
سنڌ ۾ ڀنگ لا اغوا جي وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. جنهنڪري اڪثر ماڻهو پنهنجي پيارن جي بازيابي لا ڀنگ ڀري ئي کين آزاد ڪرائيندا آهن. جيتوڻيڪ پوليس مقابلي ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪندي رهي آهي. مون کي رپورٽنگ دوران ياد آهي ته حيدرآباد سول اسپتال مان هڪ تازو ڄاول ٻار کي اغوا ڪيو ويو هو. اهو ٻار جيتري قدر ياد ٿو اچي مٽياري واسڻ سڪينا جو هو. جيڪو ٻار 5 کان 6 سال گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي. هن مغوي تازو ڄاول ٻار جي بازيابي لا ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ متاثر عورت آئيني پٽيشن به داخل ڪرائي هئي، جنهن لا ڊي آ جي سطح جون جي آ ٽيز به جوڙيون ويون پر ٻار بازياب نه ٿيو. ٻار جي پٽيشن تي ها ڪورٽ جي جسٽس حيدرآباد سول اسپتال سميت سنڌ جي سمورن سرڪاري اسپتالن جي بحاليءَ لا وڏا حڪم ناما به جاري ڪيا. پر اهو ٻار اڃا به بازياب نه ٿيو آهي.
ائين ئي هڪ ٻار ڪي 5 ڏينهن اڳ حيدرآباد سول اسپتال مان اغوا ٿي ويو هو. اغوا ڪيل ٻار جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ منظر عام آئي هئي. نوراني بستيءَ جي رهواسڻ انا زال اڪرام کي ويم لا حيدرآباد سول اسپتال آندو ويو هو. جڏهن ته ساڻس گڏ آيل سندس 6 ورهين پٽ اذان علي سول اسپتال ۾ وارڊ جي ٻاهران پراسرار نموني گم ٿي ويو. جنهن کي وارث ڳوليندا رهيا پر هٿ نه آيو، جنهن دوران حيدرآباد سول اسپتال طرفان جاري ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ اغوا ٿيل ٻار نظر اچي رهيو هو. ٻار کي هڪ همراهه جوس پيارڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو. مک گيٽ جي ٻاهر وٺي وڃڻ کانپو اغواڪار موٽرسائيڪل تي مغوي ٻار کي ويهاري اغوا ڪري فرار ٿي وڃي ٿو. اغواڪار سان گڏ موٽرسائيڪل تي هڪ عورت پڻ ٻار کي هڪ ٻئي ٻار کي کڻي ويٺل نظر به اچي ٿي. اغوا ٿيل ٻار موٽرسائيڪل جي اڳيان ويٺل نظر اچي رهيو هو. ناري انا ٻڌايو ته اذان منهنجو سڀ کان ننڍو پٽ آهي. جنهن کي اغوا ڪيو ويو آهي. 2 پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي. مارڪيٽ ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس پٽ کي بازياب نه ڪرايو آهي. هن ٻار جي اغوا کانپو حيدرآباد پوليس لا هڪ چئلينج به بڻيل هو. ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ جي ڪوشش سان ئي پوليس 5 ڏينهن ۾ ٻار کي بازياب ڪرايو آهي. جيڪڏهن اڳوڻي ايس ايس پي ساجد امير سدوزوئي يا ڪو ٻيو عملدار هجي ها ته ٻار بازياب نه ٿي سگهي ها.
ٻار جي بازيابيءَ جي سلسلي ۾ ڪالهه ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ پوليس هيڊڪوارٽر پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي. ايس ايس پي ٻڌايو ته 6 ورهين جي ٻار کي حيدرآباد پوليس سانگهڙ ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي. اغواڪار زال، مڙس جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. معصوم ٻار اذان کي سانگهڙ جي هڪ گهر مان بازياب ڪرايو آهي. ايس ايس ٻڌايو ته اغواڪار اسلم ملڪ ۽ سندس زال جوابدار فريده جي گرفتاريءَ لا پوليس طرفان خاص ٽيم جوڙي وئي هئي. ٻار جي بازيابيءَ لاءِ پهرين ميرپورخاص ۾ ڪارروائي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سانگهڙ ۾ ڇاپو هنيو ويو. جوڙي پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته هنن هڪ بي اولاد شخص غلام قادر خاصخيلي کي 6 مهينا اڳ سندس تازو ڄاول ٻار ڏيڻ لاءِ 65 هزار ورتا هئا، جوڙي کي اولاد نه ٿيو. ڄاڻايل شخص کي پئسن عيوض ٻيو ٻار ڏيڻ لا هنن حيدرآباد پهچي واردات ڪئي ۽ اذان ٻار کي اغوا ڪيو. ٻار جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري جوڙي کي حيدرآباد ۾ آندو ويو آهي. جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
ايس ايس پي چيو ته اسان ننڍن ٻارن لا گهڻا حساس آهيون، ٻارن کي تحفظ ڏينداسين. پهرين لڳو ته حيدرآباد ۾ ٻارن جي اغوا ۾ ڪو گروهه ملوث آهي پر ان ائين نه هو. زال، مڙس پئسا وٺڻ کانپو ڄاڻايل شخص کي ڪو ٻار ڏيڻ لا اغوا جي واردات ڪئي آهي. جنهن اغوا جي ڪيس ۾ غلام قادر خاصخيلي کي به جاچ ۾ ورتو ويندو. حيدرآباد سول اسپتال سنڌ جي تمام وڏي اسپتال آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت والدين سان گڏ سوين ٻار گهمندي نظر اچن ٿا. ٻارن جي تحفظ لا پوليس کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.