اسرائيل – فلسطين جنگ جي هاڻوڪي صورتحال بنهه گهڻي خراب ٿي چڪي آهي. دنيا هن وقت جنگ جو هڪ ڀوائتو روپ ڏسي رهي آهي، جتي معصوم فلسطينين جو رت وهايو پيو وڃي ۽ سڄي دنيا مان فلسطين جي حق ۾ آواز اٿي رهيا آهن پر عملي طور ڪجهه به ڪونه پيو ٿئي. جڏهن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل پاران ٿيندڙ ڪارروايون ڪا اڄ جي ڳالهه ڪونهي پر اهي ڏهاڪن کان جاري آهن ۽ انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ معصوم ٻار به بارود جو کاڄ ٿي ويندا آهن. اسرائيل جنگي ڪاررواين ۾ انهن فلسطينين کي به نشانو بڻائيندو آهي، جيڪي هٿين خالي آهن يا جن وٽ پنهنجو سر لڪائڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونه هوندو آهي.
هن وقت فلسطين ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. غزه تي اسرائيلي حملن سبب مارجي ويل فلسطينين جو انگ هڪ هزار کان چڙهي ويو آهي. خليجي ميڊيا موجب اسرائيل پاران فلسطين جي ڏاکڻي شهر خان يونس تي هوائي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 16 فلسطيني مارجي ويا. جڏهن ته مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل هوائي فوج ال آغا ۽ ابو صاحب خاندان جي گهرن تي بنا ڪنهن چتاءُ جي بم ڪيرايا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ موجود 8 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. ان کان سواءِ فلسطيني صحت جي وزارت جو چوڻ آهي ته مارجي ويل فلسطينين جو انگ هڪ هزار 55 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 هزار کان وڌيڪ شهري زخمي آهن. هن صورتحال ۾ فلسطين جي ڪا به جاءِ محفوظ ڪونه رهي آهي. رضاڪارن ۽ ٻي عملي کي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. جڏهن ته اهو پڻ چيو پيو وڃي ته اسرائيل پاران غزه جي علائقن ۾ فاسفورس بم استعمال ڪيا پيا وڃن. حماس جي حملن کان پوءِ اسرائيل بمباري تيز ٿي وئي آهي. جڏهن ته اتي بجلي، پاڻي ۽ ٻارن مڪمل طور بند ڪيا ويا آهن. هن صورتحال ۾ جڏهن اسرائيل فلسطين مٿان بم وسائي رهيو آهي ته فسلطين جو عوام ان عالمي ضمير ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جيڪو هن وقت تائين رڳو بيان بازي ڪري رهيو آهي ۽ جنهن وٽ فلسطين جي عوام کي بچائڻ لاءِ ڪو اهڙو لائحه عمل ڪونهي، جنهن وسيلي اهو فلسطين واسين کي اسرائيل جي بمباري ۽ فوج ڪشيءَ کان بچائي سگهجي. هاڻوڪي صورتحال وقت گذرڻ سان اڃا به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسرائيلي فوج انهن ملڪن جي ڳالهه به ڪونه مڃي رهي آهي، جيڪي کيس جنگبندي ڪرڻ جو چئي رهيا آهن.
هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل قومون ڪو تحرڪ وٺن، ان کان سواءِ اهي ملڪ جيڪي اسرائيل جا اتحادي آهن، اهي ڪا ٽياڪڙي ڪري اسرائيلي حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته جنگ ڪنهن به ريت اسرائيل – فلسطين مسئلي جو حل ڪونهي، ڇاڪاڻ ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ به ڳالهيون ئي ڪيون وينديون آهن. تنهنڪري اهي ڳالهيون جنگبندي ڪري ترت شروع ڪيون وڃن. فلسطين جو مسئلو ڪنهن به ريت جنگي جنون سان حل نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري عالمي قوتون هن معاملي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن فلسطين واسين جو رت گهٽين ۾ نه وهي.