ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

راجپوتانا اسپتال ۾ پيدا ٿيل بحران

Editorial-Article- Rashid Leghari

حيدرآباد ۾ ماضيءَ جي قديم هوٽلن جي خاتمي کانپو هاڻ قديمي شفا گهر به بند ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. حيدرآباد ۾ ڄامشورو روڊ تي ولي ڀائي راجپوتانا اسپتال ماضيءَ جي مشهور اسپتال رهي آهي. جتي روزانو ڪيترن ئي مريضن جو آپريشن ۽ علاج ڪري کين صحتياب ڪيو ويندو آهي. حيدرآباد جو مشهور سرجن حسين لغاري هن اسپتال سان ئي سلهاڙيل رهيو. ڊاڪٽر حسين لغاري جي لاڏاڻي کان اڳ ئي راجپوتانا اسپتال جو مالي بحران سامهون اچي چڪو هو. 2019ع ۾ ڪرونا وبا کانپو هي اسپتال ڊپٽي ڪمشنر جي نظرن جي ور به چڙهي وئي هئي. ٿيو ائين جو ڪرونا وبا دوران راجپوتا اسپتال ۾ انتظاميا طرفان ڪورنٽائين وارڊ قائم ڪيو ويو هو. جنهن دوران اسپتال انتظاميا ان وقت جي ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو کي خط لکي ڪرونا جا مريض داخل ڪرڻ جي مد ۾ 4 ڪروڙ رپيا في ادا ڪرڻ جو چيو هو. جنهن تي انتظاميا ڇرڪي پئي ته هي راجپوتانا ويلفيئر اسپتال طور رجسٽرڊ آهي. پو هنن ايتري رقم طلب ڇو ڪئي آهي. جنهن تي ڊي سي ڪاوڙجي حڪومت کي خط لکي آگاهي ڏني ته هن اسپتال جي 42 ايڪڙ 12 گهنٽن جي ليز رد ڪئي وڃي. هو فلاحي مقصدن لا اسپتال کي استعمال ڪرڻ بدران فلاحي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. اها زمين اسپتال ۽ مسجد جي مقصد لا ورتي وئي هئي، هاڻ اسپتال کي فلاحي بدران ڪمرشل بنيادن تي هلايو پيو وڃي. ڊي سي حيدرآباد ان وقت 4 ڪروڙ جي خرچ جا تفصيل به گهريا هئا.
راجپوتانا اسپتال کي اڳ ۾ واسا پڻ بلن جي مد ۾ نوٽيس ڏئي چڪي آهي. هن اسپتال کي هلائيندڙ سيٺ گوهر ۽ سندس ڀائرن جي هونئن به دلچسپي ختم ٿي چڪي آهي. هن اسپتال جو ڏيوالو وڏي عرصي کان نڪتل آهي. سيٺ گوهر ۽ سندس ڀائرن ٻئي ڪاروبار کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. سندن ساڳي اسپتال مان جي بهتر نموني هلي رهي آهي. حيدرآباد ۾ ساڳئي ڪاروباري ماڻهن جي فتح مل به اڳ ۾ بند ڪئي وئي هئي. جتي جي ورڪرن گوڙ پڻ شروع ڪيو هو. هن وقت چوٻول آهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو طرفان اسپتال تي قبضو ڪيو ويو آهي. جتي هوٽل ۽ ٻيا پلازه تعمير ڪيا ويندا. ساڳي ريت ڄام خان شورو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ترديد ڪندي لکيو ته راجپوتا اسپتال چيئرٽي اسپتال ئي آهي. ان کانسوا هتي ٻيو ڪجهه نٿو ٺهي سگهي. ٻئي طرف اهو بحث پڻ هليو آهي ته اسپتال جي ايراضي تي ڄام خان شوري مالڪيءَ جي دعوا ڪئي آهي. هن اسپتال جي زمين تي هڪ ملاح عورت به مالڪي جي دعوا ڪرڻ لا اڪثر احتجاج ڪندي هئي، سندس چوڻ هوندو هو ته هتي اسپتال سندس کاتي واري زمين تي ٺاهي وئي آهي. جيڪا خالي ڪرائي ڏني وڃي.
حيدرآباد ۾ راجپوتانا اسپتال ڪنهن سٺي ميڪنزم کانسوا ئي هلي رهي هئي، جتي ڪنهن عملي کانسوا ڊاڪٽر ئي پنهنجي طور اسپتال کي هلائي رهيا هئا. حيدرآباد شهر جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين مان ماڻهو هتي علاج لا پهچندا هئا. حيدرآباد ۾ راجپوتا اسپتال جي آس پاس هونئن به ڪجهه وڏا ميڊيڪل سينٽر تعمير ٿي چڪا آهن. هن اسپتال جي ڀرسان ڪجهه مفاصلي تي آغا خان اسپتال پڻ موجود آهي. ٻيو ته هي اسپتال قومي شاهراهه کان سان لڳ ئي آهي. هن اسپتال کي ٽراما سينٽر يا ڪنهن ايمرجنسي اسپتال ۾ تبديل ڪيو وڃي ته ها ويز تي ٿيندڙ حادثن جي زخمين جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. اسپتال جي چوطرف فوڊ مارڪيٽ به قائم ٿي چڪي آهي. جتي وڏا وڏا هوٽل ريسٽورنٽ ۽ کاڌي پيتي جا دڪان به نظر اچي رهيا آهن. هن اسپتال جي پٺيان با پاس وٽ هاشم اسپتال ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ان ڪري جيڪڏهن هن اسپتال کي ختم ڪيو ويو ته پو حيدرآباد ۾ هڪ ماضي جي بس ياد ئي رهجي ويندي. اسپتال جي زمين کي 55 سال اڳ ليز تي ورتو ويو. مٿي ذڪر ڪيل هوٽلن ۾ حيدرآباد فاران، فٽاز ختم ٿي چڪيون آهن. فاران هوٽل جي جا تي صوف جي نالي سان هڪ وڏو رهائشي ۽ ڪمرشل ٽاور تعمير ڪيو ويو آهي. پرڏيهي مهمان فاران هوٽل ۾ ئي رهڻ پسند ڪندا هئا. ڪو مهمان صحافي اچي پريس ڪلب تي نڪري ته پو هن هوٽل جا ڪشادا ڪمرا ئي مهمان خانو بڻجندا هئا. ان ڪري ماضي جي يادگيرين کي ڊاهڻ بدران بچائڻ لا حڪومت کي اکيون پٽڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button