ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حرف ۽ ڪتابن جي دنيا

Editorial-Article-Rashid Leghari

هندوستان جي قديم تاريخ تي مارڪسي تناظر ۾ وڌ کان وڌ روميلا ٿاپر ۽ عرفان حبيب لکيو آهي. ان کان اڳ هندوستان جي انقلاب جي تناظر تي ايم اين اي رائي 50 کان وڌيڪ واليم لکي ننڍي کنڊ جي تحريڪن تي وڏو ڪم ڪري ويو آهي. هتي ڪالونيل دور ۾ بغاوتن تي وڌ کان وڌ لکيو پئي ويو. ڪالهه هندوستان جي تاريخ تي لکيل مشهور ڪتاب “هندوستان جي تاريخ -مارڪسي تناظر” تي اڀياسي ويهڪ ڪرائي وئي هئي. اها اڀياسي ويهڪ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ روشن خيال فورم (حرف) تنظيم طرفان ڪرائي وئي هئي. جنهن ۾ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل اڳواڻن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. حرف حيدرآباد بيسڊ ٿنڪ ٽينڪ آهي، جيڪا هن کان اڳ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرائي چڪي آهي، جن ۾ پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي نقطه نظر جي حوالي سان موقف سامهون ايندا رهيا آهن. حرف تنظيم هن ڪتاب تي ويهڪ کان اڳ ۾ حيدر بخش جتوئي جي پمفليٽن تي لکيل ڪتاب تي پڻ تقريب ڪرائي. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي بلدياتي نظام کي سمجهڻ لا پڻ پروگرام ڪرايو ويو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي ڪيس بابت سهيڙيل ڪتاب تي ويهڪ ڪرائي وئي هئي. ڪجهه مهينا اڳ ۾ جاويد راڄپر جي ڪتاب تي به هڪ پروگرام ڪرايو ويو هو. حرف تنظيم ڪتاب سميت سنڌ ۾ جيڪي کاهوڙي ڪردار آهن، انهن سان سندن حياتي ۾ ئي شانائتو پروگرام ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي. حرف سنڌ ۾ ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ماهرن کي گهرائي، سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌائيندو رهيو آهي ته اهو ڇا ڪجي جو سنڌ کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي.
هن اڀياسي ويهڪ جي اهم ڳالهه اها هئي ته هن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پروگرام جو مک مقرر پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جو اڳواڻ تيمور رحمان هو، جنهن ڪارل مارڪس جي حوالي سان اها اهم ڳالهه ڪئي ته هندوستان ۾ پاڻي جي نظام تي جن جو ڪنٽرول هوندو، اهي ئي فيصلاڪري سگهندا. هن ٻڌايو ته مارڪس هتي جي دريائن کان به واقف هو ۽ هن مانسون کي سمجهندي هندوستان جي معيشت جو اهم تجزيو ڪيو. تيمور رحمان چيو ته آئون اڄ هتي حيدرآباد ۾ گفتگو ٻڌي سچ به حيران ٿيو آهيان، سنڌ ۾ رهان ها ته سڌي ڳالهه رکان ها ۽ مونکي ڳالهه ٻڌائڻ لا لال بينڊ جو سهارو نه وٺڻو پوي ها. هن انڊين تاريخ ۾ آرٽ جي به ڳالهه ڪئي. هن ايڊوورڊ سعيد جي حوالي سان چيو ته ان مارڪس تي گهٽ لکيو پر ماڻهن هن جي ڪلهي تي بندوقون رکي هلايون هيون. هن چيو ته تاريخ ۾ مادي حالتن تحت مارڪس وڏو ڪم ڪيو، مادي حالتون ئي خيالن کي جنم ڏين ٿيون، مارڪس پاڻ چيو هو ته مون انڊيا جي تاريخ نه پڙهي پر يورپ جي تاريخ ضرور پڙهي هئي. مارڪس هندوستان جي پاڻي جي نظام تي لکيو. مارڪس هن تهذيب کي سمجهڻ لاءِ پاڻي کي ئي بنياد سمجهيو. هتي سنڌو درياءُ ۾ ايڊوانس اريگيشن سسٽم هو. مارڪس پاڻي سان ڳوٺاڻي زندگي کي سمجهيو پئي. انڊيا ۾ ڪالونيل بغاوت کي مارڪس ساراهيو پئي. مارڪس هتي جي انگريز سلطنت کي به سمجهيو هو. هن سلطنت جي ٽٽڻ جي اڳڪٿي ڪئي ته سلطنت مان طبقا پيدا ٿيندا، جيڪي ڪالونيل دور کي ختم ڪندا. اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي هئي.
