اها پڪ ٿي چڪي آهي ۽ حالتون به ٻڌائين پيون ته ايندڙ عام چونڊون آئيني گهرجن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ نوي ڏينهن اندر نومبر ۾ وقت سر نه ٿي نه سگهنديون پوءِ به دلاسن تي گذران جاري آهي. جڏهن اليڪشن ڪميشن کي اشارو ملندو تڏهن ئي شيڊول جاري ٿيندو. اڃا ته چونڊن جي ڪا بوءِ محسوس نٿي ٿئي، هن وقت تڪبنديون ٺهڻ واري مرحلي ۾ آهن. پ پ پ ۽ (ن) ليگ عوامي رابطي واري اڌوگابري مهم شروع ڪري ڏني آهي. پي ٽي آءِ جي چونڊ چرپر ته هن وقت مفلوج بڻيل آهي، پر گلگت بلتستان ۾ ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي مخالف پارٽين پ پ پ ۽ (ن) ليگ جا ترا ڪڍي کين اتي شڪست ڏئي سرخرو ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ مخالفن ۾ ڪنهن حد تائين مايوسي ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڀلي ڀت وقت سر چونڊن جي انعقاد کان ڊنل آهن.
پ پ پ ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ٺٽي کان ڪري چڪي آهي، جڏهن ته (ن) ليگ جو مک اڳواڻ طلال چوڌري سنڌ جي دوري تي ڪراچي پهتو ۽ (ن) ليگ جي سنڌ قيادت سان گڏجاڻي ڪري کين (ن) ليگ جي قائد ميان محمد نوازشريف جو پيغام پهچايو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي قيادت کي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصي وٺڻ جي تياري لاءِ چيو ويو آهي. هن گڏجاڻي ۾ (ن) ليگ ۾ سنڌ جي برک سياسي چهرن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ ۽ پنهنجي ويجهو آڻڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي. ايئن چئجي ته (ن) ليگ کي سنڌ ۾ نوان چهرا ۽ نوان اڳواڻ گهرجن جن وٽ پنهنجو ووٽ بئنڪ هجي پر شايد ئي (ن) ليگ جو اهو خواب پورو ٿئي جو سنڌ جي مک سياسي قيادت جنهن اڳ ۾ ئي (ن) ليگ کي آزمائي چڪي آهي، (ن) ليگ ۾ شامل ٿئي. البت اهي قياس آرائيون آهن ته (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي باغي قيادت مسلم ليگ فنڪشنل يا جي ڊي اي ۾ شامل ٿئي يا وري آزاداڻي طور چونڊون وڙهن. مٺي ۾تازو فنڪشنل مسلم ليگ جو جيڪو عام جلسو ٿيو، ان ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم کي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو اها دعوت قبول ڪري جلد پير صاحب پاڳاري جي روبرو شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.
(ن) ليگ جنهن ماضي ۾ سنڌ ۾ به حڪومت ڪئي ۽ (ن) ليگ سنڌ ۾ سگهاري سمجهي ويندي هئي، جنهن جو مک ڪارڻ اهو هو ته ان وقت (ن) ليگ ۾ سنڌ جي مک سياسي قيادت جنهن ۾ لياقت علي خان جتوئي، ميان محمد سومرو، سيد غوث علي شاهه، شيرازي ڀائر سميت وڏي انگ ۾ برک مڃيا ويندڙ سياستدان پنهنجي ذاتي خواهش يا وري سگهارين ڌرين جي چوڻ تي (ن) ليگ ۾ شامل ٿيا هئا ۽ ننڍي ورڪر جو به پارٽيءَ ۾ مان مرتبو هو ۽ کين ٻڌو ويندو هو جن کي به مخصوص سيٽن يا سينيٽ ۾ آندو ويو هو. هن وقت پارٽيءَ ۾ اهي برک سياستدان رهيا ئي ناهن ۽ ننڍو ڪارڪن به مايوسين جو شڪار آهي، جيڪو مفتاح اسماعيل جي مثبت روين سبب (ن) ليگ ۾ سرگرم هو. مفتاح اسماعيل هن وقت پارٽي مخالف روين سبب خاموش آهي نه وري ورڪر گهڻو سرگرم آهي ۽ باغي اڳواڻن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته (ن) ليگ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن طلال چوڌري اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ (ن) ليگ سان گڏ رهڻ جو عزم ڪيو آهي پر اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ (ن) ليگ ۾ بغاوت به ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي قائد ميان محمد نواز شريف کي ڪو سنجيدگيءَ سان فيصلو ڪرڻو پوندو. (ن) ليگ جي گذريل ٽن حڪومتن ۾ ته ٺهيو پر پي ڊي ايم دور حڪومت ۾ به سنڌ ۾ (ن) ليگ ڪارڪنن کي مايوسين کانسواءِ ڪجهه به نه مليو. جيڪڏهن (ن) ليگ سنڌ ۾ پنهنجو وجود برقرار ڏسڻ چاهي ٿي ته سنڌ جي ورڪرن کي اهميت ڏيڻي پوندس، انهن جون مايوسيون ختم ڪرڻيون پوندس.
