جنهن وقت عوام ٽي ويءَ تي کنڊ ۽ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي وڊيو پئي ڏٺي، ان وقت پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 26 روپيا في ليٽر کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو. جنهن وقت عوام نيب ترميمي بل بابت عزت ماب سپريم ڪورٽ جو انقلابي فيصلو پئي ٻڌو، ان وقت گيس جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو جو اضافو ڪيو ويو، جيڪو لاڳو وري جون مهيني کان ٿيندو. يعني گذريل مهيني عوام جهڙي نموني بجليءَ جي بلن تي رڙيون وٺي ڪيون هيون، هاڻي گيس جي بل ملڻ تي ساڳي نموني رڙيون ڪندو ڇاڪاڻ ته گيس جي بل ۾ به فيوئل ايڊجسٽمينٽ جي نالي تي اضافي رقم شامل هوندي. جنهن وقت عوام جسٽس قاضي فائز عيسى جي قسم کڻڻ واري تقريب ٿي ملاحظه ڪئي جنهن ۾ نه رڳو ساڳيو صدر عارف علوي جسٽس قاضيءَ کان قسم کڻائڻ لاءِ مجبور ٿيو جنهن جي خلاف هڪڙي زماني ۾ تمام وڏي ۽ خطرناڪ مهم جو مُک ڪردار بڻيل هو ۽ جنهن ۾ جسٽس قاضيءَ جي اها زال به شامل رهي جنهن جي ڪري جسٽس کي تمام گھڻو سوڙهو ڪيو ويو هو. ان وقت بجلي چورن جي خلاف آپريشن جي نالي ۾ هڪڙو پکو يا بلب هلائيندڙن جون تارون ڪٽي مٿن ايف آءِ آر داخل ڪرايون پئي ويون. ان وقت بجليءَ جي ناجائز بلن کي بقاياجات قرار ڏئي انهن ماڻهن کي فوج ۽ سندس اسلحي جو ڊپ ڏئي سندن کيسا خالي ڪيا ويا. ان ڪري ئي چيو ويو آهي ته هاٿيءَ جا کائڻ وارا ڏند الڳ هوندا آهن ۽ ڏيکارڻ وارا الڳ. جيڪي ڏند اوهان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا اهي کائڻ جا ڏند نه آهن. عوام کي جيڪي ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي سو ايراني تيل جي سمگلنگ روڪڻ جا روح پرور منظر آهن. جيڪو ڏيکاريو پيو وڃي سو ڊالر جي مُلهه ۾ لڳاتار نوٽ ڪئي ويندڙ لاٿ آهي پر جيڪي ڪجهه نه ٿو ڏيکاريو وڃي اهو تيل جي سمگلنگ روڪڻ کان پوءِ به ملڪ ۾ لڳاتار مهانگو ٿيندڙ تيل آهي؟ جيڪو نه ٿو ڏيکاريو وڃي سو اهو آهي ته افغانستان ڏانهن ڊالر جي سمگلنگ روڪڻ ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جو قدر وڌڻ باوجود کاڌي پيتي ۽ ڏهاڙي استعمال جون شيون سستيون نه ٿيڻ آهي. سستيون ته ٺهيو، انهن جون قيمتون هڪڙي جاءِ تي بيهن ڇو نه ٿيون؟ عوام کي ان پاسي سوچڻ نه ٿو ڏنو وڃي. اهڙا صحافي جيڪي عوام کي ائينءَ سوچڻ سيکاريندا آهن، انهن تي پابندي مڙهيل آهي. اهڙيون تنظيمون ۽ پارٽيون جيڪي انهن سوالن تي عوام کي گڏ ڪري سگهن تن جي مٿان پابندي آهي يا سندن قيادتن کي ڊيڄاري ڌمڪائي خاموش ڪرايو ويو آهي. حقيقي قائدن جي جاءِ تي نقلي ۽ ڊمي قائد ويهاريا ويا آهن جيڪي پنهنجي سر ۽ مفاد جي فڪر کان اڳتي وڌن ئي نه ٿا. لکن جي تعداد ۾ ميمبرشپ رکندڙ تنظيمون به هن قهر جي مهانگائيءَ جي معاملي تي خاموش آهن. جهڙوڪ: ڪجهه ٿيو ئي نه هجي يا وري اهڙي قيادت کي مورڳو زندگيءَ جي قيد کان ئي آزاد ڪيو ويندو آهي جنهن لاءِ هاڻي ته پنهنجا هٿ رت ۾ ٻوڙڻ جي ضرورت به ڪانهي. توهينِ مذهب، قبائليت، ڀنگ لاءِ اغوا، نامعلوم ماڻهن پاران گوليءَ جو نشانو بڻجڻ يا روڊ ايڪسيڊينٽ ۾ مارجي وڃڻ. مطلب ته هاڻي مالڪن وٽ ناپسنديده ۽ مٿي ڦريل ماڻهن منجهان جان ڇڏائڻ جا تمام گھڻا ۽ انتهائي محفوظ طريقا موجود آهن.
