبرپختونخوا

بنون ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جا 9 جوان شهيد ٿي ويا، 5 اهلڪار زخمي

راولپنڊي: خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار پاڪ فوج جي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 فوجي شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي قافلو بنون ضلعي جي شهري علائقي جاني خيل ۾ هو ته موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ نائب صوبيدار صنوبر علي سميت 9 جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي دهشتگردن جي موجودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشن ڪري رهيا آهن. واقعي جي حوالي سان چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جو عزم بهادر جوانن جي قربانين سان وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪ فوج جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي واقعي ۾ 9 بهادر شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، جنهن تي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو عزم مضبوط آهي. ان کان اڳ 22 آگسٽ تي ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته موثر آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button