سنڌ ۾ وسيلن جي بربادي عام ڳالهه آهي، ڪنهن به فرد يا ڪمپني پاران ناجائز طريقي سان وسيلن کي تين وال ڪيو ويندو آهي ته ان جا ماحولياتي ۽ معاشي اثر ظاهر ٿيندا رهندا آهن. سنڌ ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ قيمتي پٿر ڪڍي وڪرو ڪرڻ واري عمل تي سنڌ جي ماڻهن سخت ردعمل ڏنو آهي. جنهن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ به حڪم جاري ڪيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي ۽ ڪنهن کي به اجازت ناهي ته قيمتي پٿر کي اتان ڪڍيو وڃي. پر سنڌ جي وسيلن تي لٺ رڳو ٿر واري پاسي ڪونه لڳي رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ صورتحال ساڳي لڳي پئي آهي، ڪنهن به مافيا کي جتان به وجهه ملي ٿو اهو اتان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو آهي، نتيجي ۾ سنڌ جا وسيلا ختم ٿيندا پيا وڃن. جڏهن ته وسيلن کي بي درديءَ سان ختم ڪندڙن کان ڪو پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. جڏهن ڪو پڇاڻو ڪندو آهي ته ان کي اجائي واويلا چئي ويندي آهي. جڏهن ته سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي پر ان ڳالهه کي پاسيرو رکي سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي پنهنجي مرضي موجب انهن کي استعمال ڪري رهيا آهن.
ڪالهوڪي آيل هڪ خبر موجب ڪوهستان واري پاسي سنڌ جي وسيلن جو بي درديءَ سان استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪوهستان ۾ ريتي بجري جي چوري ۽ پٿر جي ڪٽائيءَ ۾ تيزي اچي وئي آهي. جهمپير، جنگشاهي، گهگهر ڦاٽڪ، رنپٽياڻي، مالماڙي، نئين باران ۽ لوڻي ڪوٽ ۾ غير قانوني دڪا قائم ڪيا ويا آهن. ريتي بجري، پٿر ۽ سليقا لوڻ هزارين ٽن روزانو غيرقانوني طريقي سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانهن وڃي رهيو آهي. معدنيات کاتي ۽ مقامي انتظاميا ان معاملي تي مڪمل طور خاموش لڳي پئي آهي. ڪنهن به معدنيات کي ڪنهن علائقي مان ڪڍڻ لاءِ پهرين ليز حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ اها ليز به جائز طريقي سان حاصل ڪبي آهي. ان کان پوءِ اتي جڏهن ڪم شروع ڪيو ويندو آهي ته ماحوليات جي حوالي سان خاص خيال رکيو ويندو آهي. مقامي آبادي متاثر نه ٿئي، ان کي ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿئي ۽ ان کي اتان لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوي. انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکيو ويندو آهي پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڳالهين جو خيال رکيو ئي ڪونه ويندو آهي، نتيجي ۾ ڀلي مقامي آبادي متاثر ٿئي، پکي پکڻ يا جنگلي جيوت متاثر ٿئي، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ائين ئي ڪوهستان ۾ به ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اتان ڪا معدنيات نڪري رهي آهي ته اها قانوني طريقي سان ڪڍڻ گهرجي. سموريون قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ گهرجن، پر لڳي ائين رهيو آهي ته اتي موجود ڪمپنيون رڳو پنهنجي مرضي هلائي رهيون آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي وسيلن جي بربادي سنڌ عوام ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو به ڪوهستان ۾ غيرقانوني دڪا اڏي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اها ڪارروائي ترت معدنيات کاتي کي عمل ۾ آڻڻ گهرجي ۽ انهن کان سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته اهي ڪهڙي ريت سنڌ جي وسيلن کي برباد ڪري رهيا آهن.