پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ دبئي ۾ هئس، جتي يارن، دوستن، مٽن، مائٽن سان رابطي جو ذريعو فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ ئي هوندو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ جڏهن حفيظ ڪنڀر جي ڪتاب “جعفر جي نئين ڪهاڻي” جي ڇپجڻ جي پوسٽ ڏٺم ته خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿي. خوشي ان ڪري جو مان پاڻ کي انهن ماڻهن مان سمجهندو آهيان، جيڪي حفيظ ڪنڀر جي شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جا چاهيندڙ آهن. حفيظ ڪنڀر جتي رشتا جوڙڻ ۽ نڀائڻ جو ڪوڏيو آهي، اتي هڪ ئي وقت گهڻو لکندڙ، گهڻو پڙهندڙ ۽ تحرير توڙي تقرير جو ڌڻي به آهي.
حيرت ان ڪري جو ان ئي پوسٽ ۾ حفيظ ڪنڀر جي هڪ ڪهاڻي “سسي فس” جو ٽڪرو ڏنل هو: “هڪ ڀيرو پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ ۾ مون چيو ته “ڪامريڊ سرگئي اعتماتوف جيڪو ڪجھه چيو اهو صحيح آهي پر، جيڪو ڪامريڊ آندري مولوڪوف چيو آهي به سچ آهي.” اها منهنجي آخري گڏجاڻي ثابت ٿي، مون کي ٻئي ڏينهن پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو ته مون سان “اسان عظيم آهيون پارٽي” رابطا ڪيا، هن پارٽيءَ جي رهنما سان مليس ته هن مون اڳيان جيڪا تقرير ڪئي، ان جو مطلب اهو هو ته اسان سڀ عظيم آهيون، قديم آهيون ۽ هنن مون کي جتي اهو سيکاريو ته ڦيٿو اسان ايجاد ڪري دنيا کي ٽيڪنالاجيءَ جي رستي تي آندو، اتي اسان قديم تهذيب جا وارث آهيون. ان ڪري اسان عظيم آهيون قديم آهيون. آئون جلد ان پارٽيءَ جو وڏو رهنما ٿي ويس پر هڪ ڏينهن هن پارٽيءَ جي بهشت مان تڙجي نڪرڻو پيو ڇو ته مون هڪ تقرير ۾ چئي وڌو هو ته “ڪا به قوم ايتري حقير ناهي هوندي جيترو ٻي ڪا قوم ان کي حقير سمجهي ٿي ۽ ڪا به قوم ايتري عظيم ناهي هوندي جيترو هو خود کي عظيم سمجهي ٿي.” مون کي ان مهل ئي ڀاڪر ۾ ڀري بي عزتو ڪري اسٽيج تان لاٿو ويو. اسٽيج جي پويان پنڊال کان ٻاهر منهن ۾ ٺونشا هڻي پٺن تي جوتا ٿڏا هڻي ڀڄايو ويو.”
ان ٽڪري مان ايئن ٿي لڳو ته حفيظ ڪنڀر به “سنڌي ادب جي، موجوده وهندڙ گنگا مان شنان پاڻي ڪري، سڱ وڍائي وڇيرو ٿيو آهي.”
ان ڪري ڪنهن يار دوست معرفت ڪهاڻي ڪتاب پي ڊي ايف ۾ گهرائڻ ۽ پڙهڻ تان ارواح ئي کڄي ويو. هاڻ جڏهن ملڪ واپس آيس ته حسب روايت منهنجي هڪڙي ٻئي پياري رائيٽر دوست نور راهوجي فون ڪري، خوش خير آفيت سان گڏ ملڻ جو وقت مقرر ڪيو ۽ اچڻ وقت حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪٿا ۽ ڪهاڻين جو ڳٽڪو “جعفر جي نئين ڪهاڻي” به کنيو آيو. فرصت ملندي ئي پهرين، ڪهاڻي سسي فس پڙهڻ شروع ڪيم. جيئن جيئن ڪهاڻي پڙهندو ويس ته منهنجا خيال تبديل ٿيندا ويا ۽ دل ئي دل ۾ اهو پڪو پهھ ڪيم ته هن ڪهاڻي ڳٽڪي تي تبصرو لکندس.
منهنجي خيال ۾ هر سياسي جنگ خيالن جي جنگ هوندي آهي ۽ ادب هڪ تخليقي عمل هوندو آهي، جڏهن ته سماج اجتماعي تشڪيل ٿيندي آهي. اجتماعي ترتيب ۽ ترڪيب ۾ ادب شامل هوندو آهي، پر مڪمل طور تي سماجي عمل ناهي هوندو. ان جي پنهنجي ساخت، سڃاڻپ ۽ نتيجو هوندو آهي. ها، البت اها ڳالهھ به سمجهڻ ضروري آهي ته ادب ڪڏهن به سماج کان لاتعلق نه ٿو ٿي سگهي. سماجي مُحرڪ، تخليقڪار کي بنياد مهيا ڪندا آهن. فن تخليقي صلاحيت ٿيندو آهي، جنهن کي موضوع، واڌاري ۽ ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪندا آهن. موضوع ڪنهن به فن جو روح ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت تاريخ، سماج، فن، موضوع، اسلوب، جماليات ۽ هئيت پاڻ ۾ ملي گڏيل تخليقي ثمر بڻجي پوندا آهن. فن معنويت ۽ انساني بهتريءَ جي مقصدن کي کڻندو هلندو آهي. فن بي مقصد ناهي رهندو بلڪه زندگيءَ سان مربوط ٿيندو ويندو آهي.
اسان وٽ عام طور تي اهو درس ڏنو ويندو آهي ته “ادب اهو ٿيندو آهي جيڪو تاريخي خيالن کان مٿانهون هجي.” جڏهن ته فرانسيسي مصور ۽ مجسمي ساز ايمائل هينري ميٽسي (Emile Henri Matssi) جو چوڻ آهي ته “عظيم فن، هميشه ڪنهن تاريخي ڌارا جي پيرن جو گهرو نشان هوندو آهي. عظيم ادب اهو هوندو آهي، جنهن ۾ تاريخي ڌارا جي پيرن جا نقش تمام گهرا هجن.” (هلندڙ)