ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست جي ٻڏتر واري صورتحال

Editorial-Article-Ali Thaheem

پي ڊي ايم حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري اقتدار کان الڳ ٿي ۽ نگران حڪومت قائم ڪري 90 ڏينهن ۾ عام چونڊن جو اعلان ته ڪيو ويو هو پر ملڪ جون تازيون حالتون ڏسي نٿو لڳي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون. نگران حڪومت جي اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، صدر عارف علوي پڻ چيف اليڪشن ڪمشنر کي 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ خط لکندو رهيو پر اليڪشن ڪميشن پاران اڃا نين تڪ بندين جون ڳالهيون ڪري عام چونڊن بابت فيبروري 2024ع ۾ ٿيڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي. عام چونڊون فيبروريءَ ۾ ٿين يا ان کان اڳ اهو سڀ ڪجھه نواز شريف جي پاڪستان اچڻ سان مشروط آهي. نواز شريف جيستائين ملڪ واپس نٿو اچي تيستائين عام چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن. ملڪ جي هن وقت تائين جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺبو ته پي ٽي آءِ هن وقت تائين ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقبول نظر پئي اچي. پي ٽي آءِ جي مقبوليت بابت ڪجھه سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ ڌرين جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ جو سڄو سياسي ٿنڀ ۽ مقبوليت سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا تي قائم آهي پر زميني صورتحال مختلف آهي ۽ جڏهن نواز شريف ملڪ واپس ايندو ته پي ٽي آءِ جو اهو سياسي ٿنڀ ڊهي پٽ پئجي ويندو، ڇو ته جڏهن پنجابين جو حقيقي ليڊر ميدان ۾ آيو ته پي ٽي آءِ جي پنجاب مان صفائي ٿي ويندي.
ڪي پي ڪي ۾ ٽي ٽي پي جي وڌندڙ دهشتگرد حملن جي ڪري سياسي پارٽيون پريشان آهن. مولانا فضل الرحمان به چئي چڪو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ اسان جلسا نٿا ڪري سگهون. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته ڪي پي ڪي ۾ سياسي پارٽين لاءِ پريشانيون وڌيڪ آهن، واحد پي ٽي آءِ آهي جيڪا ڪي پي ڪي ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ مان ذرو به پريشان نه آهي. بلوچستان وارا ته حڪم جي انتظار ۾ هوندا جيئن کين حڪم ملندو هو، ان تي فرمانبردار ٻار جيان عمل ڪندا. بلوچستان ۾ حڪومت به انهن جي ٺهندي جن تي مجيري راضي هوندا. سنڌ ۾ هن ڀيري وڏو سياسي آکاڙو ٺهندو. هن ڀيري سنڌ ۾ پ پ پ مخالف قوتون هڪ جاءِ تي گڏجڻ لاءِ پاڻ ۾ ميل ملاقاتون ڪري رهيون آهن. ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ لنڊن ۾ گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ جي يو آءِ، ايس يو پي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جي ڊي اي ۾ شامل پارٽين کان سواءِ گهوٽڪي جي مهرن، ٽنڊوآدم مان محمد خان جوڻيجو، ٿر مان ارباب رحيم، لياقت جتوئي، صفدر عباسي، ناهيد خان ۽ ٻين پاران گڏجاڻيون ڪري پ پ پ خلاف مضبوط اتحاد ٺاهڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. مسلم ليگ (ن) جي قيادت پ پ پ کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مسلم ليگ (ن) جو چوڻ آهي ته پ پ پ پنجاب ۾ سياسي سرگرميون وڌائي معاهدي جي ڀڃڪڙي پئي ڪري. پ پ پ سان معاهدو ٿيل هو ته هو پنجاب ۾ سرگرميون نه ڪندا ۽ (ن) ليگ سنڌ ۾ سياسي سرگرميون نه ڪندي. مسلم ليگ نه سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ جون دعوائون پئي ڪري. هونئن به ڏٺو وڃي ته اهو ناممڪن نه آهي. مجيرين جو حڪم ٿيو ته سنڌ جا پير، سردار وڃي ڏسيل گروپ ۾ شامل ٿيندا، ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏا سياسي معرڪا ڏسڻ ۾ ايندا. پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ ٻکين پوندا. پ پ پ، ٽي ايل پي، مسلم ليگ (ق)، جهانگير ترين گروپ حڪومت ٺھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پ پ پ مجيرين جو شفقت وارو هٿ کڄڻ تي ڪجھه ناراض آهي. پ پ پ مسلسل 90 ڏينهن ۾ عام چونڊن لاءِ دٻاءُ وڌائي رهي آهي. ان سان گڏ اشارن اشارن ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد وارو امڪان به ڏيکاري رهيا آهن. هن وقت ملڪ جي سياسي پارٽين پاران هڪ ٻئي تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. جي يو آءِ پاران پ پ پ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. پ پ پ پاران مسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پ پ پ جا ٻئي وڏا آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ٻئي جو موقف مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.
