1984ع ۾ ڊڪٽيٽر ضياءُالحق تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين تي پابندي مڙهي هئي، جنهن جي خاتمي ڏانهن اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ اجلاس اهم اڳڀرائي ڪندي شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. قائد اعظم يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ميمبر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وائيس چانسلر پروفيسر نياز جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. قائد اعظم يونيورسٽي سنڊيڪيٽ اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ تعليم واري سيڪريٽري وسيم اجمل جي سربراهي ۾ شاگرد يونين لاءِ قاعدا طئي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته چيف جسٽس يونيورسٽي ۾ هٿيار بردار پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي جي موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽي کي هٿيارن ۽ منشيات کان پاڪ رکو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته يونين غير جماعتي هجي، فرقيواريت، لساني ورهاست کان پاڪ هجي، قائد اعظم يونيورسٽي جي پهرئين قانون ۾ يونين موجود هئي، جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي پهرئين حڪم ۾ يونين ختم ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن کي به يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيو، ايجنسين کي به يونيورسٽي معاملن کان پري رکو، هتي اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي.
پاڪستان ۾ هي هڪ تمام وڏي خبر آهي. يونين جي بحالي واري فيصلي تي قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ته عمل ڪيو ئي ڪيو وڃي، پر ساڳي وقت ملڪ جي سڀني تعليمي ادارن اندر ان فيصلي کي سامهون رکي فيصلا ڪيا وڃن. اسين اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان سميت سنڌ جون سڀ يونيورسٽيون پنهنجي لاڳاپيل سنڊيڪيٽ جا اجلاس سڏائينديون ۽ شاگرد يونين جي بحالي جو فيصلو ڪنديون ۽ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي، شاگرد يونين جون چونڊون ڪرائينديون. ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي ته شاگرد يونين جي بحالي سان تعليمي ادارن جو ماحول بهتر ٿيندو ۽ ان سان گڏ تعليم جو معيار به بهتر ٿيندو.
قائد اعظم يونيورسٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي چيف جسٽس جي ميمبر طور شرڪت ڪري اهو پڻ اهم پيغام ڏنو آهي ته يونيورسٽيون ڪيڏيون اهم آهن. يونيورسٽين کي گهربل مڃتا ملي، اهي تحقيق ۽ تدريس جو ڪم ڪن، ته ان سان بهتري ئي ايندي. ٻي اهم ڳالهه اها ٿي ته چيف جسٽس يونيورسٽين ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جي موجودگي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ اهو چيو ته انهن جو يونيورسٽين جي حدن ۾ هجڻ غلط آهي ۽ انهن کي تعليمي ادارن جي حدن مان ٻاهر هجڻ گهرجي. اسان وٽ حقيقت ۾ تعليمي ماحول اڃا تائين جڙي ئي نه سگهيو آهي. يونين جي بحالي ۽ پوليس ۽ ٻين اڻ لاڳاپيل ادارن جي مداخلت مان نجات ئي انهن ادارن کي درست رخ مهيا ڪندي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽي ۽ اعلى تعليمي ادارن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته اهي اهڙو نسل تيار ڪن جيڪو ريشنل هجي، روشن خيال هجي، ترقي پسند هجي، سائنسي ۽ تنقييدي نقطه نظر رکندڙ هجي. پر آمر جنرل ضياءُالحق شاگرد يونين تي پابندي مڙهي، تعليمي ادارن کي قيد خانن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جتي آزاد ذهن وجود ۾ ئي نه اچي سگهيا. لڳ ڀڳ 40 سالن بعد قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان شاگرد يونين جي بحالي واري فيصلي سان اميد ڪري سگهجي ٿي ته هاڻي يونيورسٽيون پنهنجي اصل طرف موٽ کائينديون، جيڪو تدريس ۽ تحقيق جو آهي.