هي حقيقت آهي ته اسٽيبلشمنٽ جي شروع کان ڪوشش رهي آهي ته ڪهڙي طريقي سان سياسي قوتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا ڪم ڪڍجن. سياسي قوتن ۾ اها سرد جنگ، ميثاق جمهوريت کانپوءِ ختم ٿي،جنهن جي ٻيهر شروعات عمران خان 2018 ۾ ڪئي، هاڻ صورتحال ايتري ته ورهايل آهي،جو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ان جو هڪڙو سبب هي به آهي ته طاقت جو مرڪز غائب آهي. ان کان اڳ ۾ سڀ ڪجهه ڊڪليئر ٿيل هو. ماضي قريب ۾ جيئن ئي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون ته ان سان گڏ اهي سموريون پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ جيڪي اسٽيبلشمنٽ جا ٻڌا ٻانهان غلام هئا، انهن کان هٿ ٻڌي معافي ورتي وئي ۽ کين چيو ويو ته وڃون ۽ پنهنجن پيرن تي بيهو. ان سان گڏ هي اعلان به ٿيو ته واڳ ڌڻي هاڻ غير سياسي ٿي ويا آهن، جيڪو سکڻو اعلان ئي رهيو، جيڪا جوڙ توڙ ڪرڻي هئي، هو ڪندا رهيا.
چوڌري پرويز الاهي کي بي يارومددگار ڪري پوليس جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، ان سان گڏ عمران خان کي به گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ويو، اهي سياسي اڳواڻ، جيڪي واڳ ڌڻين سان ڊگهي دوستي نڀائي رهيا هئا، انهن کي اڪيلي ٿيڻ تي پريشاني ٿي، جن ۾ ايم ڪيو ايم به شامل آهي.جن ڌرين کي اقتدار ۾ آندو ويو، انهن ۾ باپ سان گڏ ايم ڪيو ايم به شامل رهي،پر انهن کي هٿ ڪجهه به نه آيو. انهن کي ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان دوران ميان شهباز شريف کي وزير اعظم بڻايو ويو، ان سان گڏ پيپلز پارٽي ۽ ٻين کي به ميدان ۾ لاٿو ويو، پر هاڻ انهن مان ڪيترائي حڪومت کان ٻاهر ڪيا پيا وڃن يا وري ايندڙ سيٽ اپ ۾ انهن لاءِ ميدان صفا سوڙهو ڪيو ويو آهي.جيڪڏهن ايندڙ چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ حڪمراني ملي وڃي ته اهو به معجزي کان گهٽ نه هوندو. ان کان اڳ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، اعلان ڪيو هو ته ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو ٿيندو، هن کي جيڪي لارا لپا ڏنا ويا، اهي سڀ دوکو ثابت ٿيا. هينئر اسٽيبلشمنٽ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڳالهيون زيرو کان شروع ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلي مطابق آصف زرداري جون اسٽيبلشمنٽ ۽ ٻين ڌرين سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون ته ان جي نتيجي ۾ پ پ سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندي، ٻي صورت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ پ پ مخالف اسٽيبلشمنٽ جي اتحادين کي موقعو ڏنو ويندو. ماضي ۾ به پ پ جي ميمبرن جي گهڻائي جي باوجود پهريان ڄام صادق علي ۽ پوءِ ارباب رحيم کي موقعو فراهم ڪيو ويو، اها الڳ ڳالهه آهي ته واڳ ڌڻين جو اهو تجربو ناڪام ٿيو.پر انهن پ پ سان جيڪو ڪجهه طئي ڪيو هو، ان تي به ڪيترائي اعتراض سامهون ايندا رهيا آهن. ملڪ جي نئين اسٽيبلشمنٽ چاهي ٿي ته پ پ کي اقتدار کان ٻاهر رکجي،ان کانپوءِ (ن) ليگ ۽ ان جا پراڻا اتحادي بچن ٿا، جن کي آزمائڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪئي ويندي. جيڪڏهن واڳ ڌڻين پ پ کي اقتدار کان ٻاهر رکيو ته انهن لاءِ وڏو خطرو عمران خان هوندو، جيڪو بغض معاويا ۾ پ پ سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، اهڙي صورتحال ۾ (ن) ليگ جي حڪومت جو هلڻ به مشڪل ٿي ويندو.
هينئر ملڪ اندر ٻه انتهائي اهم تبديليون اچي چڪيون آهن، يا اچي رهيون آهن، ملڪ جي نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جو حلف کڻندي ئي معاملن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن سڀ کان پهريان معطل ڪيل اهم قانون بابت ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عدالت جون بينچون ٺاهڻ لاءِ سينئر ججن تي ٻڌل بينچ فيصلو ڪري، ان کانپوءِ نيب قانون ۾ ترميمن سميت اهم فيصلا آهن،جيڪي اڳوڻي چيف جسٽس ڏنا،انهن جو مستقبل ڪهڙو ٿو ٿئي،اهو جلد سامهون اچي ويندو. هي اميد لڳائي پئي وڃي ته نئون چيف جسٽس بهتر طريقي سان معاملا هلائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ عدالتن ۾ التوا ۾ پيل اڪثريتي درخواستن جا فيصلا ٿي ويندا.
