هنن سٽن لکڻ تائين جي جيڪا صورتحال آهي تنهن موجب ميان نواز شريف صاحب آڪٽوبر جي ايڪيهين تاريخ تي ملڪ واپس موٽي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هڪڙي راءِ اها به هئي ته هو في الحال ڪونه پيو اچي پر سندس پارٽيءَ جي اهم ۽ انتهائي ذميوار ماڻهن جا هن ڀيري تيوَر ڏسي لڳي ٿو ته ميان صاحب کين موٽڻ جي پڪ ڏيئي چڪو آهي ۽ اهڙي پڪ کي سومر واري ڏينهن (ن) ليگ جي اهم اڳواڻن جي هڪ اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان شهباز شريف ايڪيهين آڪٽوبر کي ملڪ جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن قرار ڏيئي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو. ڇو ته سندس پارٽيءَ جا سمورا اڳواڻ ۽ سندس ووٽر اها ڳالهه محسوس ڪري چڪا آهن ته جيڪڏهن اڃان به ميان صاحب موٽڻ ۾ دير ڪئي ته پوءِ سندن سياست کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ هاڻ نواز ليگ اهڙو نقصان برداشت نٿي ڪري سگهي. بهرحال پنهنجو اڄوڪو ليک ان تناظر ۾ آهي ته ميان صاحب واپس ڇو پيو اچي ۽ اڳيان کيس ڪهڙيون پڪ پڪاڻيون ڏنيون ويون آهن؟ اها ڳالهه پاڻ ان ڪري پيا ڪريون ته سموري جڳ جهان جي اها گڏيل راءِ رهي آهي ته نواز شريف اوستائين ملڪ واپس ايندو ئي ڪونه جيستائين کيس اها پڪ نه ڏياري وڃي ته حڪومت توهان کي ڏيون ٿا. ان جو مطلب ته ميان صاحب جي واپسي ان ڳالهه ڏانهن واضح اشارو آهي ته ملڪي اقتدار ۾ ميان صاحب هڪ ڀيرو وري ڀائيوار ٿيڻ وارو آهي.
ملڪي اقتدار ۾ ميان صاحب جي اڳوڻي ڀائيواري ملڪ ۽ عوام کي ڇا ڏنو ۽ ايندڙ اقتداري ڀائيواريءَ مان ڪهڙيون اميدون رکي ٿيون سگهجن؟ اهو سوال هن وقت سمورن سياسي توڙي صحافتي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي. هن ملڪ جا اهي سينيئر صحافي جيڪي ميان صاحب جي سموري سياسي اقتداري تاريخ ۾ ساڻس ويجها رهيا آهن، تن جون هن وقت جيڪي اڳڪٿيون ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون تن مان اهو واضح اشارو ملي ٿو ته ميان صاحب جي مخالفن لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن. اهو هيئن ته هن وقت کان ئي ڪجهه اهڙا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ته نه فقط ميان صاحب جي حڪومت اچڻ واري آهي پر نواز ليگ جي “فدائين” مخالفن جون اهڙيون فهرستون پڻ تيار ڪرڻ شروع ڏنيون آهن، جن فهرستن ۾ اهو طئي ڪيو ويندو ته ڪهڙي مخالف سان ڪيئن هلڻو آهي. اهڙن مخالفن ۾ نه فقط سياسي حلقن بلڪه اطلاعن موجب اڪثر ميڊيائي ادارن جي پڻ اُبتي ڳڻپ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
هاڻ جيڪڏهن اهي اطلاع سچا ٿا نڪرن ته پوءِ ان ڳالهه تي ٻه رايا ٿي سگهن ئي نٿا ته هي ملڪ جاري بحران کان ويتر وڏي ڀونڇال ۾ جڪڙجي ويندو. ڇاڪاڻ ته ملڪ اڄ جنهن سياسي معاشي زوال جي کاهي ۾ وڃي ٿو ڏينهان ڏينهن لهندو، سو سڀ ٿيو ئي انهي انتقام واري روش سبب آهي. عمران خان جي ناڪاميءَ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سبب هو جو ملڪي وهنوار کي بهتر ڪرڻ بدران هو رات ڏينهن ان ۾ رڌل رهيو ته اهڙو ڇا ڪجي، جو ميان نواز شريف ۽ زرداريءَ جي سياست سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي. پر ٿيو ڇا؟ ٿيو اهو جو نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ جي سياست ختم ٿيڻ بدران خود عمراني سياست جي ڪنڌ مٿان ڪاتي وهي وئي. تنهنڪري پاڻ ملڪي سياسي وهنوار جي انهن سمورين تلخين کي سامهون رکندي دعاڳو آهيون ته شال ميان صاحب جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڪجهه هلڪائي ٿئي ۽ هو انتقام کان پاسو ڪري اڳتي وڌي. جيڪڏهن ميان صاحب ايئن نه ڪيو ته سندس سياست کي ته سخت ڇيهو رسندو ئي رسندو پر ملڪ جون گهرو حالتون اهڙي چِڪڻ ۾ ڦاسي پونديون جتان نڪرڻ ۾ وري خبر ناهي گهڻا سال لڳن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ملڪ جا سمورا سنجيده ۽ سيبتا سياسي سماجي حلقا اها گڏيل راءِ سامهون رکي رهيا آهن ته ميان صاحب کي انتقام وٺڻ بدران پنهنجو سياسي ڍانچو وقت جي حساب سان گهربل نون رنگن سان فعال ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته شهباز شريف سومر واري پارٽي اجلاس ۾ به اها ئي ڳالهه ورجائي ته جيئن نواز ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ اسان بجليءَ جي بحران کي ختم ڪيو تيئن ايندڙ حڪومت اندر نواز شريف جي قيادت ۾ اسين ملڪ کي جاري معاشي بحران مان ڪڍنداسين. بهرحال هاڻ هن ملڪ جو عوام ان جو انتظار لازمي ڪندو ته ميان صاحب معاشي طور ڪيئن ٿو ملڪ جو ٻيڙو تاري!! سو اچو ته پاڻ به انتظار ڪريون.