ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چونڊن جو چوٻول

Editorial-Article-Umer Kazi

اليڪشن ڪميشن اھو اعلان تمام گھڻو اھم آھي تھ عام چونڊون ايندڙ سال جي پھرين مھيني جي پوئين ھفتي ۾ ٿينديون. ان اعلان سبب ملڪ جو سياسي بحران وڏي حد تائين ختم ٿي وڃڻ گھرجي. ڇو تھ ھن وقت تائين اھم ترين سوال اھو ھو تھ چونڊون ڪڏھن ٿينديون؟ ڪجھھ حلقا اھڙا بھ ھئا، جن کي اھو خدشو ھو تھ چونڊون گھڻي وقت تائين ٿينديون نظر نھ ٿيون اچن. جڏھن تھ ملڪ ۾ سياسي بحران سبب معاشي بحران جو پيدا ٿيڻ ھڪ فطري عمل سمجھيو ٿي ويو. اھوئي سبب آھي تھ ھن وقت تائين پاڪستان ۾ مستقل طور تي اقتصادي صورتحال خرب ٿيندي پئي وئي ۽ ان ۾ ڪنھن بھ طرح جو ڪو بھتريءَ جو امڪان نظر نھ ٿي آيو. ان جو ڪارڻ اھو بھ ھو تھ جيڪي بھ سيڙپ وارا معاملا ھئا، انھن لاءِ پاڪستان ۾ حڪمرانيءَ جي حوالي سان تمام گھڻا سنجيدهھ سوال ھئا. انھن کي اھا تشويش ھئي تھ جيڪڏھن ھو ڪنھن بھ پراجيڪٽ ۾ پنھنجو سرمايو استعمال ڪن ٿا ۽ اھو پراجيڪٽ نئين حڪومت جي پاليسيءَ سان مطابقت نھ ٿو رکي تھ پوءِ ان پراجيڪٽ جي راهھ ۾ ايندڙ مشڪلاتون يعني ان جي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ ان سوال جو ھڪ حد تائين جواب ڏيڻ لاءِ ملڪي فوج جي نئين سربراھه جنرل عاصم منير پنھنجي پاران تمام گھڻي ڪوشش ڪئي تھ ھو سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ ھن ڪراچي ۽ لاھور ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون بھ ڪيون ۽ اھڙين ملاقاتن جي حمايت ۾ جي ايڇ ڪيو جو موقف بھ آيو پر ڇا ٿيو؟ ڇا ان سان ملڪ ۾ معاشي صورتحال بھتر ٿي سگھي؟ ان سوال جو جوان آھي نھڪر ۾ آھي. ھن وقت صرف ڊالر ۾ اگھھ ۾ ڪجھھ گھٽتائي اچي سگھي آھي ۽ ان جو سبب بھ اھو نھ ھو تھ ڪو ملڪ ۾ ڊالرن جي آمد ٿي آھي. ان جو سبب بھ ھو بيان ڪيو وڃي ٿو تھ ملڪ ۾ جھڙي طرح ڊالر ذخيرو ٿي رھيا ھئا ۽ جيئن ڊالر افغانستان اسمگل ٿي رھيا ھئا، انتظامي اپائن سبب ان ۾ گھٽتائي آئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ جيڪا مصنوعي واڌ آئي ھئي، اھا ڪجھھ گھٽ ٿي. جڏھن تھ ھن مھل بھ باقي شين جو قيمتون آسمان کي ڇھڻ لاءِ ھر ڏينھن وڌي رھيون آھن.
پاڪستان ۾ تازو پيٽرول جي اگھن ۾ جيڪو ھوشربا اضافو ٿيو، ان تھ ماڻھن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو ھو. ڇو تھ پيٽرول ھڪ اھڙي شيءَ آھي، جنھن جو ھڪ تھ تمام گھڻو استعمال آھي ۽ تمام گھڻين شين ۾ ان جي ضرورت پيش اچي ٿي ۽ ٻيو تھ پيٽرول جي قيمت ۾ ٿيندڙ اضافو ھر شيءَ کي متاثر ڪري ٿو. ان لاءِ ماڻھن ۾ تمام گھڻي تڪليف جھڙي صورتحال ھئي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ جيڪا حڪومت موجود ھجڻ گھرجي، ان جو عدم وجود بھ تمام وڏي مشڪل پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيو. پاڪستان ۾ ھن مھل ھڪ نگران حڪومت آھي. اھا نگران حڪومت عوام مٿان ڪو بھ بار وجھڻ ۾ ڪو عار محسوس نھ ٿي ڪري. ڇو تھ نگران سيٽ اپ کي ماڻھن کان ووٽ نھ گھرڻا آھن. انھن کي عوام جي حمايت جي ڪا ضرورت نھ آھي. اھا صرف ۽ صرف انھن جو چيو مڃڻ لاءِ تيار رھي ٿي، جن انھن کي آندو آھي. ان حالت ۾ پاڪستان تمام گھڻن مسئلن کي منھن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آيل آھي.
