ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوڇڙيءَ جي آبادگارن جي ڪٿا

Editorial-Article-Rashid Leghari

جيڪڏهن اهو چئجي ته سنڌ جو تاريخي شهر گلاب لغاري ۽ اتي جي آس پاس جا ڳوٺ قدرت ۽ فطرت جي هٿ وس ئي رهيا آهن ته ان ۾ ڪوبه وڌا نه ٿيندو. هي تاريخي شهر هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب پنهنجي جياپي جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي. هن شهر جا هنرمند، رازا، واڍا پنهنجي هنر ۾ وڏا مشهور رهيا آهن، هن هنر جي زنده رهڻ جو دارومدار به پاڻيءَ تي ئي آهي. پاڻي زندگي آهي، پاڻيءَ سان ئي ڌرتيءَ تي جيوت پيدا ٿي آهي. جنهن ڏينهن پاڻي اڻلڀ ٿيو ته ان ڏينهن ڌرتيءَ تان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.
سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۾ جتي سموري سنڌ برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هئي ته ان مهينن ۾ ٽنڊُوالهيار ۽ چمبڙ کان بااثر زميندار پنهنجي زرعي زمينن مان جيڪو پاڻي ڪڍي گلاب لغاري ۽ آس پاس جي ڳوٺ جي زرعي زمين جي پاڻيءَ لا ڪڍيل پوڇڙيءَ جي شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري رهيا هئا ته ان مان ئي اتي جا هاري ۽ زميندار برسات جي پاڻيءَ مان پوکائي پئي ڪئي. ساڳئي وقت روهڙي ۽ ڪوٽڙي بئراجن ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه دوران به واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. جتي پهرين ٽماٽو بعد ۾ هزارين ايڪڙن تي توريو سرينهن جي پوکائي ڪري ماڻهن سک جو ساهه کنيو آهي. نه ته هتي 2010 کان وٺي 2022ع تائين پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري زمينون بنجر بڻيل رهيون. 2010ع جي ٻوڏ وقت به گلاب لغاريءَ جي ڳوٺاڻن زرعي فصل پوکي پاڻ کي معاشي طور خوشحال ڪيو هو. روهڙي ڪئنال ۽ ڪوٽڙي بئراج تي مقرر آبپاشي کاتي جا ڪامورا چاهين ته گلاب لغاري سميت پوري بدين جي پوڇڙي تائين زرعي زمين کي هر پوکائيءَ جي موسم ۾ پاڻي ملي سگهي ٿو.
گلاب لغاريءَ جي مراد واهه تي هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. هن وقت ڪوٽڙي بئراج تي وڌيڪ ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي ڪري مراد واهه ۾ ٿورو پاڻي ڇڏيو ويو آهي. باقي ميران خوري ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ برقرار آهي. پاڻي نه هجڻ جي ڪري وونئڻ، مرچن جو فصل متاثر ٿيندو رهيو آهي.آبادگارن ڪمند ۽ سارين جي پوکائي بند ڪري ڇڏي آهي. پاڻي نه هجڻ سبب 40 هزار ايڪڙ زمين بنجر پيل آهي. گلاب لغاريءَ جا آبادگارن ٻڌائين ٿا ته پوڇڙيءَ ۾ پاڻي نه هجڻ جو وڏو ڪارڻ سندس شاخن تي منڍ جا آبادگار وڌ کان وڌ ڪيلي جي پوکائي ڪري رهيا آهن. هڪ واهه تي 15 هزار ايڪڙ زمين آهي ته ان جي 10 هزار ايڪڙ زمين تي ڪيلو پوکيو وڃي ٿو. ڪيلي ي وڌيڪ پاڻي به گهرجي. بئراجن جي کوٽائي وقت انگريزن 33 سيڪڙو فصل پوکڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن سان سمورن فصلن کي پاڻي ملي سگهيو پئي پر هتي ان جي ابتڙ آبادگار طاقت جي زور تي 100 سيڪڙو فصلن جي پوکائي ڪري رهيا آهن. جنهنڪري پوڇڙي جي آبادگارن کي سندن جائز پاڻي به نٿو ملي. صوبائي زراعت کاتي موجب 22-2021ع دوران سنڌ ۾ 31 هزار 963 هيڪٽرن تي ڪيلي جي پوک ڪئي وئي. ٺٽي ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ 8271 هيڪٽرن تي ڪيلو پوکيو ويو آهي. خيرپور ۾ 5550 هيڪٽر، نوشهروفيروز ۾ 4375 هيڪٽر ۽ ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ 1106 هيڪٽرن تي ڪيلو پوکيو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته هي سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ايترن هيڪٽرن تي ڪيلي جي پوکائي ٿئي ٿي پر مقامي آبادگارن موجب ته ان کان وڌيڪ ايڪڙن تي ڪيلي جي پوکائي ٿي رهي آهي. ان تحت زمينن ۾ سيم وڌيڪ اچي ويو آهي. جنهن سان ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جي گهٽ پوکائي ٿي رهي آهي. ڪڻڪ جي گهٽ پوکائي سبب ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جو بحران به ڪرُ کڻي سگهي ٿو. بدين ۾ جتي 80 سيڪڙو ڪڻڪ جي پوکائي ٿيندي هئي، اها هاڻ گهٽجي وئي آهي. اهڙي ريت ٻين ضلعن ۾ به ساڳئي صورتحال نظر اچي ٿي. ماڻهو ڪيلي کانسوا ته زنده رهي سگهي ٿو پر ڪڻڪ ۽ اٽي کانسوا زنده نٿو رهي سگهي. حيدرآباد ۾ هن وقت اٽو 160 روپين کان وٺي 165 روپيا في ڪلو مقرر ڪيو آهي. اٽي جي مهانگي ٿيڻ سان ڏهاڙي دار مزدور جون هونئن به رڙيون نڪري ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button