سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي حوالي سان سنڌ جون سياسي ڌريون سدائين هڪ ئي موقف رکنديون آيون آهن ته ڌاري آبادي سنڌ جي وسيلن ۽ ڌرتيءَ تي بار آهي، تنهنڪري ان کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي. پاڪستان جهڙو ملڪ جيڪو اڳ ئي وسيلن جي کوٽ ۽ آباديءَ جي واڌ سبب پريشان آهي، اتي جيڪڏهن لاڳيتو ڌاري آبادي وڌندي رهي ته ان سان ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي. تازي آدمشماريءَ کان پوءِ پاڪستان لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ آبادي رکندڙ ملڪ ٿي ويو آهي. هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي آبادي بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ رٿابنديءَ جي وڌي رهي آهي. جنهن کي روڪڻ ڄڻ ڪنهن جي وس ۾ ڪونه رهيو آهي. اتي جيڪڏهن پرڏيهي ملڪن جا لکين ماڻهو اچي رهي پون ته اهي نه رڳو ملڪ جي امن امان لاءِ خطرو پيدا ڪندا آهن پر اهي ملڪ جي وسيلن تي به بار بڻجي ويندا آهن. هونئن به ملڪ ۾ جيڪا به ڌاري آبادي هوندي آهي، ان جو منهن سنڌ ڏانهن هوندو آهي، اها سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهي ان جي وسيلن تي قبضو ڪري پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪندي آهي ۽ پوءِ پنهنجي وطن واپس ورڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندي آهي.
سنڌ ۾ هن وقت افغانين کان وٺي، بنگالي، بهاري، برمي ۽ روهنگيا وڏي انگ ۾ آباد آهن. انهن جو اهم ترين شهر ڪراچي آهي. جتي اهي وڏي وقت کان آباد آهن. ڪيترا ڀيرا اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ڌاري آباديءَ کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو وڃي ته جيئن اهو بار سنڌ تان لهي وڃي پر هيستائين ڪڏهن به ان معاملي کي عملي طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي وئي آهي. نتيجي ۾ نه رڳو ڌاري آبادي سنڌ جي وسيلن تي قابض لڳي پئي آهي پر ان جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ پڻ ٿي رهي آهي. ڇا هن ملڪ جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جو احساس ڪونهي ته اهي ان مسئلي ڏانهن غيرسنجيدگي اختيار ڪري ايندڙ وقت ۾ ڪهڙي تباهيءَ کي دعوت ڏئي رهيا آهن. انهن کي اهو اندازو آهي ته پاڪستان ۾ اڳ ئي جڏهن ڪروڙين ماڻهو بيروزگار آهن. ڪروڙين ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ انهن جو غربت مان نڪرڻ جو به ڪو امڪان نظر ڪونه ٿو اچي ته ان صورتحال ۾ ڌاري آبادي هن ملڪ لاءِ ڪيترو نقصانڪار ٿي سگهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
ڪالهه ان حوالي سان حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڌاري آباديءَ کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سنڌ جون سياسي ڌريون سدائين اهو مطالبو ورجائينديون رهيون آهن پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به ڪونه سرندي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ توڙي ملڪ ۾ جتي جتي به ڌاري آبادي موجود آهي، ان کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جي تياري ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ جي وسيلن تان بار گهٽائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هتان جي وسيلن تي پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي ته جيئن اهي بهتر زندگي گذاري سگهن ۽ انهن جي معاشي حالت به بهتر ٿئي.