اھا حقيقت آھي تھ ملڪ ۾ ھن وقت تائين ھر پارٽيءَ ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ٿورو گھڻو وقت اقتدار ۾ گذاريو آھي پر مجموعي طور تي ھڪ بھ حڪومت اھڙي نھ رھي آھي، جنھن ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بھتري آندي ھجي. چوڻ لاءِ تھ ڪو ڪجھھ بھ چئي سگھي ٿو پر ڏسڻ وارا تھ سڀ ڪجھھ ڏسن ٿا. ھن مھل تائين ھڪ بھ حڪومت اھڙي نھ آھي، جنھن عوام کي وڏي حد تائين رليف ڏنو ھجي. اسان وٽ پنھنجي فرض کي پورو نھ ڪرڻ واري روش جو شڪار سياسي پارٽيون سدائين ٻين مٿان الزام ھڻي پنھنجو گريبان بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن. ملڪ ۾ جيڪا بھ حڪومت آئي آھي، ان معاشي خرابيءَ جو الزام پوئين حڪومت مٿان ھنيو آھي ۽ اھو چيو آھي تھ ان جي حصي ۾ پوئين حڪومت خزانو خالي ڇڏيو آھي ۽ مٿان مسئلن جا انبار آھن. جيڪڏھن انھن کي معلوم بھ ھو تھ ملڪ جي معاشي صورتحال اھڙي آھي تھ پوءِ انھن کي ڪنھن چيو ھو تھ ھو اقتدار ۾ اچن؟ ھو جيترو وقت بھ رھن ٿا، انھن جي لائيف اسٽائل ۾ تر جيترو فرق بھ نھ ٿو اچي. ھو پنھنجي پروٽوڪول ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪمي ڪرڻ لاءِ تيار نھ ٿا ٿين. انھن جي ڪوشش رھي ٿي تھ ھو نھ صرف پوري عياشيءَ سان اقتدار ۾ رھن پر ھو اقتدار ۾ ھجڻ جي حوالي سان ھڪ ڏينھن تي بھ سمجھوتو نھ ٿا ڪن. انھن جي ڪوشش رھي ٿي تھ جيڪڏھن انھن جي اقتدار ۾ ڪجھھ ڪلاڪن جو بھ اضافو ٿي سگھي تھ ھو اھي ڪلاڪ بھ حاصل ڪرڻ لاءِ ھر قسم سمجھوتو ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا. ان حوالي سان انھن کي اخلاقي طور تي اھو چوڻ جو ڪو حق نھ ٿو ھجي تھ اقتدار انھن جي لاءِ گلن جي سيج نھ پر ڪنڊن جو بسترو آھي. جيڪڏھن انھن کي معلوم بھ ھو تھ اقتدار ۾ اچي ھو ڪجھھ بھتر ڪري نھ سگھندا تھ پوءِ آخر انھن کي اقتدار ۾ اچڻ جو ايترو گھڻو جنون ڇو ھو؟
پاڪستان جو نالي واريون ۽ وڏيون سياسي پارٽيون جڏھن بھ اقتدار ۾ آيون آھن تھ انھن جي مٿان ڪرپشن جا الزام لڳا آھن. ھن وقت بھ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مٿان ڪرپشن جا ڪيس موجود آھن. ٻيو تھ ٺھيو پر جيڪڏھن پاڻ کي ٻين کان بنھھ مختلف ۽ معتبر سمجھڻ وارو تحريڪ انصاف جو سربراھه بھ ھن وقت جيل ۾ موجود آھي. اھو ممڪن آھي ۽ شايد اھا حقيقت آھي تھ ھن جي مٿان جيڪا آزمائش آھي، ان جو سبب سياسي ٿي سگھي ٿو پر ھن مٿان بھ ڪرپشن جا الزام آھن. ھن جي حوالي سان جيڪو ڪجھھ ميڊيا معرفت پيش ٿيندو رھيو آھي، ان ۾ ممڪن آھي تھ مڪمل سچائي نھ ھجي پر اھا حقيقت آھي تھ تحريڪ انصاف بھ اھا دعويٰ ڪري نھ ٿي سگھي تھ ھن اقتدار ۾ ھوندي پنھنجو دامن ڪرپشن کان مڪمل طور تي محفوظ رکيو ھو.
پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ سياست ھڪ ٻئي کان مڪمل طور تي الڳ ٿي نھ سگھيا آھن ۽ نھ وري ھن مھل تائين ان قسم جو ڪو امڪان بھ پيدا ٿيو آھي. پر پوءِ بھ ملڪ کي ھلائڻ جي لاءِ انھن پارٽين جي ضرورت پيش اچي ٿي. ڇو تھ آخر ملڪ ۾ سياسي پارٽين جي معرفت حڪومت جو ھلڻ بھ تھ ڏيکارڻو پوي ٿو. جيڪڏھن ملڪ کي آئين ۽ قانون جي مطابق ھلائڻو آھي تھ پوءِ ملڪ ۾ نالي ماتر ئي سھي پر جمھوريت تھ قائم ڪرڻي پوندي ۽ اھا بھ حقيقت آھي تھ جمھوريت جو بنياد چونڊن جي مٿان رکيل ھوندو آھي. جيڪڏھن ملڪ ۾ چونڊون نھ ٿينديون تھ پوءِ جمھوريت جي عمارت ڇا تعمير ٿي سگھندي؟
پاڪستان جون سياسي پارٽيون ملڪ کي معاشي مصيبت مان ڪڍي سگھن يا نھ پر انھن کي اقتدار ۾ اچڻ جو جيڪو جنون ھوندو آھي، ان جي ھڪ جھلڪ اسان پي ڊي ايم جي انھن ڌرين ۾ ڏسي ورتي، جيڪي اقتدار مان نڪرندي ئي اقتدار ۾اچڻ لاءِ بنھھ بيچين بڻجي ويون ۽ انھن جي ڪوشش ھئي تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان وري اقتدار ۾ اچن ۽ انھن کي اھو بھ معلوم ھو تھ چونڊن کان سواءِ انھن کي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪا بھ واٽ نھ ٿي ملي سگھي. ان ڪري مسلم ليگ ن تھ ڪنھن مام سبب وقتي طور تي ماٺ ھئي پر پيپلز پارٽيءَ پوري زور سان شور مچائڻ شروع ڪيو تھ انھن کي جلدي اليڪشن جو شيڊيول گھرجي ۽ ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران احتجاج ڪرڻ ۽ عدالت ۾ وڃڻ جا اعلان بھ ٿي رھيا ھئا. جڏھن تھ ھن وقت جڏھن اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جو اعلان ٿي ويو آھي تھ پيپلز پارٽي وڌيڪ وقت وڃائڻ بدران پنھنجو فوڪس چونڊن تي رکندي ۽ ساڳي طرح سان مسلم ليگ ن بھ پنجاب ۾ پنھنجو وڃائجي ويل اعتماد حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي. ان سلسلي ۾ ھن وقت ميان نواز شريف بھ واپس ورڻ لاءِ سنجيدهھ نظر اچي ٿو. ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ٿيڻ شرط جيڪو چھچٽو پيدا ٿيو آھي، ان ۾ عام ماڻھن جي اميدن جو ڪيترو عمل دخل آھي؟ ڇا پاڪستان جو عوام اھا اميد رکي سگھي ٿو تھ ھن کي ايندڙ چونڊن کان پوءِ جياپي جو حق حاصل ٿي سگھندو؟ اھو ھڪ جذباتي نھ پر سياسي سوال آھي ۽ ان سوال جو جواب ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملڪ جي انھن سياسي پارٽين کي پابند ھجڻ گھرجي، جيڪي اليڪشن ۾ حصو وٺنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button