هن پروگرام جو هڪ اهم مقرر پورهيت مزاحمت پارٽي جو اڳواڻ مسرور شاهه هو، جنهن ڪتاب سان گڏ دنيا جي تاريخ ۽ هندوستاني تاريخ جو تنقيسي ۽ تخليقي ڇيد پيش ڪيو. هن هندوستان جي مهاڀارت ۽ يورپ جي اوڊيسي جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته اهي رڳو مٿالاجي نه، پر فلسفي جي معاملن کي به بيان ڪري ويون آهن. هن چيو ته مارڪس هندوستان کي سمجهڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ هيگل کي سورس ٺاهيو هو، عرفان حبيب لکيو آهي محنت جي تقسيم ذات جي بنياد تي ٿيل آهي. هن ڳوٺن جي ميلاپ تي لکيو آهي. مارڪس هندوستان جي ڪم کي مڪمل نه ڪيو آهي، هن ڪجهه نواڻ آندي هئي. هن مارڪس جي حوالي سان چيو ته هو چئي ويو آهي ته هتي ماڻهو ڳوٺن جي صورت ۾ هزارن سالن تائين رهيا، مارڪس چيو ته هتي نجي ملڪيت نه هئي پر هتي شهري زندگي جا آثار ملن ٿا، ان مان لڳو ته هتي اُُسريل سماج ۾ نجي ملڪيت جا اهڃاڻ ملن ٿا. هن چيو ته هتي رياست ننڍين ننڍين سلطنتن جي صورت ۾ هئي. موهن جي دڙي ۽ ٻين تهذيبن جي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي هتي هٿيار به مليا آهن. هن تي روميلا ٿاپر به وڏو ڪم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هندوستان اندر ماضي ۾ 30 وڏا اسڪول به ملن ٿا. ان مان لڳو ته هتي تعليم جو وڏو قدر هيو.
مغل دور ۾ هتي گهڻو تاريخ تي وڏو مواد ملي ٿو. سماج ۾ رياستي سرمايو آهي. هتي ملڪيت جاگيردارن جي صورت ۾ ملي ٿي. جنهن کانپو مغل دور حڪومت ۾ ملڪيت منصب جي صورت ۾ ملي ٿي. عرفان حبيب اهو ڪڏهن نه لکيو آهي ته هتي جاگيردار سماج هو. هن مغل دور ۾ طبقاتي ڪشمڪش جي عروج جا به حوالا ڏنا. هن اهم ترين ڳالهه اها ڪئي ته اسان کي سنڌ جي نئين سري کان تاريخ لکڻي پوندي، هاڻ نئين انسان جي تخليق لاءِ نئين انداز سان هڪ تاريخ تخليق ڪرڻي پوندي.
عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلهو پنهنجي خطاب ۾ عرفان حبيب جي حوالي سان چيو ته هن ڏند ڪٿائن کي ٽوڙيو آهي، نئون نسل تاريخدان مان سکي پنهنجي اصل تاريخ مرتب ڪن. هن چيو ته عرفان حبيب هندوستان بابت مارڪس تي تنقيد نه ڪئي آهي، هندو لفظ اڳ ۾ نه هو، مارڪس به انڊين لفظ لکيو آهي، هندو لفظ انگريزن ڏنو. هن اهم ڳالهه هنن لفظن ۾ ڪئي ته پنهنجي تاريخ کي پنهنجي اک سان ڏسنداسين ته پوءِ اها ئي اسان جي تاريخ هوندي. هن چيو ته هندوستان ۾ ذاتين کان ٻاهر به معشيت هئي. لوهار، ڪنڀار سان گڏ هاري به هئا. هن چيو ته هندوستان انگريز بيٺڪيت جي دور ۾ وڏا ڏڪار ڏٺا. مارڪس تجارتي سرمائي جي ڦرلٽ تي جيڪو لکيو، اهو اهم ڪم آهي، اها ڦرلٽ اڄ به ساڳي ريت جاري آهي. هن ويهڪ ۾ سڀ کان اڳ ۾ ويف اڳواڻ امر سنڌو پنهنجي ڳالهه رکندي چيو آهي ته اڄڪلهه سماج پٺ تي وڃي رهيو آهي. اسان کي سماج کي مارڪسي تناظر ۽ فڪر سان اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. هن چيو ته عرفان حبيب جي هندوستان جي تاريخ تي لکيل ڪتاب ۾ ڪجهه باب اسان جي سماج لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. عرفان حبيب لکيو آهي ته هن خطي ۾ اهڙا فلسفي به هجن ٿا جيڪي سماج تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهن ها. مارڪسي تناظر ۽ فڪر هڪ نجات به آهي. مارڪسي فڪر جو ڪڏهن به دور ختم نه ٿيو آهي. هن چيو ته هندوستان جي تاريخ جو اسان به حصو آهيون. سرحدن جي تاريخ کڻي ٻي هجي پر هن خطي جي تاريخ اڃا ٻي آهي. اسان کي پنهنجي نجات لاءِ مارڪسي فڪر کي اپنائڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي حصي ۾ جيڪا تاريخ آئي، اها محمد بن قاسم کان شروع ٿي آهي. اصل تاريخ تي ڳالهائڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته تاريخ هڪ اجتماعي ياداشت آهي، ڪنهن شخص جي ياداشت گم ٿي وڃي ته ان کي ماضي ۽ حال جي دور جي ياد نه رهندي آهي. هندوستان جي تاريخدانن شعور جي ڍانچي ۾ رهي تاريخ لکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تاريخ غلامي ۽ محڪومي کان نجات جو ذريعو به آهي. جنهن ۾ رڳو سياست نه پر ڪل سماج کي شامل ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ حمزا علوي وڏي تحقيق ڪئي آهي. هتي هارين جي پڻ مزاحمت رهي آهي. سنڌ ۾ 5 هزار سالن جي تاريخ جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مقامي ٻولي کي پهرين سمجهي پوءِ تاريخ تي ڪم ڪيو وڃي. آرڪيالاجي موجود آهي پر پنهنجي ٻولي کي نٿا سمجهي سگهون. تاريخ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پهرين بنيادي شين کي سمجهڻو پوندو. مارڪس به پهرين هيگل کي سمجهيو. عرفان حبيب وٽ به پنهنجو پرائمري سورس ٻولي جي صورت ۾ موجود هو. تاريخ تي ڪم ڪرڻ اڳ ۾ معشيت کي به سمجهڻو پوندو. هتي جي تاريخ تي مارڪسي تجزيو ئي سامهون نه آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هجوم کي سنڌ جو شعور نٿي سمجهان. سنڌ جي تاريخ لکڻ لا ٻولين کي سمجهڻو پوندو.
سنڌ يونيورسٽي جي استاد شهبان سهتو ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته هي ڪتاب برصغير جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي، انڊيا ۾ کاٻي ڌر جو وڏو رجحان رهيو آهي، ليفٽ پاور جي حوالي سان ڪمزور رهي آهي. عرفان حبيب مارڪس جي ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. هن اها راءِ رکي ته مارڪس مطابق هندوستان ۾ جاگيرداري سماج نه رهيو. جيڪا ڪشمڪش يورپ ۾ رهي هئي، انڊيا ۾ هڪ سماج موجود هو. ائين نٿا چئون ته هتي ڪو نظام موجود نه هو، انڊيا ۾ اڃا تائين سماجن جي تاريخ تي بحث اڃا هلندڙ آهي، هن ڪتاب کان اڳ ۾ هندوستان ۾ مارڪس جي نقطي نظر کي سمجهڻ لا هڪ هڪ تاريخ جو شمارو ڊاڪٽر مبارڪ علي به شايع ڪيو هو. جيڪو پڻ پڙهڻ جهڙو آهي. جنهن ۾ ڊي ڊي ڪوسمبي جا مضمون شامل آهن.
بهرحال حرف هڪ انتهائي اهم ڪم ڪري رهيو آهي، جو هي ٿنڪ ٽينڪ اهڙا موضوع کڻي اڳتي آيو آهي،جن تي هن دور ۾ ڳالهائڻ لاءِ وڏي همت گهرجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button