ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام لاءِ مهانگي بجلي استعمال ڪرڻ ناممڪن

Editorial

پاڪستان ۾ عام استعمال جون شيون ڪيتريون مهانگيون ۽ عوام جي پهچ کان پري آهن، ان جو اندازو ملڪ جي اشرافيا ۽ حڪمران طبقي کي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ڪيتري به مهانگائي هجي، معاشي حالتون ڪيتريون به خراب هجن پر ان تي ڪو فرق نٿو پوي، نتيجي ۾ عوام لاءِ ئي سڀئي مسئلا هوندا آهن. ڪجهه عرصي ۾ پيٽرول ۽ بجليءَ جون قيمتون جيتري تيزيءَ سان وڌيون آهن، ان سان عوام تي بنهه گهڻو معاشي بار پيو آهي، پر ملڪ جا حڪمران رڳو مهانگائي ڪرڻ جا جواز ٻڌائيندا رهندا آهن. هڪ ڀيرو وري بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ هاڻ بجلي مهانگي ڪئي ويندي. 101 کان 200 يونٽن جي استعمال تي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ في يونٽ 35 رپيا 92 پئسا ڪئي ويندي. سيپٽمبر کان پوءِ معمولي رليف ڏنو ويندو. نئين ايڊجسٽمينٽ 3 بدران 2 رپيا 40 في يونٽ رهجي ويندي. نيپرا ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 28 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي آهي. نيپرا جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ڪراچي سوڌو سڄي ملڪ جي واهپيدارن تي لاڳو ڪئي ويندي. عوام لاءِ اڳ ئي بجلي ايتري مهانگي آهي جو پگهادار طبقو پنهنجي پگهار مان هڪ وڏو حصو بجليءَ جي بلن جي مد ۾ جمع ڪرائيندو آهي. جنهن ڪري هن لاءِ ٻيا خرچ پورا ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڇا ڪنهن ملڪ ۾ ايتري مهانگي بجلي عوام کي ڏني وڃي ٿي، جيتري هن ملڪ ۾ آهي. جڏهن ته لوڊشيڊنگ الڳ آهي. شهرن ۾ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي پوءِ به ايترا ڳرا بل موڪليا ويندا آهن. اهڙي ريت ماڻهو رڳو بل ڀرڻ ۾ پورا هوندا آهن. ڇا حڪمرانن کي اهو اندازو ڪونهي ته ملڪ ۾ عوام لاءِ آمدنيءَ جا ذريعا پڻ سسي ويا آهن ۽ انهن وٽ ڪي روزگار جا ذريعا به ڪونه آهن. تنهن هوندي به عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار وڌو پيو وڃي.
ملڪ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جا متبادل طريقا موجود آهن پر ڪابه حڪومت انهن کي اپنائڻ لاءِ تيار ڪونهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي مهانگائي بجلي ڏئي، ان کان ڳرا بل وصول ڪيا ٿا وڃن. تازو بجلي چوري خلاف آپريشن شروع ڪري عوام جي بجليءَ جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويا. جيڪڏهن بجلي ايتري مهانگي هوندي ته ظاهر آهي ته اها چوري به ٿيندي. جڏهن ته عام ماڻهو بجلي ايتري چوري نٿو ڪري جيتري صنعتن ۽ ڪارخانن جا مالڪ چوري ڪن ٿا پر تنهن هوندي به عوام جي بجلي ڪٽي ان کي عذاب ۾ وڌو ويندو آهي. جنهن رفتار سان بجلي مهانگي ڪئي پئي وڃي، ايندڙ وقت ۾ به عوام لاءِ بجلي ٻارڻ ئي مسئلو ٿي ويندو ۽ اهو ڪڏهن به بجلي استعمال نه ڪري سگهندو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪو ٿورو گهڻو رليف بجليءَ جي مد ۾ عوام کي مليل هو، اهو واپس وٺڻ ناجائزي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجلي پيدا ڪرڻ جا متبادل ذريعا استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي، ان تان معاشي بار گهٽجي سگهي. ڇاڪاڻ ته عوام جي حالت بنهه گهڻي خراب آهي. سو حڪمرانن کي پنهنجون شاهه خرچيون ختم ڪري عوام جو سوچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button