مهين جو دڙو، موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو، سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ واقع قديم آثارن واري جاءِ جو نالو آهي، جيڪا يونيسڪو طرفان ھڪ عالمي ورثو قرار ڏنل آهي. موهن جو دڙو انساني تاريخ جي 5 هزار سال پراڻي ثقافتي تهذيب آهي. ڏکڻ ايشيائي ملڪن پاڪستان ۽ هندستان جي سنڌو ماٿريءَ جي هن تهذيب کي شهري رٿابندي وارو شهر پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن ۾ پاڻي ۽ نيڪالَ جو جديد نظام رائج هو. مهين جو دڙو جي تهذيب مصر ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن جي همعصر تهذيب هئڻ جو اعزاز رکي ٿي. اڃان تائين ھن ماٿري جي تھذيب ۽ تمدن جي رخ کانسواءِ پنج ھزار سالن کان تاريخي ٻولي سنڌيءَ جي ورثي ۽ يوناني ٻوليءَ جي ڪل رڪني تهذيبن سان ميلاپ کائي ٿي، جنھن موجب مھين جو دڙو جي نالي سان ھيءَ ماٿري مشھور ھئي.
جيئن حڪمرانن جون حڪومتون تبديل ٿينديون رھيون تيئن مھين جو دڙو جو نالو تبديل ٿي، موھن جو دڙو نالو پيو. جڏھن ھن دڙي مٿان تاريخي ۽ تمدني ڪتاب موجب خدا طرفان عذاب نازل ٿيو ۽ ھيءَ مشھور تاريخ ماڳ مئلن جو دڙو ٿي ويو جنھن کانپوءِ ھن کي موئن جو دڙو سڏيو ويندو ھو. جڏهن ته مهين جي دڙي تي گهٽ تحقيق ٿيڻ ڪري کيس مصر جي تهذيب کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏي تهذيب ڪوٺيو ويندو آهي. مهين جي دڙي جي آثارن کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽيج سائيٽ جو درجو ڏنو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ مختلف انداز سان “مئل ماڻهن جو دڙو” ۽ “موهن جو دڙو” سڏيو ويندو آھي. ڀارت جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي رهيو هو، جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کانسواءِ ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي ٻولين ۾ اُڪرايا هئا.
هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد کانپوءِ سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. ائين اتفاق سان هيءَ ماهر ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هو، جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هيءَ مٿيون سڀئي اڏاوتون ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهيءَ کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو ڪئين سالن تائين سنڌوءَ جي ٿيندڙ ٻوڏن کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو. جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪوپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺڪراٺو هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هو پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪجهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا الگزينڊر ڪنگهم کي هڙپا جي کوٽائي مان ملي هئي.
ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي، جيڪا هڙپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا، جيڪو هنڌ ان وقت ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم ماڳ سمجهيو ويندو هو. ائين ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو. (هلندڙ)