ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ننگر ٺٽي ۾ نير مهانگو

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

سنڌي شاعريءَ ۾ نير مهانگو هئڻ واري ڳالهه استعاري ۾ ڪيل آهي، سنڌ ۾ بيواهه ٿي ويل عورتون نير ۾ رڱيل ڪپڙن جو ويس ڍڪينديون آهن. ان ڪري شديد ڪرب ۽ وڏي ڏک واري گهڙيءَ کي شاعر ٻن لفظن ۾ تاريخ ۽ اينٿراپائلاجيءَ کي بيان ڪيو آهي. تاريخي طور ٺٽو سنڌ جي راڄڌاني رهيو آهي. تاريخ ۾ اهو سڀ درج ٿيل آهي ته ٺٽي تي علاءُ الدين خلجي، فيروز تغلق، مغلن، ترخانن، ارغونن ۽ پورچوگيزن حملا ڪيا ۽ هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪيو. جن مان ڪجهه حملي آورن جون مزارون مڪليءَ ۾ موجود آهن. رڳو 1556ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي جي شهر کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ اتي وڏو قتلام ڪري ڦرلٽ ڪئي ۽ اٺ هزار ٻار، عورتون ۽ مردن کي قتل ڪيو. خلجي حملو ڪيو ۽ ان جو لشڪر رڻ ۽ اڇڙي ٿر جي ڊرئن ۾ رلي مري ويو. فيروز تغلق ته ٺٽي تي حملي وقت مارجي به ويو هو ۽ ان جو لاش سيوهڻ ۾ ڪجهه عرصو امانت طور پڻ رکيو ويو هو. پر اها ڳالهه فقط تحفت الڪرام لکي آهي. ٻيون سڀ تاريخون چپ آهن. اهڙي ريت ٺٽي تي هر حملي آور جي ظلمن جي تاريخ لکي پئي آهي. مدد خان پٺاڻ ميان نور محمد ڪلهوڙي تي حملو ڪندي عمرڪوٽ تائين پيڇو ڪيو. نور محمد ڪلهوڙي ڏن ڏئي جان بچائي هئي. ڏن ۾پئسن سان گڏ پنهنجا ٻه پٽ به ڏنا هئائين. جيستائين ڏن جا پئسا هٿ ڪري اوستائين ٺٽي ۾ مدد خان جي فوج جي ميزباني ٿيندي رهي. ٺٽو ايڏو ته شاهوڪار شهر هو جو هڪ حملي آور فوج جو ڪيتري وقت تائين کاڌو فراهم ڪندو رهيو.
جديد دور جا حاڪم ۽ ٺٽو: ٺٽي ۾ طبعي طور ڪيترائي زون آهن. جن ۾ درياءَ جو ڪچو، درياءَ جي ڇوڙ وارو هنڌ، ڊيلٽا ۽ سامونڊي پٽي، ڪوهستاني ايرڊ زون، انڊسٽري زون، ڪوئلو ۽ ٻيو معدنياتي زون، ڪينجهر ۽ هاليجيءَ جو سياحتي زون ۽ زرعي زون شامل آهن. ٺٽي جي زرعي زون ۾ پان، ناريل ڀاڄيون خاص طور وڏي اهميت رکندڙ آهن. ٺٽو صدر پرويز مشرف جي ايامڪاريءَ ۾ شيرازي ڀائرن کي پٽي تي ڏنل هو. ان دور ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير عبدالواحد سومرو ۽ ڪجهه ٻيا مقامي پ پ اڳواڻ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي وٽ حيدرآباد ۾ آيا ۽ شيرازين جي سياسي ڏاڍ جون دانهيون ڪيون. پليجي صاحب ٺٽي ۾ شيرازي ڀائرن جي ڏاڍ خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ جلسو ڪيو هو. موجوده وقت ۾ شيرازي ڀائر ۽ ملڪاڻي ڀائرن سميت ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جون سڀئي مکيه سياسي ڌريون پ پ ۾ شامل آهن. ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي. آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ جا منصوبا رڳو ڪاڳرن ۾ ٺهيا ۽ ختم ٿي ويا. ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي نهري زمينن لاءِ پاڻي ناهي. درياءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه آهي ۽ ڪچو به ٻڏل آهي. پر ٺٽي ضلعي جي زمينن لاءِ نهري پاڻي نه آهي.
هينئر ٺٽي جا ماڻهو ايڏا ته پيڙيل آهن، جو انهن جو ذڪر ڪيئن ڪجي. ٺٽو پنج لک آبادي وارو تاريخي شهر آهي. هن شهر ۾ قديم منگهن ۽ ڪاٺ لوهه وارن گهرن واري آرڪيٽيڪچرنگ به موجود آهي ۽ جديد طرز وارا بنگلا، محل، فليٽ ۽ گهر به موجود آهن. ٺٽي ۾ مڪلي وارو علائقو نه رڳو سرڪاري آفيسون ۽ سرڪاري عملدارن جي رهائشي بنگلن ۽ رهائشي ڪالوني وارو علائقو سڏجي ٿو، پر مڪلي سول رهائشي ڊفينس به چوائي ٿو. پر قديم ٺٽو ۽ جديد ڊفينس وارو مڪلي به پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان آهي. سڄو شهر حال سارو پاڻي خريد ڪري پئي ٿو. شهر ڏانهن ايندڙ چئني پاسن کان گڏهه گاڏيون، ريڙها، ٽرالا پيئڻ جو پاڻي ٺٽي ۾ کڻي ايندي نظر ايندا آهن.
ٺٽي ۾پاڻيءَ جو منصوبو ۽ نيب ڪيس: ٺٽي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي منصوبي جو ڪيس وڏي عرصي کان نيب ۾ هلندڙ هو. اهو ڪيس اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ، آر او پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ جي عملدارن تي داخل ٿيو. منصوبي سان لاڳپيل انجينئرز نيب سان پلي بارگين ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي. پر ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ پي ڊي ايم حڪومت پاران نيب جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيس دفتر داخل ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي ۾ پيئڻ جي پاڻي وارا نعرا پئي لڳا ته هڪ پيرسن اچي پڇيو ته ابا پاڻيءَ وارو ڪيس وري کليو آهي ڇا؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button