ڪشمور کان وٺي ڪراچيءَ تائين سموري سنڌ ھڪ آواز بڻيل آھي. ھن جو مطالبو آھي تھ عام طور سنڌ ۾ مغوي بڻايل معصوم انسان آزاد ڪرايا وڃن. ڇا سنڌ جي ان جائز مطالبي مان بھ ڪا نئين معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي؟ ڇا سنڌ کي اھو آواز اٿارڻ جي اھا سزا ڏني ويندي تھ ھن کي مٿئين سطح تائين نھ ٻڌو وڃي؟ ڇا اھو معاملو پوليس جي انھن ٺڙڪو ڪامورن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي پاڻ کي ڳالهين جي فن جو وڏو ماھر سمجھن ٿا. جن جو خيال آھي تھ ھو ڪنھن کي بھ واعدي واري ڪوڙي شيشي ۾ لاھي سگھن ٿا.
انھن کي پنھنجي ان فن تي جيڪڏھن ايڏو ئي ناز آھي تھ ھو ٻيلي ۾ ڇو نھ ٿا لھن؟ ھو ڇو نھ ٿا ڌاڙيلن سان ڳالھيون ڪن؟ ھو ڇو نھ ٿا ڇڏائين انھن معصوم انسانن کي جيڪي وڏي وقت کان وٺي ڪچي جي ان ٻيلي ۾ يرغمال بڻيل آھن، جيڪو ٻيلو ڪو روس جو عالمي ٻيلو بھ ناھي ۽ نھ وري اھو ڪو برزايل جو رين فاريسٽ آھي! مٺ جيترن وڻن تي مشتمل ان ٻيلي ۾ موبائيل فونن جا سگنل تھ پھچي سگھن ٿا پر اھي سرڪاري صاحب پھچي نھ ٿا سگھن، جيڪي سوشل ميڊيا تي ھر ڏينھن انھن ڌاڙيلن جون وڊيوز وائرل ٿيندي ڏسن ٿا، جيڪي ڏينھن ڏٺي جو شھرن مان ماڻھو کڻي ٻيلي ۾ لھي وڃن ٿا.
اھي ڌاڙيل ھاڻي پنھنجي بندوق کي بھ ايترو استعمال نھ ٿا ڪن، جيترو ھو موبائيل فونن کي ڪن ٿا. اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ڄڻ ھاڻي انھن جو سڀ کان اثرائتو ھٿيار موبائيل فون ٿي ويو آھي. ھو موبائيل فون جي معرفت ماڻھن کي ڌمڪيون بھ ڏين ٿا. مغوين کي مارڪٽ ڪري انھن جا وڊيوز ڀري سندن گھر ڀاتين کي بليڪ ميل بھ ڪن ٿا. ان کانسواءِ ھو پنھنجي دل وندرائڻ لاءِ بھ ان اوزار کي ھر وقت استعمال ڪندا رھن ٿا.
ملڪ ۾ ھن مھل سائبر ڪرائيم جا سلسلا وڌيا آھن تھ ان جي مقابلي ۾ حڪومت ۽ انتظاميا بھ پنھنجو شعبو متحرڪ ڪيو آھي. ڇا اھو ممڪن ناھي تھ ڌاڙيلن کي ان نيٽ ورڪ کان دور رکي سگھجي، جنھن جون حدون ملڪ تائين محدود ناھن. ھي جيڪي فيس بڪن تي پنھنجا اڪائونٽ ھلائين ٿا. جن جي فالوئنگ پوليس آفيسرن کان بھ وڌيڪ آھي. جيڪي ھر ڏينھن ڪنھن نھ ڪنھن مقامي يا ملڪي ڪڏھن ڪڏھن تھ بين الاقوامي قسم جي علائقائي معاملن تي بھ پنھنجو موقف پيش ڪن ٿا ۽ اھو موقف وري ميڊيا جي زينت بڻجي ٿو. اھو تمام تلخ قسم جو تماشو گھڻي وقت کان وٺي جاري آھي. پر پوليس جي ڪن تي جونءِ بھ نھ ٿي سري. ڇو تھ پوليس جا پنھنجا مزا آھن. پوليس جا پنھنجا ٽارگيٽ آھن. پوليس جون پنھنجون سرگرميون ۽ سندس پنھنجون حدون آھن. انھن ۾ جيڪڏھن ڪنھن جي مداخلت ٿئي ٿي تھ ھو قانون جي فولادي ۽ تمام وڏن ھٿن جو مظاھرو ڪري ڏيکارين ٿا. جيڪڏھن ھو پنھنجيءَ تي اچن ٿا ۽ وڏن کي پنھنجي وفاداري ۽ ساٿ جو يقين ڏيارڻ چاھين ٿا تھ ملڪ جي تمام وڏي پارٽيءَ کي لوڻ پاڻي ڪرڻ ۾ ڪا دير نھ ٿا لڳائين. پر جڏھن سيما وارو ڊرامو ٿئي ٿو. تڏھن ڌاڙيلن جو ايمان اوچتو جاڳي پوي ٿو ۽ ھو جيڪي معصوم انسانن مٿان بدترين تشدد ڪرڻ کي ڪو ڏوھھ گناھھ نھ ٿا سمجھن، انھن ۾ ملڪي ۽ مذھبي غيرت ان حد تائين وڌي وڃي ٿي جو ھو سنڌ جي ھندن مٿان حملا ڪرڻ ۽ انھن جي مندرن کي راڪيٽ لانچرن سان مسمار ڪرڻ جون وڊيوز وائرل ڪن ٿا. پر انھن جي مٿان ڪو ايڪشن نھ ٿو کنيو وڃي. جڏھن تھ انھن کي عبرت جو نشان بڻائڻ ايترو مشڪل بھ ناھي. جيڪڏھن آھي تھ پوءِ سنڌ پوليس کي ان جو آفيشل اعلان ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ سنڌ جو اڳوڻو آءِ جي بھ ان سلسلي ۾ ڪجھھ نھ ڪري سگھيو. سنڌ جو موجوده آءِ جي بھ ماٺ آھي. جڏھن تھ سنڌ جو گھرو وزير بھ پنھنجي فرض کي ادا ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ ايندو نظر نھ ٿو اچي.
