زين سولنگي
خيرپور ضلعو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. ملڪي سياست ۾ هن شهر ۽ ضلعي جو هڪ منفرد ڪردار رهيو آهي. خيرپور ۾ هڪ ڳوٺ سمنگ وڏا به آهي. هاڻ ان ڳوٺ کي ميونسپل خيرپور مان ڪٽي، هڪ الڳ يوسي بگرو بنائي ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اهو ڳوٺ سدائين شهر جو حصو رهيو آهي. ان ڳوٺ ۾ ته ڪيترين ئي شخصيتن جنم ورتو، جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ محنت ڪئي ۽ نالو ڪمايو، پر ان ڳوٺ جي هڪ پورهيت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ماما محمد حاجن سمنگ، جنهن اهو نه ڄاتو هو ته هڪ پورهيت مزدور جو پٽ ٿي اڳتي هلي نه فقط سمنگ وڏا جو تعارف بڻبو، پنهنجي ڳوٺ جو تعارف سنڌ سطح تي پهچائيندو، هرگز نه. پر چوندا آهن ڪنهن جي محنت رائيگان نه ويندي آهي يا زندگيءَ ۾ جيڪو خواب ڏسبو آهي ۽ ان جي حاصلات لاءِ محنت ۽ رٿابندي ڪبي ته پوءِ ضرور ان ۾ ڪاميابيون ملنديون آهن.
ماما محمد حاجن سمنگ ڳوٺ کان پيادل اچي خيرپور ۾ مزدوري به ڪندو هو، ٻئي پاسي تعليم به پرائيندو هو. هن جي ذهن ۾ خواب هو ته کيس اڳتي هلي صحافت ۾ اچڻو آهي. ان شعبي ۾ نالو ڪمائڻو آهي. ان لاءِ محنت، تعليم، سياسي ۽ سماجي شعور هجڻ ضروري آهي. جڏهن ماما محمد حاجن سمنگ صحافت کي جوائن ڪيو ته خيرپور جي صحافت ۾ وڏا وڏا نالا موجود هئا. انهن جي وچ ۾ هڪ غريب جو ٻار اچي جيڪو مقام ماڻيو اهو ساراهه جوڳو آهي. ماما کي رپورٽنگ ۾ ڪمال جو تجربو هو. جڏهن اڃان انٽرنيٽ عام نه ٿيو هو، پني تي رپورٽ لکي فيڪس ڪبي هئي ته ماما جن پنهنجون رپورٽون پاڻ اڇي پني تي سهڻي لکت ۾ لکي فيڪس ڪندو هو ته ادارا پريشان ٿي ويندا هئا. سندس خبر کي ليڊ ڪري شايع ڪندا هئا. ماما حاجن سمنگ جي آفيس ٻين صحافين لاءِ هڪ گهاٽي بڙ جي ڇانوَ طور ڪتب ايندي هئي. سڄي خيرپور ضلعي ۾ ڪنهن به صحافيءَ سان ڪو ڏک سور پيش ايندو هو ته ماما سڀ کان اڳ ان سان رابطي ۾ ايندو هو، ان جي مدد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ ماما تازو ئي آپريشن ڪرائي ڳوٺ پهتو هو، انهن ڏينهن ۾ گمبٽ جي هڪ نوجوان صحافيءَ سان ڪو مسئلو پيش آيو، ماما ان جي مسئلي حل لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. آئون خيرپور پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ خيرپور ويس. صبح جو سوير وين مان شاهه حسين خيرپور پهتس ته مون ڏٺو ته ماما محمد حاجن سمنگ شاهه حسين نيشنل هاءِ وي تي هڪ موڙي تي ويٺو هو. وڏي جذبي ۽ خوداعتماديءَ سان اتي ويٺو هو. جيئن ئي ماما جي مون تي نظر پئي ته اٿي بيهي رهيو. چيائين بابا زين ايترو سوير ڪيئن؟ مون چيو ماما ڪو ضروري ڪم آهي. مون پڇيومانس ته ماما اوهان تازوئي آپريشن ڪرائي آيا آهيو، اڪيلا هتي. ڪيڏانهن ٿا وڃو. ماما چيو ته گمبٽ دوست صحافي جي مسئلي جي حل لاءِ نڪتو آهيان. مون وري چيو مانس ته ماما اڪيلا ٿا وڃو. محمد عاقل يا راشد کي وٺي وڃو ها. بابا اهي ننڊ پيا هئا آئون نڪري آيس. ڪا ڳالهه ناهي، رب بهتر ڪندو. ماما جا جذبا جوان لڳا. خود اعتمادي سان چيائين. ماما محمد حاجن سمنگ جي جاکوڙي ۽ متحرڪ شخصيت کي ڀٽائي سرڪار جو هي شعر منسوب ڪندس ته:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين
هڪ ڀيري منهنجو اسسٽنٽ ڪمشنر صوڀوديرو ۾ ڪم پئجي ويو. ماما کي فون ڪيم. چيائين ته ڪو مسئلو ئي ناهي، ڪم ٿي ويو ٻيو حڪم. صبح خيرپور آفيس اچجو ته ملي وٺنداسين. اهو اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ۾ رهندو هو. آئون به ٻئي ڏينهن صبح جو خيرپور پهتس ۽ ماما سان مليس. مون کان ڪم جي نوعيت ئي نه پڇيائين رڳو چيائين ته گاڏي تي ويهو ته هلون. گاڏي ۾ويهڻ کان پو پڇيائين ڪهڙو ڪم آهي، سڌو هلي ان اي سي جي گهر جي در تي پهتاسون. ان سان ملي منهنجو ڪم ڪرائي ڏنائين.
ماما محمد حاجن سمنگ جهڙُو بهادر، ڄاڻو صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسان کان اوچتو موڪلائي ويو. سندس جنازي نماز ۾ سنڌ مان سندس دوستن اچي شرڪت ڪئي. ماما محمد حاجن سمنگ جو آخري آرامگاهه خيرپور جي تاريخي ڳوٺ وڏا سمنگ جي درگاهه محمد شاهه بخاري ۾ آهي. ماما جن جي مغفرت لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون.