ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست ۾ گندن بيضن جو ذڪر

Editorial-Article- Ghulam Hussain

مون کي چڱي ريت ياد آهي ته پ پ پ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان اڳ يا ٿورو پوءِ مورو ۾ هڪ تقريب سان مخاطب ٿيندي ڪجهه هن ريت چيو هو ته گندن بيضن ڪپتان جو رخ ڪيو آهي، جيڪي ٽڪيٽون نه ملڻ ڪري اتان مايوس ٿي ٻيهر سندن ڏانهن ورندا پر اسان کين قبول نه ڪنداسين ۽ اهڙن ماڻهن جي سياست ۾ ڪا به جاءِ ناهي هوندي. اڳوڻي صدر نالن وٺڻ بنا جن به گندن بيضن جو ذڪر ڪيو هو سي پ پ پ جي دور حڪومت ۾ خاص ۽ ناليوارا اڳواڻ سڃاتا ويندا هئا ۽ پارٽي ڇڏڻ جي ڪجهه لمحن کان اڳ به پارٽيءَ جا سرگرم اڳواڻ هئا. آصف علي زرداريءَ جي اها ڳالهه بلڪه اڳڪٿي هن وقت صحيح ثابت ٿي چڪي آهي. انهن گندن بيضن موٽ کاڌي آهي يا کارائي وئي آهي جو اهي هڪ ڀيرو وري پ پ پ، (ن) ليگ نئين پارٽي پاڪستان استحڪام ۽ پسند جي ٻين پارٽين ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن يا ڪري چڪا آهن۔
هر سياسي دور ۾ گندن بيضن جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ هر سياسي پارٽي باخبر رهندي به گندن بيضن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ وقت اچڻ تي کين پنهنجو ڪيو آهي. اهي گندا بيضا ئي هوندا آهن جيڪي سياسي پارٽين کي سگهارو ڪندا آهن ۽ هر سياسي دور ۾ انهن گندن بيضن جي ئي شموليت رهندي آهي، جيڪي ڪو غيبي اشارو ملڻ تي غيب ڏانهن ئي رخ ڪندا آهن ۽ غيب جي پٺڀرائي ۾ عوام مٿان حڪومت ڪندا آهن ۽ جڏهن سندن مقصد پورا ٿي ويندا آهن پوءِ اٺ وانگر پاسو بدلائڻ سندن روزمره جو ڪم ۽ عادت هوندي آهي.
ملڪ جي سياست ۽ ملڪي حڪومتن ۾ جيڪو به گند پيدا ٿئي ٿو، اهو اهڙن ئي گندن بيضن ۽ لوٽن جي منفي ڪردار سبب پيدا ٿئي ٿو، جيڪي سياسي فائدا وٺڻ خاطر پارٽيون بدلائيندا رهن ٿا. حقيقت اها آهي ته ڪير به ڪو گندو بيضو يا لوٽو ناهي پر سياسي قيادت جا رويا ئي ڪجهه اهڙا هوندا آهن، جن جي ڪري ئي سياست ۾ گندن بيضن ۽ لوٽن پيدا ٿيڻ جو رواج پئجي چڪو آهي، جن جي ڪري ملڪ سياسي توڙي بدعنوانين جي بحرانن جي ور چڙهي ٿو جنهن سان ملڪ کي سياسي توڙي جمهوري طور ڪمزور ٿيو. 9 مئي وارا واقعا به گندن بيضن ۽ لوٽائي سياست جو تسلسل هئا، جيڪي نه ٿيڻ گهرجن ها ۽ انهن واقعن کي سياسي ڌريون ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش پيون ڪن، جنهن سان هڪ ڀيرو وري گندن بيضن ۽ لوٽن ۾ ساهه پئجي چڪو آهي، جن جي گهڻائي استحڪام پارٽي پاڪستان ڏانهن هلي وئي آهي. اهي به خبرون آهن ته پ پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ به ڪنهن حد تائين اندروني اختلافات آهن جن مان ڪجهه اڳواڻ هن ڀيري آزاد چونڊون وڙهندا يا وري ڪنهن نئين پارٽي يا اتحاد جو رخ ڪندا۔ شاهد خاقان عباسيءَ کي به نئين پارٽي وجود ۾ آڻڻ جو اشارو ملي چڪو آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي عوامي ۽ اصولن واري سياست ڪرڻ گهرجي ته جيئن نه گندا بيضا پيدا ٿين ۽ نه وري انهن جو انهي حد تائين ڦهلاءُ رهي جو پاناما ليڪس, وڪي ليڪس ۽ سائفر جهڙا اسڪينڊل منظرعام تي اچن عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿئي. ملڪ جي حڪومتي ۽ سياسي قيادت عدالتن اندر گهلجي ۽ ملڪ جون جمهوري ۽ سياسي پاڙون کوکليون ٿينديون رهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي پارٽيون جيڪي جمهوري ۽ عوامي هجڻ جون دعوائون ڪري رهيون آهن، تن کي پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي پارٽين مان گندن بيضن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي نه وري الزام هيٺ آيل گندن بيضن کي ٻيهر پنهنجن پارٽين ۾ تحفظ ڏيڻ گهرجي۔ گهٽ ۾ گهٽ پ پ پ سربراهه آصف علي زرداري ڪجهه سال اڳ مورو ۾ ڏنل پنهنجي بيان جو مان رکي جنهن سان پارٽي مستحڪم ٿي سگهندي. هاڻ اهو وقت ناهي رهيو جو ڪير لوٽو يا گندو بيضو ٻيهر ساڳي پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي ۽ ڪيترو به ڪرپٽ ۽ بدعنوان هجي ته سندس دلي آجيان ڪجي ۽ پارٽي ڇڏي ته ان کي گندي بيضي جي لقب سان نوازيو وڃي. ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ئي هر سياسي پارٽي پنهنجي پنهنجي سطح تي گندن بيضن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ته ايندڙ سرڪار مستحڪم ۽ حقيقي جمهوريت جو ڏيک ڏئي سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button