عالمي صفبنديون سدائين تبديل ٿينديون رهيون آهن. نون سياسي اتحادن جو ٺهڻ ۽ ٽٽڻ عالمي سياست ۾ ٿيندو رهندو آهي. جيئن ته دنيا ۾ ڪئين اهڙا مسئلا آهن، جيڪي فقط ڳالهين سان حل ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري اهي ملڪ جيڪي جنگ جدل کان پاڻ کي پاسيرو رکڻ چاهين ٿا، سي ڳالهين جو رستو اختيار ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته جنگ کان پوءِ به ڳالهيون ٿينديون آهن. جنگ وسيلي ڪو علائقو ته فتح ڪري سگهجي ٿو پر مسئلو حل نٿو ڪري سگهجي.
دنيا ۾ عرب ملڪ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو طئي ڪري چڪا آهن. انهن اهو ڄاڻي ورتو آهي ته هاڻ مذهبي منجن گهڻي وقت تائين نٿو کپائي سگهجي ۽ نه ئي ان مان ڪا ڪمائي ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري جديد دنيا جنهن پاسي وڃي رهي آهي، ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلجي ته بهتر آهي. اها بهتري نه رڳو عرب ملڪن کي معاشي طور سگهارو ڪندي پر انهن کي جديد دنيا سان گڏجڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪندي. ان جديد سفر جو اهم ترين مثال سعودي عرب آهي. اهو عرب دنيا ۾ اهڙُو ملڪ بڻجڻ وارو آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ يورپ جو ڏيک ڏيندو ۽ ماڻهن لاءِ سعودي عرب وڃڻ جو بهانو حج يا عمرو ڪرڻ نه پر مزو ماڻڻ توڙي سير ۽ تفريح هوندو. پر عرب ملڪ رڳو وندر ۽ سير تفريح تائين پنهنجو پاڻ کي محدود نٿا رکي سگهن. اهي ماضي ۾ جيڪي تڪرار رهيا آهن، انهن کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ته جيئن دنيا سان انهن جا لاڳاپا بهتر ٿين. عام ماڻهوءَ لاءِ دنيا جا بند ٿيل رستا کلي پون ۽ دنيا جنهن جديد ڏسا ڏانهن وڌي رهي آهي، ان ۾ به اهي پنهنجو حصو پتو شامل ڪري سگهن. تنهنڪري ڪجهه وقت کان اسرائيل کي قبول ڪرڻ واري ڳالهه هلي رهي آهي ۽ اسرائيل کي عرب ملڪن پاران قبولڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.
ان حوالي سان اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي عرب پاران اسرائيل کي مڃڻ کان پوءِ ڇهه کان ست ٻيا مسلم ملڪ آهن جيڪي اسرائيل کي قبولي وٺندا. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سعودي عرب کان پوءِ اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪندڙ ڇهن يا ستن ملڪن جو تعلق ايشيا ۽ آفريڪا سان آهي.
ايلي ڪوهن جو چوڻ هو ته اسرائيلي وزير اعظم بن يامين نيتن ياهو جي اها ڳالهه بنهه اهم آهي ته سعودي عرب سان امن جو مطلب مسلم دنيا ۽ يهودين وچ ۾ امن آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن اهڙن ڪئين مسلم ملڪن جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي آهي، جن ملڪن ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪو رسمي تعلق ڪونهي. ڪوهن گذريل مهيني انڪشاف ڪيو هو ته هن جي ليبيا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي آهي، جنهن تي نجلا منقوش کي نه فقط عهدو پر ملڪ ڇڏڻو پئجي ويو هو ۽ هاڻ ان خلاف جاچ ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي سعودي عرب جي قومي ڏينهن تي اسرائيل پاران مبارڪ باد پيش ڪئي وئي. اسرائيل جو چوڻ هو ته اهو سعودي شاهه، سعودي حڪومت ۽ عوام کي مخلصاڻي مبارڪ باد پيش ڪري ٿو. اسرائيلي پرڏيهي وزارت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته سعودي عرب جي وچ ۾ امن، سهڪار ۽ سٺي پاڙيسري جو ماحول قائم ٿئي.
