ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سيراڻيءَ ۾ سارين جي واپارين جي هڪ هٽي

Editorial

سنڌ ۾ مافيائون خاص طور واپاري مافيائون ڪيتريون سرگرم آهن، ان جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن علائقي مان خبرون رپورٽ ٿينديون آهن. انهن مافيائن جي ڪري ننڍا آبادگار توڙي ننڍا واپاري لوڙيندا آهن، جڏهن ته منافعي خور پنهنجو منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اهڙي ريت ان سڄي جهان ۾ عوام پڻ ڀوڳيندو آهي. جڏهن به نوان فصل پچي تيار ٿيندا آهن ته انهن جي وڪري ۽ خريد جو معاملو سامهون ايندو آهي، پر جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ ويٺل واپاري هڪ هٽي ڪري اگهه ڪيرائي ڇڏين ته آبادگارن پاران خرچ ڪيل پئسو انهن کي واپس ڪونه ٿو ملي سگهي. تنهنڪري اهي سدائين سورن ۾ هوندا آهن.
سيراڻيءَ ۾ به هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي. سيراڻيءَ ۾ رائس ملن جي مالڪن ۽ واپارين جي هڪ هٽي سارين جا گهه 1500 رپيا ڪري ڇڏيو آهي. سارين جو بمپر فصل لهڻ کان پوءِ جڏهن اهو مارڪيٽ ۾ پهتو ته ان جو اگهه 4500 رپين مان گهٽائي 300 رپيا ڪيو ويو آهي. رائيس ملرز ۽ واپارين هڪ هٽي قائم ڪري في مڻ تي ٽي کان پنج ڪلو ناجائز ڪٽوتي شروع ڪري ڇڏي آهي. سارين جو اگهه گهٽائڻ ۽ 5 ڪلو تائين ڪٽوتي خلاف سامونڊي پٽي جي آبادگارن احتجاج پڻ ڪيو آهي. سندن چوڻ هو ته ظلم ڪندڙ مل مالڪن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي. آبادگار جڏهن فصل پوکيندا آهن ته اهي اها اميد ڪندا آهن ته کين مارڪيٽ مان فصل جو بهتر اگهه ملندو ۽ انهن جو خرچ ڪيل پئسو منافعي سوڌو نڪري ايندو پر جڏهن واپارين ۽ مل مالڪن جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي آهي ته انهن لاءِ اهو ڏکيو ٿي ويندو آهي ته اهي پنهنجو خرچ به ڪڍي سگهن. واپاري پنهنجي مرضيءَ سان اگهه گهٽائي ڇڏيندا آهن. جنهنڪري اهي مجبور ٿي گهٽ اگهه تي پنهنجون جنسون واپارين حوالي ڪندا آهن ۽ انهن جي وس ۾ رڳو احتجاج ڪرڻ هوندو آهي. پر ڇا خوراڪ کاتي ۽ انتظاميا کي اهڙن معاملن جي خبر ڪونهي ته ڪهڙي ريت مارڪيٽ ۾ هٿرادو جنسن جا اگهه ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو ويندو آهي ۽ اهي جڏهن پنهنجو حق گهرڻ جي ڳالهه ڪندا آهن ته کين ٻڌو به ڪونه ويندو آهي. سيراڻيءَ جا آبادگار سارين جي فصل تي جهڙي ريت واپارين هٿان بليڪ ميل ٿي رهيا آهن، اها ڳڻتي جوڳي آهي. جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي آباگارن سان جيڪي ويساهه گهاتيون ۽ ناانصافيون ٿي رهيون آهن، انهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي. انهن کي خوشحال ڪرڻ ته ٺهيو پر انهن کي بدحال ڪرڻ لاءِ هر قسم جون ڪوششُون ٿي رهيون آهن. سنڌ جو آبادگار اڳ ئي ڪيترن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان کان سواءِ ان سان جيڪي معاشي معاملا آهن، سي به ڪي بهتر ڪونه آهن، تنهنڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها مارڪيٽ ۾ موجود هڪ هٽي قائم ڪندڙ واپارين ۽ مل مالڪن خلاف ڪاررواائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪري ته جيئن سيراڻيءَ جي واپارين کي سندن حق ملي سگهي ۽ انهن جي معاشي حالت خراب نه ٿئي ۽ کين سارين جا سٺا پئسا ملي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button