ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ

Editorial

ملڪ ۾ هڪ پاسي سياسي ۽ معاشي بحران ڪر کڻيو بيٺو آهي ته ٻئي پاسي کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جي شين جو بحران سخت کان سخت ٿيندو پيو وڃي. نتيجي ۾ ماڻهن جي زندگي ويتر عذاب ٿيندي پئي وڃي. ماڻهو اڃا هڪ مسئلي کي منهن ڏئي ان مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ته نئون مسئلو ڪر کڻي بيهي رهندو آهي. ملڪ ۾ کنڊ جي بحران کان وٺي مهانگي اٽي ۽ پيٽرول توڙي بجليءَ جي معاملن سبب عوام رڙيون ڪري رهيو هو ته مٿان وري زرعي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب لڳو پيو آهي. سنڌ جا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪيتري عرصي کان احتجاج ۽ مظاهرا ڪندا پيا اچن پر هن وقت تائين نه رڳو انهن جي داد فرياد کي ٻڌو ناهي ويو پر ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪونه ڪئي وئي آهي، نتيجي ۾ آبادگار معاشي طور بدحال لڳا پيا آهن. ڪو به آبادگار جڏهن ڪو فصل پوکيندو آهي ته ان لاءِ پاڻي ۽ زرعي ڀاڻ جي ضرورت پوندي آهي پر جيڪڏهن اهي ٻئي شيون وقت سر نه ملن ته پوءِ آبادگارن لاءِ ڪجهه به نٿو بچي. سنڌ ۾ هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڪري ان کي بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.

ڪالهه اها خبر رپورٽ ٿي آهي ته مٽياري تعلقي ۾ زرعي ڀاڻ گم لڳو پيو آهي ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ سبب آبادگار پريشان لڳا پيا آهن. اڏيرو لال وليج، اسٽيشن، بائو خان پٺاڻ ۽ شير محمد ٺوڙها ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي دڪانن تان غائب آهي. پيڊي مالڪ ۽ واپاري زرعي ڀاڻ ۽ دوائون بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب آبادگار پريشان لڳا پيا آهن. آبادگارن جو چوڻ هو ته زراعت تباهه ٿي رهي آهي ۽ اهي سيٽين جا قرضي ٿي رهيا آهن. هنن جو مطالبو هو ته وفاقي حڪومت ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي بليڪ تي وڪري جو نوٽيس وٺي رليف فراهم ڪري. سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. اڳ به اهڙا معاملا سامهون ايندا رهيا آهن. جڏهن به ڀاڻ جو ڪو بحران سامهون ايندو آهي ته انتطاميا پنهنجا چپ سبي ڇڏيندي آهي، جنهنڪري آبادگار ڀوڳيندا رهندا آهن. اهڙي ريت هاڻ جڏهن مٽياري تعلقي ۾ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي آهي ته اها رڳو ان تعلقي تائين محدود ڪونه رهندي پر ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ ان بحران کي وڌيڪ سنگين ڪندا ۽ هو عذر ڄاڻائيندا ته ڀاڻ مارڪيٽ مان ملي ئي ڪونه پيو، تنهنڪري اهي پنهنجي پسند جا پئسا وٺي آبادگار کي وڌيڪ ڪنگال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جو آبادگار اڳ ئي معاشي طور تباهه حال آهي، جيڪڏهن زرعي ڀاڻ به ان کي گهڻي اگهه ۾ وڪرو ڪيو ويو يا کوٽ ڄاڻائي نه ڏنو ويو ته هن لاءِ پنهنجا فصل اپائڻ مسئلو ٿي ويندو. تنهنڪري ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختياريون ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن ته جيئن آبادگارن کي وقت سر ڀاڻ ملي سگهي ۽ اهي پنهنجا فصل بهتر نموني اپائي سگهن. ان کانسواءِ ڀاڻ وڏي اگهه تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button