ڪجهه وقت کان اسرائيل جي حوالي سان ان قسم جون خبرون عام جام اچي رهيون آهن، جنهنڪري نه رڳو اسرائيل کي قبولڻ وارو معاملو بنهه گهڻو گرم آهي پر اهي ملڪ جيڪي هيترن ڏهاڪن کان اسرائيل جي وجود کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئا، اهي هاڻ ان تي اتفاق ڪري رهيا آهن ته اسرائيل جهڙُو ملڪ (جيڪو هڪ تڪراري رياست آهي) حقيقت بڻجي چڪو آهي. تنهنڪري ان کي سياسي طور قبول ڪرڻ وارو معاملو هاڻي بنهه گهڻو سنجيده ٿي ويو آهي. جيڪڏهن عرب ملڪ اسرائيل کي قبول ڪري وٺن ٿا ته اهو سياسي طور هڪ وڏو معرڪو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جا امڪان گهٽ هئا ته ڪڏهن اسرائيل کي عرب ملڪ يا خاص طور تي مسلمان ملڪ قبول ڪندا.
هن سڄي سياسي معاملي جو پويان جو بائيڊن جي انتظاميا وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جو گذريل پنجن سالن کان پنهنجي سماجي جي زندگيءَ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ ۽ ان کان پوءِ شهزادي محمد بن سلمان جو سڄي عرب دنيا کي تبديل ڪرڻ وارو خواب به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن کي اسين اسرائيل جي قبوليت جي صورت ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ ڏسنداسين. اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايشيا جي ڪجهه ملڪن جو ذڪر آهي، اهو ايشيا جو ملڪ پاڪستان ڪونهي. ان کان سواءِ ڪجهه سال اڳ عرب نيوز ۾ به اهڙي خبر ڇپي هئي، جنهن ۾ ملائشيا به اسرائيل کي قبولڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايشيا جو اهڙو ڪهڙُو ملڪ آهي، جيڪو اسرائيل کي قبول ڪرڻ وارو آهي.
پاڪستان ان معاملي تي هڪ ڀيرو وري پنهنجو ساڳيو موقف ورجايو آهي. پر ضروري ڪونهي ته اهو ساڳيو موقف وڏي وقت تائين هلندو رهي يا ان ۾ ڪا نرمي نه اچي.
عرب ۽ اسرائيل پنهنجو پاڻ کي سئوٽ ماسات سمجهن ٿا ۽ جيڪڏهن هنن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسرائيل جي وجود کي مڃي سياسي ۽ سفارتي معاملن کي اڳيان وڌائڻو آهي ته ان کان انهن ملڪن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر ملڪ کي اها آزادي آهي ته اهو پنهنجا لاڳاپا ڪنهن به ملڪ سان قائم ڪري يا ختم ڪري ڇڏي. سعودي عرب هڪ مسلم ملڪ آهي پر ان جا لاڳاپا پاڪستان بدران هندستان سان وڌيڪ بهتر آهن. تازو جي 20 ملڪن واري ٿيل اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ ڀارت وچ ۾ ملاقاتن جا جيڪي منظر نظر آيا، انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سعودي ۽ ڀارت هاڻ گهڻا ويجها ٿي چڪا آهن ۽ ثقافتي طور اهي هڪٻئي سان وڌيڪ ويجهڙايون اختيار ڪري رهيا آهن.
دنيا معاملن کي ڪيئن ڏسي ٿي، سياست ڪيئن ٿي ڪري ۽ ملڪن سان سفارتي لاڳاپا ڪيئن ٿي رکي، ان کان پاڪستان ڄڻ ته بي خبر آهي. تنهنڪري اهو نه رڳو عالمي سطح تي اڪيلائيءَ جو شڪار آهي پر اهي ملڪ جيڪي ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي ويجهو رهيا آهن، اهي به هاڻ پاڪستان کان پري ٿي چڪا آهن. تنهنڪري عالمي سطح تي جيڪي به نيون صفبنديون ٿيڻيون آهن، انهن ۾ پاڪستان ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي واڳ ڌڻين ڪڏهن اها گهٽي ڇڏي ئي ڪونهي جنهن وسيلي دنيا پاڪستان تي اعتبار ڪري ۽ ان سان لاڳاپا بهتر ڪري.
پاڪستان ڀلي اسرائيل کي قبول نه ڪري، اهو انهيءَ جو حق آهي پر ڇا پاڪستان ان معاملي تي ويچاري سگهي ٿو ته هو عرب دنيا سان لاڳاپن کي بهتر ڪري، انهن ملڪن سان سفارتي لاڳاپن کي بهتر ڪري، جتان ڪي نوان معاهدا ڪري عوام کي رليف ملي سگهي ۽ عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪري سگهجن.