پاڪستان جي فوج جو سربراهه جڏھن ٽي ٽي پي (TTP) خلاف اھو بيان ڏئي ٿو تھ انھن کي ڪنھن بھ قيمت تي معاف نھ ڪيو ويندو ۽ نھ وري انھن سان ڪو سمجھوتو ڪيو ويندو. جڏھن تھ پوري دنيا کي پتو آھي تھ پاڪ-افغان سرحد نھ فقط دنيا جي سڀ کان ڊگھي سرحد آھي پر اھا پھاڙن سبب ايتري تھ مشڪل آھي جو ان مٿان مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن نھ آھي پر پوءِ بھ جيڪڏھن ملڪي سطح تي قانون شڪن قوتن سان قانون مطابق سلوڪ اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھر سمجھوتي کي رد ڪيو وڃي ٿو تھ پوءِ ساڳيو اپاءُ سنڌ ۾ انھن ڌاڙيلن خلاف ڇو نھ ٿو کنيو وڃي، جن جا نام نھاد نمائندا ھر ڏينھن سوشل ميڊيا تي تيل ڏنل مڇون وٽي پنھنجا بيان جاري ڪري رھيا آھن ۽ انھن جي مٿان ھن مھل تائين اھڙو ڪو ايڪشن نھ کنيو ويو آھي، جو انھن جون حرڪتون ڪنٽرول ۾ اچن. ھڪ طرف سنڌ ۾ بک آھي ۽ ٻئي طرف سنڌ ۾ بدامني آھي. جڏھن تھ سماج ۽ قانون جي ڪچن شاگردن کي بھ اھو علم ھوندو تھ بک ۽ بدامنيءَ جو پاڻ ۾ تمام گھرو تعلق ھوندو آھي. جڏھن معاشي بحران سبب سنڌ گاديءَ واري ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي شھر جون گھٽيون محفوظ نھ رھن ۽ پورو شھر اسٽريٽ ڪرائيم جي ور چڙھي وڃي تھ سنڌ جي انھن ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن جو ڇا ٿيندو، جتي جڏھن شام جو سج لھندو آھي، تڏھن بدامنيءَ جا راڪاس رستن کي سنسان بڻائڻ جو سبب بڻجي ويندا آھن. سنڌيءَ ٻوليءَ جو پراڻو پھاڪو آھي ”ابو مئو ادو ڄائو اسان اوتري جا اوترا“ اڳيئن حڪومت وئي، ھيءَ حڪومت آئي، اسان کي ڪنھن بھ رخ ۾، ڪنھن بھ حوالي سان ڪا تر جيتري بھ تبديلي محسوس نھ ٿي.
سنڌ ۾ جڏھن وڌيل بدامنيءَ سبب ھندو آباديءَ کي پنھنجو ساھھ گھٽجندو محسوس ٿيو، جڏھن انھن کي لڳو تھ ڌاڙيلن کان تحفظ ملڻ مشڪل ئي نھ پر ناممڪن بڻجي ويو آھي، تڏھن ھو سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سراپا احتجاج بڻجي، ڪراچيءَ ۾ بھ مظاھرا ڪري رھيا آھن ۽ ڪشمور ۾ بھ ڌرڻا ھڻي رھيا آھن ۽ انھن جي تڪليفن کي حساس ڪنن سان ٻڌڻ ۽ عملي قدم کڻي انھن کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران پوليس جا ڪامورا انھن کي ڌمڪيون ڏين ٿا تھ جيڪڏھن انھن جو حڪم مڃي ڌرڻا ختم نھ ڪيا ويا تھ ھو گوليون ھلائڻ ۾ بھ ويرم نھ ڪندا. ڇا قانون جو ڪردار ھاڻي اھو رھيو آھي؟ قانون کي پنھنجي پوزيشن جو جائزو وٺي ٻڌائڻ گھرجي تھ ڪنھن جي پاسي بيٺل آھي؟ ھو ڌاڙيلن سان يا پرامن شھرين سان!؟
احتجاجي عوام کي سخت ايڪشن سان ڊيڄارڻ وارن پوليس اھلڪارن کي اھو پتو ھجڻ گھرجي تھ گولي ماڻھوءَ کي تھ ماري سگھي ٿي پر اھا انصاف لاءِ اٿيل آواز کي دٻائي نھ سگھي.