آصف علي زرداري پاران بيان ڏنو ويو آهي ته پهرين آدمشماري موجب نيون تڪ بنديون ٿين ان کان پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري آصف علي زرداريءَ جي بيان کي مڪمل رد ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرايون وڃن. سندس چوڻ آهي ته آصف علي زرداريءَ جي بيان نه پر سي اي سي جي فيصلي موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ جي هڪ ٻئي خلاف ڏنل بيانن تي به الڳ الڳ تبصرا ٿي رهيا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته بلاول ڀٽو پاران اعتزاز احسن کي سي اي سي ميٽنگ ۾ گهرائڻ ڪري آصف علي زرداري ۽ بلاول وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا. آصف علي زرداريءَ جو خيال آهي ته بلاول ڀٽو جيڪو سخت موقف پيش ڪري رهيو آهي، اهو اعتزاز احسن جو ٻڌايل رستو آهي. ٻين جو خيال آهي ته آصف علي زرداري مفاهمت ۽ بلاول مزاحمت وارو رستو هڪ ٻئي جي صلاح سان اختيار ڪيو آهي، ڇوته ملڪي سياسي صورتحال اڃا ٻڏتر جو شڪار آهي، عام چونڊون ٿينديون الائي نه. ڪڏهن ٿينديون ڪا خبر نه آهي. پ پ پ قيادت به ڪيئي ڀيرا اجلاس گهرائي مشورا ڪيا آهن پر انهن کي به اڃا ڪٿان ڪا ڀڻڪ نٿي پوي. شايد ان صورتحال کي جاچڻ لاءِ پ پ پ نورا ڪشتي شروع ڪري ڇڏي آهي. هن وقت سنڌ جي هڪ هزار ماڻهن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته سي سي ايل ۾ به وڏي انگ ۾ نالا شامل ڪيا ويندا. سنڌ ۾ ايتري انگ ۾ جيڪڏهن نالا شامل ڪيا ويا ته ان جو نقصان ڪنهن کي ٿيندو؟ يقينن پ پ پ کي نقصان ٿيندو. ڇوته گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو پاران ڪراچي کان عوامي رابطا مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ان رابطا مهم دوران سندس پاران پي ڊي ايم اتحاد ۾ شامل سمورين پارٽين کي لتاڙي رهيو آهي. بلاول ڀٽو پاران مخالفن تي بيان بازي ڪرڻ کان پوءِ هن وقت ملڪ جي مين اسٽريم ميڊيا تي ڇانئجي ويو آهي. هونئن به سندس لاءِ هن وقت ميدان خالي پيل آهي، نواز شريف ٻاهر آهي. عمران خان جيل ۾ آهي. بلاول ڀٽو ان صورتحال جو فائدو وٺندي اڳتي وڌي رهيو آهي. بهرحال ملڪ جي سياسي صورتحال ٻڏتر جو شڪار آهي اڃا تائين ڪابه ڳالهھ واضح نه آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون يا نه؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button