ڊالر، تيل ۽ بجلي پوري تاريخ جي مهانگي ترين حد کي پهتل آهن. اهو ئي سبب آهي جو عام ماڻهو ته ٺهيو وچولي طبقي جي ماڻهن کي پريشاني وٺي وئي آهي. اڄڪلهه ٻن ويلن جي ماني، صحتمند رهڻ لاءِ دوا درمل، گهر جي مٿان ڇِت ۽ ٻارن کي معياري تعليم ڏيارڻ تمام وڏو ۽ ڏکيو هدف بڻجي ويو آهي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش اها آهي ته عوام کي وڌ ۾ وڌ ٽيڪس ادا ڪرڻ تي مجبور ڪجي. ٽيڪس ته رڳو نالو آهي، اصل ۾ ته اهو ڀتو آهي جيڪو حڪومت اوڳاڙيندي رهي ٿي. نه ته بجلي يا گيس جي بل ۾ ٽيڪسز شامل ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ٻيو ته ٺهيو جنرل سيلز ٽيڪس جيڪا ڪنهن شيءِ جي وڪري تي لاڳو ٿيڻ گھرجي اها به عام صارف کان اوڳاڙي وڃي ٿي. ڏٺو وڃي ته هڪ عام صارف بجلي استعمال ٿو ڪري، گيس استعمال ٿو ڪري، وڪرو ته ڪا نه ڪا نجي پاور يا گيس ڪمپني ٿي ڪري. اهڙي صورت ۾ به وڪرو ڪرڻ واري ٽيڪس ان ڪمپنيءَ کان وٺڻ بدران صارف کان وٺڻ ڀتو نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ محتاج عوام کي 333 روپين ۾ پيٽرول جو ليٽر وڪرو ڪرڻ ڀنگ لاءِ اغوا جي صورت ۾ ڀونگو وٺي آزاد ڪرڻ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟
نگران حڪومت عوام اڳيان جوابده نه هئڻ ڪري اهي سمورا اگرا فيصلا بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڪندي وڃي ٿي جيڪي سياسي حڪومتن لاءِ ڏکيا هوندا هئا. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب يعني موجوده نگران حڪومت کي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ ايترا بي انداز اختيار ڏيڻ جو تاريخي ڏوهه به پي ڊي ايم جي اڳوڻي اتحادي حڪومت جو آهي. ان ڪري هاڻي انهن کي ئي لوڙڻو به پوي ٿو. پر سنڌيءَ ۾ هڪڙي ٻِي چوڻي به آهي ته جتي وڃائبو آهي اتي ئي ڳولبو آهي. يعني سياسي پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جي حڪومت موجوده نگران حڪومت کي جيڪي اختيار پارليامينٽ جي ذريعي ڏنا انهن جي استعمال يا ناجائز استعمال کي روڪڻ لاءِ به کين ئي ڪو سياسي رستو اختيار ڪرڻو پوندو. مهينو کن لندن ۾ وڏي ڀاءُ سان گڏ رهي اچڻ کان پوءِ اڳوڻو وزيرِ اعظم ميان شهباز شريف وطن واپس اچي ويو آهي ۽ سندن پارٽيءَ موجب پاڻ ميان نواز شريف به 15 آڪٽوبر تي وطن واپس اچڻ وارو آهي. جيڪڏهن واقعي به اهڙو ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوءِ اهو سٺو فيصلو آهي. پيپلز پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام سياسي جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ نگران حڪومت ۽ ان جي حامين تي تنقيد سان گڏوگڏ ايندڙ عام چونڊن جو پروگرام واضح ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. اهو زور گھٽائڻ لاءِ حڪومت پاران وري نيب کي سرگرم ڪيو ويو آهي ۽ اهو پراڻو بيانيو به تيزيءَ سان اڳتي آندو پيو وڃي ته هن ملڪ جي تباهي ۽ عوام جي ان بري حال جي ذميواري ٻئي ڪنهن اداري تي وجهڻ بدران سياستدانن جي ڳچيءَ ۾ وڌي وڃي.
جيڪڏهن ميان نواز شريف جلد ملڪ واپس نه آيو ته سموري ملڪ ۾ ته ٺهيو پنجاب اندر سندس پارٽيءَ جي حالت به ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي ويندي. جيتوڻيڪ ماڻهن کي پاڻ ميان صاحب ۾ اميدون آهن، هڪڙي پاسي هُو پنهنجي پارٽيءَ جو سڀ کان وڏو اڳواڻ آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪ جي سينيئر ترين سياستدانن منجهه به ڳڻيو وڃي ٿو. سندس تجربيڪاريءَ کي به سٺو سمجهيو وڃي ٿو ته ملڪ جي ٻڏندڙ معيشت جو ٻيڙو تارڻ لاءِ اهڙي ڪنهن تجربيڪار ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. نواز شريف ۾ خاص ڪري اها اميد به آهي ته اهو هندوستان، چين، افغانستان ۽ ايران سان واپاري لاڳاپا جوڙڻ ۽ ملڪي سرحدن کي واپاري ارادي سان کولڻ جي حق ۾ آهي. ان ڪري واپاري طبقي ۽ عام عوام کي فائدو پوندو. پاڪستان پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن کان گھڻيون شيون خريد ۽ کين وڪرو ڪري سگهي ٿو. پر سندس پارٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ تازو گذري ويل اتحادي حڪومت جنهن ۾ وزيرِ اعظم جي ڪرسي به سندس ڀاءُ جي حوالي هئي، ماڻهن کان وسري ڪانهي. ان دوران جهڙي خراب ڪارڪردگي ڏيکاري وئي ان کان پوءِ عوام جي نظر ۾ مسلم ليگ نواز لاءِ ڪا خاص نرمي ڪانهي. ان ڪري جيڪڏهن نواز شريف واپس نه آيو ته پوءِ پارٽيءَ جو خدا حافظ!