ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رولو ڪتن جي ويڪسين واري مهم

Editorial-Article- Rashid Leghari

دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ جانورن جو گهڻُو خيال رکيو ويندو آهي. اهي جانور به ان ماڻهوءَ سان وفادار ٿي هلندا آهن. پاڪستان ۾ شروع کان ئي عام جانورن جي ڀيٽ ۾ ڪتن سان ڪو سٺو ورتاءُ ڪونه رکيو ويو آهي. هتي ڪتن کي مارڻ، ڪتن کي ڇتو ڪرڻ، پٿر هڻڻ عام رهيو آهي. هتي ڪي اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي ڪتن کي مارڻ جي حق ۾ بلڪل ئي ناهن. ان جو وڏو مثال حيدرآباد جي لطيف آباد هڪ ماڻهو آهي، جيڪو رات جي وقت موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آٽو ڀان روڊ ۽ ٻين رستن تي رولو ڪتن کي کاڌو کارائي ٿو. ان وقت 20 کان وڌيڪ رولو ڪتا سندس ڀر ۾ ويٺل هوندا آهن. ٻيو ڄامشورو ۾ بابا رمز علي وٽ ڪتن جا ولر ويٺا هوندا هئا، هو هنن جو گهڻو خيال به رکندو هو. هو ڪتن جي معاملي ۾ گهڻو محتاط به رهندو هو. هن جي وڃڻ پڄاڻان ان رولو ڪتن جي ڪير ڪيترو خيال رکندو هوندو. ان جي ڪنهن به اڃا سار نه لڌي آهي.
رولو ڪتن کي مارڻ بدران اينٽي ريبيز ٽڪا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن رولو ڪتن کي ڇتي ٿيڻ کان بچائڻ لا مارڻ جو سلسلو بند ڪندي رولو ڪتن کي ويڪسين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد شهر ۾ 5 هزار ڪتن کي اينٽي ريبيز جا ٽڪا لڳايا ويندا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد لائيو اسٽاڪ ۽ ايڇ ايم سي وچ ۾ هڪ ايم او يو پڻ سائن ڪيو ويندو. حيدرآباد ۾ رولو ڪتن کي مارڻ بدران ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شوري جي نگراني ۾ اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ، ڊاڪٽرن ۽ ٻين عملدارن کان پڻ راءِ ورتي وئي هئي. جنهن ۾ چيو ويو ته دنيا ۾ ڪتن کي مارڻ تي بندش لاڳو آهي، ان ڪري هتي ڪتن کي مارڻ سان دنيا ۾ سٺو پيغام نه ويندو.
دنيا ۾ جانورن سان پيار ڪيو ويندو آهي. ڪتن کي مارڻ بدران ويڪسين ڪئي وڃي. ميئر حيدرآباد چيو آهي ته کيس ٻڌايو وڃي ته ڪتن جي اينٽي ريبيز ويڪسين ڪيتري جي ملندي. جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته ويڪسين ساڍا 3 سئو تائين ملي سگهندي. جيڪا جانورن جي اسپتالن جي يونٽن ۾ رکي ويندي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ 9 مهينن دوران ساڍا 4 هزار ماڻهن کي ڪتن چڪ هنيو آهي. هاڻ ماڻهن بدران ڪتن کي ويڪسين ڪئي ويندي، جنهن سان ڪتن ۾ ريبيز پيدا نه ٿيندا. ان لا پهرين مرحلي ۾ 5 هزار ڪتن جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ سيد صابر علي شاهه ملاقات دوران ٻڌايو ته بلديا طرفان گهٽين ۾ رهندڙ رولو ڪتن کي ويڪسين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اسان وٽ ڪتن کي ويسڪين ڪرڻ لا جانورن جي اسپتالن ۾ سينٽر پڻ موجود آهن. جتي جانورن جا ماهر ڊاڪٽر به آهن. جنهن لا ايڇ ايم سي سان ايم او يو جلد سائن ڪيو ويندو. جڏهن پهرين مرحلي ۾ 5 هزار ڪتن کي ٽڪا لڳايا ويندا. جن کي وري گاڏين ۾ کڻي ٽنڊو محمد خان ۾ قائم لائيو اسٽاڪ جي ڪيٽل فارم تي منتقل ڪيو ويندو.
حيدرآباد ۾ ان رولو ڪتن کان بچائڻ کان اڳ ۾ ڪراچيءَ ۾ انڊس اسپتال ۾ اينٽي ريبيز سينٽر قائم ٿيل آهي. جتي ڪتن کي مارڻ بدران ويڪسين ڪئي ويندي آهي. ويڪسين ٿيل ڪتن کي ڳلي ۾ پٽو لڳايو ويندو آهي. جنهن جي اها نشاني هوندي آهي ته هن ڪتي کي نه ماريو وڃي. روڊن تي پڻ گاڏيون حادثن کان به پاسو ڪن. اينٽي ريبيز جا ٽڪا لڳڻ کان پو اهي ڪتا ماڻهن کي ڏاڙهين نٿا، ڪتي جي جسم ۾ ريبيز جو وائرس نه هوندو آهي. هن وقت ڪراچيءَ جي علائقي ابراهيم حيدريءَ ۾ ڪتن کي ويڪسين ڪرڻ لا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. جتي ويڪسين ٿيل ڪتن کي رکيو ويندو آهي. انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب ته ابراهيم حيدريءَ ۾ هاڻ ڪير به ڪتن کي ماري نٿو. اتي ويڪسين ٿيل ڪتا گهمندا رهن ٿا. ان ڪري حيدرآباد ۾ ڪتن کي ويڪسين هڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ماڻهن ۾ ڪتن کي نه مارڻ جو شعور به اجاگر ٿيندو. حڪومت ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهوءَ کي جيڪا ويڪسين لڳائي ٿي. ان جي خفي کان به ماڻهو محفوظ رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button