سنڌ ۾ گذريل ڪجهه وقت کان ڊينگيءَ جي مريضن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڏينهون ڏينهن ڊينگيءَ جي مريضن جو وڌندڙ انگ ماڻهن لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڊينگيءَ جو ڪو خاص علاج نه هجڻ ڪري ماڻهو ذهني طور اذيت مان گذرندا رهندا آهن. ڪراچي شهر ۾ خاص طور اهڙن مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي. هن وقت تائين ڊينگيءَ جي مريضن جو انگ 1070 ٿي ويو آهي. ڪراچيءَ جي اوڀر ضلعي ۾ 51، ڏکڻ ضلعي ۾ 16 وچولي ضلعي ۾ 12 جڏهن ته ڪورنگيءَ ۾ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ ڊينگيءَ جا 120 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي 30 ضلعن مان مليريا جا 2 لک 96 هزار 210 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگيءَ جا ايتري وڏي انگ ۾ ڪيسن جو رپورٽ ٿيڻ يقينن ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته صحت کاتو مليريا ۽ ڊينگي جهڙن مرضن جي خاتمي ڏانهن ڌيان ڪونه ڏئي رهيو آهي، نتيجي ۾ مريضن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.
سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ڪي ايتريون بهتر ڪونه آهن. جڏهن به شهري مليريا جو شڪار ٿين ٿا ته انهن جو بار سرڪاري اسپتالن تي ايترو وڌي ويندو آهي جو مليريا جون ٽيسٽون به ڪونه ڪيون وينديون آهن ۽ دوائن جي حوالي سان ته اسپتالن ۾ سدائين کوٽ رهندي آهي. تنهنڪري مريضن کي ئي گهڻو ڀوڳڻو پوندو آهي. جڳهه جڳهه پاڻي بيهڻ ۽ صفائي نه هجڻ ڪري ڊينگي ۽ مليريا جو پکڙجڻ عام جام آهي. پر ڇا صحت کاتي کي ان جو خيال ڪونهي ته عوام کي انهن ٻنهي مرضن کان بچائڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺڻ ضروري آهي. وقت سر اسپري ڪرائڻ کان پوءِ عوام کي خاص هدايتون جاري ڪرڻ صحت کاتي جو ڪم آهي. پر لڳي ائين رهيو آهي ته عوام کي رڳو مڇرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيئن اهي پنهنجي سر پاڻ منهن ڏيندو رهي. هڪ ئي صوبي ۾ 2 لک 96 هزار ڪيسن جو رپورٽ ٿيڻ ڪنهن به ريت گهٽ انگ ڪونهي. هي بنهه وڏو انگ آهي ۽ ان مان خبر پوي ٿي ته صحت کاتو ڊينگي توڙي مليريا جي خاتمي لاءِ ڪجهه خاص ڪم ڪونه ڪري رهيو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ وسيلن جي کوٽ کان وٺي دوائون نه ملڻ ڪري جيڪي تڪليفون عوام کي پهچن ٿيون، ان جو اندازو رڳو عوام کي ٿي سگهي ٿو.
عوامي صحت جي حوالي سان صحت کاتي کي ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ جتي به مليريا ۽ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اتي ترت اسپري ڪرايو وڃي. ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي مڇردانيون فراهم ڪيو وڃن، ان کان سواءِ عوام کي به احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن مڇرن کان بچي سگهجي. صحت کاتي کي باقاعدگيءَ سان مڇر مار اسپري ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي انساني صحت جو معاملو آهي. جيترو پئسو حڪومت مليريا ۽ ڊينگيءَ جي علاج تي خرچ ڪندي آهي، ان کان بهتر آهي ته مڇرمار اسپري ڪرائي اڳواٽ ئي ماڻهن جي مڇرن مان جان ڇڏائي وڃي.