جيڪا ٻي اهم ڳالهه آهي،اها هي ميان نواز شريف، ايندڙ مهيني ڏيهه ورڻ جو پهريان ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هن جي ڏيهه ورڻ جي صورت ۾ جيڪي معاملا سامهون ايندا، انهن کي پهريان ئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن پاناما ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي وئي ته ڪيترائي راز فاش ٿيندا. نواز شريف جي سزا کي جڙتو سمجهيو وڃي پيو، ممڪن آهي ته ميان صاحب کي نئين عدليا مان فائدو حاصل ٿئي. عدليا کان وڌيڪ نواز شريف واڳ ڌڻين سان معاملا طئي ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، ڪي حلقا ته چون پيا ته معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ ئي هن ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر پ پ جا ڪجهه اڳواڻ ان جي ابتڙ چون پيا ته ميان نواز شريف ڏيهه آيو ته کيس جيل ياترا ئي ڪرائي ويندي. ميان نواز. شريف جي ڏيهه ورڻ ۽ واڳ ڌڻين سان معاملا طئي ٿيڻ جي صورت ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ اقتدار کان ٻاهر به ٿي سگهن ٿيون. ان نوعيت جا اشارا پهريان ئي سامهون اچي چڪا آهن. هينئر پيپلز پارٽي جي اندر به ان معاملي تي گهڻي گرما گرمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۾ (ن) ليگ جي حوالي سان گرم نرم جملن جي ڏي وٺ سامهون اچي چڪي آهي، ممڪن آهي ته هي پيءُ ۽ پٽ جي نوراڪشتي به هجي، پر ان مان پارٽي اندر الڳ الڳ راءِ جي خبر پئي ٿي. لڳي ائين ٿو ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اڪثريت آصف زرداري جي سوچ سان اتفاق نٿي ڪري.
ميان نواز شريف، جي ڏيهه واپسي سان پاور گيم جي اصليت سامهون ايندي، پر جنهن نوعيت جا بلاول جا بيان سامهون آيا آهن،انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته ايندڙ سيٽ اپ ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ گڏ نه هونديون، پ پ پنجاب جي عهديدارن،جن ۾ نديم افضل چَن جي هي ڳالهه به نوٽ ڪئي وئي ته (ن) ليگ ادارن جي پٺيان لڪڻ گهري ٿي، جيڪا سٺي ڳالهه ناهي. ماضي ۾ پ پ توڙي (ن) ليگ واري وٽي سان ادارن جي پٺيان لڪي چڪيون آهن. هينئر لڳي ٿو ته گرين سگنل (ن) ليگ کي مليو آهي. واڳ ڌڻين ۾ به هي سوچ آهي ته جيڪڏهن پ پ کي مڪمل طور تي اقتدار کان ٻاهر ڪيو ويو ته ممڪن آهي ته اها پي ٽي آءِ سان ملي مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي، توڙي جو پ پ اندر اينٽي اسٽيبلشمنٽ سوچ نه هجڻ جي برابر آهي، هو سوديبازي ذريعي اقتدار جا مزا ماڻڻ گهرن ٿا. هينئر واضح طور تي واڳ ڌڻين جو پروٽوڪول (ن) ليگ کي حاصل آهي،انڪري باقي پارٽيون،جيڪي دانهون ڪن ٿيون، اهي فطري ۽ سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون آهن. ميان نواز شريف جي ڏيهه ورڻ سان واڳ ڌڻين کي ڪجهه عرصي لاءِ ته رليف ملي سگهي ٿو، پر نواز شريف جو ورتاءَ هميشه Trouble creator وارو رهيو آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ سان ڪنهن جو ماضي ۾ گهڻو ٽڪراءَ رهيو ته اهو ميان نواز شريف ئي هو، جنهن جي کيس قيمت ادا ڪرڻي پئي. هن ڀيري ماضي جي ڀيٽ ۾ حالتون انتهائي ڳنڀير آهن،حڪمرانن توڙي واڳ ڌڻين کي وڌيڪ خطرو عوامي ڪاوڙ مان آهي، ملڪ اندر، مهانگائي جي سونامي عوام کي آپي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف سان ٺاهه معاملن کي گهڻو خراب ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري نواز شريف کي اقتدار مليو ته اها گلن بدران ڪنڊن جي سيج هوندي.