گذريل حڪومت جيڪي عوام دسمن فيصلا ڪيا هئا. انهن جو تسلسل اڃا تائين هلندڙ اهي. تازو پرتول جون قيمتون وڏائي عوام جي مٿان جيڪو معاشي بار وڌو ويو آهي ان کان پوءِ عوام لاءِ گهران نڪرڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي. حڪومت ڪنهن به پارٽي جي هجي پر ان وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي جنهنڪري عوام جي حالت ڏاينهجون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ اشرافيا مڄي مواڙ پئي ٿئي.
هاڻوڪي نگران حڪومت جي ترجيح عوام يا عوام دوست فيصلا بلڪل به ڪونه آهن. چاڪاڻ ته هاڻوڪي حڪومت ۾ به اهي ساڳيا مفادپرست سياستدان ئي ويٺُل آهن جن لاءِ اهميت رڳو ذاتي مفاد ۽ عالمي مفاڊ آهن. ڇا ڪو تصور ڪري سگهيو ٿي ته رڳو هڪ ڏيڍ مهيني دوران پيٽرول جا اگهه 86 رپيا وڏايا اويندا ۽ جڏهن عوام پڇاڻو ڪندو ته اهو جواب ايندو هي ته عالمي راند آهي عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه وڌن ٿا سو اسان کي به وڏائڻا ٿا پون. پر عالمي سطح تي تيل جا اگهه ايترا وڌيا آهن.ڇا پاريسري ملڪن ۾ تيل جا اگهه ايترا وڌيا آهن. اتي به پيٽرول عالمي مارڪيٽ مان اچي ٿو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ايترو ئي عوام دوست آهي جيترو عمران خان هوندو هو هو. جنهن وٽ مهانگائي ڪرڻ وقت رڳو عالمي اشو هوندو هو. هو ان مهنگائي کي عالمي مهانگائي سان ڀيتيندو هو. هن ڪڏهن به عوام جي جهرندڙ معاشي حالت کي بهتر نه ڪيو. اهڙي ريت هينئر جيڪا صورتحال آهي سا به ڪا بهتر ڪونهي. عوامي سطح تي جيڪا ڪاوڙ موجود آهي اها ڪنهن وقت به ڦاٽ کائي سگهي ٿي پر ان پاسي حڪومت جو ڌيان ڪونهي. اسين اهڙا منظر سريلنڪا ۾ ڏسي چڪا آهيون. جتي عوامي سمنڊ حڪمرانن جا محل لوڏي رکيا هئا. تنهنڪري عوامي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. ان جي اهم ترين مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
پر هاڻوڪي حڪومت جي اپائن مان لڳي ٿو ته اها ڪنهن عوامي مسئلي تي سنجيدگي اختيار ڪرن لاءِ تيار ڪونهي. اهڙي حالت ۾ عوام مٿان هر عذاب ۽ بار وجهڻ سان عوام جي همت جواب ڏئي ويندي. تنهن کان پوءِ عوامي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ به ڏکيو ٿو ويندو. هاڻ جڏهن چوندون ويجهو آهن ته سياسي پارٽين کي پوائنٽ اسڪورنگ بدران حقيقي آواز عوام لاءِ اٿارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هيستائين عوام رڳو سياسي پارتين جي آسري رهيو آهي ۽ انهن ئي پارٽين عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي. اسين سمجهون ٿا ته هي وقت اهي جڏهن عوان ايندڙ چونڊن کان اڳ ۾ گهٽ ۾ گهت پنهنجو پرامن احتجاج ضرور رڪارڊ ڪرائي ته ڪيئن حڪومت کي اها خبر پوي ته عوام ستل ڪونهي بلڪه ان جي اندر ۾ ڪاوڙ موجود آهي جنهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هو پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي. ڪجهه وقت اڳ بجلي جي بلن خلاف پاڻمرادو نڪري آيو هو. ائين ئي هن ڀيري به عوام کي پاڻمرادو نڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون في الحال ان مود ۾ نظر ڪونه ٿيون اچن جو اهي عوامي احتجاج ۾ شامل ٿين تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته عوام پنهنجي ٻل تي حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف ٻاهر نڪري پنهنجو آواز حڪمرانن جي ڪنن تائين پهچائي.