پ پ پ ملڪگير چونڊ مهم جي شروعات ڪري چڪي آهي. ان ڏس ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٺٽو، بدين،ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ عام جلسن کي خطاب ڪيو آهي. پنجاب سرحد ۽ بلوچستان وڃڻ جو به پروگرام اٿس. پ پ پ آهي ته هڪ پارٽي پر ان جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداريءَ جا تڪراري بيان سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ پارٽي ورڪر يا عام ماڻهو اها ڳالهه سمجهي ناهي سگهيو ته آخر تڪراري بيان ڇو اچي رهيا آهن يا آيا آهن ۽ انهن جو ڪهڙو مقصد آهي. بلاول ڀٽو زرداري نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ورجائي رهيو آهي، جڏهن ته سندس والد آصف علي زرداري تڪبندين جي جوڙجڪ ۽ ملڪي بقا جي اهميت وارا بيان ڏنا آهن. بقول سندس ته ملڪ هوندو ته سياست به قائم دائم رهندي ۽ سندس بيان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عام چونڊون دير سان به ٿي سگهن ٿيون.
جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا پ پ پ کي چڙ ڏياريندڙ بيان ظاهر ڪن ٿا ته پي ڊي ايم ۾ ڏڦير پيل آهي جنهنڪري پ پ پ اڳ به پي ڊي ايم کان الڳ هئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به الڳ رهي اڪيلي سر حصو وٺندي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي بيان وري ايم ڪيو ايم پاڪستان کي چيڙائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي حيدرآباد واري خطاب ۾ صاف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي ۽ هن مڪاني چونڊن ۾ حصو نه وٺي اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته اها چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي قيادت پنهنجي پاڙ پختي رکڻ ۽ مهاجرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وري هڪ ڀيرو ڪراچي حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر کي واپس ورائڻ وارو لسانيت تي ڌاريل بيانيو شروع ڪيو آهي.
سنڌ ۾ هن ڀيري پ پ پ کي چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن جنهن ۾ جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ، متحده ۽ جماعت اسلامي ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن. پ پ پ لاڳيتا پندرهن سال سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي به سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به رليف يا انصاف وٽان ڪم ڪرڻ کان لاچاري رهي آهي. جنهنڪري به عام شهري ووٽر پ پ پ کان خائف ٿي چڪو آهي، البت ٻهراري پ پ پ جو ڏڍ بڻجي سگهي ٿي جو اتان جو وڏيرو گهڻو ڪري پ پ پ جو ٻانهن ٻيلي رهندو پيو اچي، تنهنڪري ٻهراڙيءَ جو ووٽ پ پ پ کان پري نه ويندو. جي ڊي اي ماضي ۾ متحده جي روين ۽ بيانن تي وڏا ڇوهه پئي ڇنڊيا آهن ۽ هن وقت سندن اتحاد ڪرڻ جي پويان ڪو ته راز هوندو. ڇا سنڌ جون قومپرست پارٽيون متحده جي ڊي اي اتحاد جون حمايت ڪنديون، نٿو لڳي ته ڪا حمايت ڪن. هن اتحاد جي شرطن شروطن جي خبر تڏهن پوندي جڏهن چونڊ شيڊول جو اعلان ٿئي ۽ اتحاد جڙن تيستائين ڀلي پيو هرڪو پنهنجو پاسو ڪوسو ڪري.