ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جون معدنيات

Editorial-Article- Rauf Nizamani

سنڌ تيل، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن سان مالا مال آهي. تازو بيورو آف اسٽيٽسڪس سنڌ پاران سنڌ جي معدنيات جي حوالي سان هڪ رپورٽ Sindh Minerals Statistics 2021-22 شايع ڪئي وئي آهي. اها رپورٽ اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪئي آهي.
تاريخي طور سنڌ جي نو ضلعن مان ويهه معدنيات ملن ٿيون. ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعن کي معدنيات جي حوالي سان شاهوڪار سمجھيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪڍيل معدنيات جي پاڪستان جي ڪرنسيءَ ۾ قدر ۽ قيمت جي حوالي سان ترتيبوار پنج ضلعا ٿرپارڪر، ڄامشورو، ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو آهن. ان سلسلي ۾ هاڻي ڪراچي ٺٽي کان اڳتي وڌي ويو آهي.
گذريل مالي سال ۾ سنڌ مختلف ضلعن ۾ سورهن معدنيات پيدا ڪيون. معدنيات جي حوالي سان مختلف ضلعن جون ڌار ڌار خاصيتون آهن. مثال طور ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ ٺٽو ڪوئلي جي لحاظ کان شاهوڪار آهن. دادو مٽي، چن جو پٿر ۽ ڍنڍ جو لوڻ پيدا ڪري ٿو. حيدرآباد ضلعو معدنيات جي پيداوار جي لحاظ کان گھڻو شاهوڪار ناهي. گذريل سال هن چن جي پٿر ۽ فلر جي نالي ماتر پيداوار ڏني پر موجوده سال اها ٻڙي آهي. ڪوئلي کانسواءِ ڄامشورو ضلعي جي مک پيداوار چن جو پٿر، مٽي ۽ ريتي بجري آهن. خيرپور ضلعي ۾ چن جو پٿر به آهي جڏهن ته اهو واحد ضلعو آهي جتي فلر، ٽرونا ۽ ليٽيرائٽ جي پيداوار ٿئي ٿي. چن جي پٿر جي پيداوار ۾ ڪراچي ضلعي جو اڌ سيڪڙو کان وڌيڪ حصو آهي، جڏهن ته ڪراچي سنڌ ۾ بجريءَ جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. سکر ضلعي ۾ معدنيات جا محدود ذخيرا آهن. هتي بجري، چن جو پٿر ۽ عام مٽي ملي ٿي. موجوده سال ۾ اهو عام مٽي وارو اڪيلو ضلعو هو. سانگھڙ رڳو کپرو تعلقي ۾ ڍنڍ جو لوڻ پيدا ڪري ٿو. ٿرپارڪر ڪوئلي، چيني مٽي ۽ ڍنڍ جي لوڻ ڪري ڄاتو وڃي ٿو. اهو سنڌ ۾ گرينائٽ ۽ چيني مٽي پيدا ڪندڙ اڪيلو ۽ وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. ٺٽو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جتي سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ معدنيات آهن. هڪ لحاظ کان اهو ضلعو سنڌ جي سونهن آهي، جتي ڪيئي قدرتي نظارا آهن. هتي مٽي، ڪوئلو، لوهي معدنيات، چن جو پٿر، سنگ مرمر، مورم، سليڪا مٽي ۽ ريتي بجري ملن ٿا. هن ضلعي ۾ سنڌ جي سو سيڪڙو لوهي معدنيات، سنگ مرمر ۽ مورم جي پيداوار ٿئي ٿي.
2018-19ع ۾ معدنيات جي ماليت جو ڪل ڪاٿو هڪ ارب ستهٺ ڪروڙ رپيا لڳايو ويو هو جيڪو 2022-23ع ۾ اٽڪل ٽي ارب ڇهه ڪروڙ روپيا ٿي ويو. ان حوالي سان ٿرپارڪر ضلعو 2018-19ع ۾ پنجين نمبر تي هو جيڪو 2022-23ع ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو. ڄامشورو ضلعو اڳ به ٻئين نمبر تي هو ۽ هاڻي به ساڳئي نمبر تي آهي. ڪراچي پهرئين نمبر کان ٽئين نمبر تي، ٺٽو ٽئين نمبر کان چوٿين نمبر ۽ دادو چوٿين کان پنجين نمبر تي هليو ويو آهي. ٿرپارڪر جي حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته نه رڳو ان جي رينڪنگ ۾ سڌارو آيو آهي پر ان جي ماليت ۾ ڪيئي ڀيرا واڌارو ٿيو آهي. اها 2018-19ع ۾ رڳو پندرهن ڪروڙ هئي جيڪا 2022-23ع ۾ وڌي اٽڪل هڪ ارب اوڻيتاليهه ڪروڙ ٿي وئي. ممڪنه طور ان جو مک ڪارڻ ڪوئلي جي پيداوار آهي.
پهرين ڳالهه ته اها قدرت پاران عطا ڪيل دولت آهي. ساڳي ريت اها استعمال ڪرڻ سان وقت سان گڏ گھٽبي ۽ ختم ٿي ويندي. ان ڪري رڳو ان تي ڀاڙي نٿو سگھجي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان ڪري سگھجي ٿو ته تيل پيدا ڪندڙ گھڻا ملڪ هن وقت پنهنجي معيشت کي واپاري ۽ صنعتي لحاظ کان نوان رخ ۽ ڏسائون ڏئي رهيا آهن ته جيئن کين رڳو تيل تي نه ڀاڙڻو پئي.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته انهن معدنيات جو فائدو گھڻي ڀاڱي گھڻ قومي ڪمپنين ۽ حڪمران طبقن کي ٿو ملي، جڏهن ته عام ماڻهو ان کان محروم ٿو رهي. اها ڳالهه وڏن تيل پيدا ڪندڙ ۽ برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ به نظر اچي ٿي ۽ اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ به ان کي ڏسي سگھجي ٿو.
سنڌ جي معيشت جي حوالي سان بيورو آف اسٽيٽسڪس سنڌ وقت بوقت مختلف شعبن متعلق انگ اکر شايع ڪندي رهندي آهي. پنهنجي حدبندين جي باوجود اهو سنڌ تي تحقيق ڪندڙ محققن، ليکڪن، سياسي ڪارڪنن ۽ معيشت دانن لاءِ اهم مواد آهي جنهن مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button